بلاگنئون

علم جي روشني ڦهلائڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ٻه هستيون، سسٽر زيف ۽ تنوير احمد

پوري دنيا جديد تعليم جي وسيلي عوام لاءِ بهتر، آرامده معاشرو اڏي رهي آهي. پنهنجي ملڪ کي به ترقي لاءِ جديد تعليم جي ضرورت آهي. بهتر تعليم ئي ڪنهن سماج جي ترقيءَ جو بنياد آهي ۽ اها ترقيءَ جا رستا کولي ٿي ۽ ڳولهي ٿي. مرڪزي ۽ صوبائي سرڪارون جيتوڻيڪ اربين رپيا تعليم تي خرچ ڪري رهيون آهن، پر سالياني بجيٽ جو اهو تمام ننڍو حصو آهي، جنهن سان ملڪ ۾ جديد ۽ سائنسي تعليم ڏيڻ ۾ مشڪلات پيش اچن ٿيون. تعليم جي اهميت کي ڄاڻندڙ ملڪ پنهنجي بجيٽ جو چڱو حصو تعليم لاءِ رکن ٿيون. ترقي يافته ملڪ ناروي، آسٽريليا ۽ برطانيا پنهنجي بجيٽ مان وڏو حصو تعليم تي خرچ ڪن ٿيون. ائين به آهي ته ترقي پذير ملڪ چلي به تعليم تي وڌيڪ خرچ ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. اسان وٽ حالت اها آهي جو اسين تعليم جي شعبي لاءِ هڪ ته بجيٽ ۾ حصو ئي گهٽ ٿا رکون، مٿان وري ذيادتي اها آهي ته اهي پئسا به رشوتي ڪلچر جي نظر ٿيو وڃن ۽ ٻارن کي جيڪا تعليم ملي پئي اها به جديد دور جي تقاضائن مطابق نه آهي. جنهن ڪري ملڪ تعليم جي شعبي ۾ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪرڻ بجاءِ تنزلي طرف وڃي رهيو آهي. سنڌ جي صورتحال اها آهي جو سنڌ يونيورسٽي ۾ انٽري ٽيسٽ ۾ ويٺل هزارين ٻارن مان صرف 4 هزار ٻارن پاسنگ مارڪون کنيون آهن. هاڻي سيٽون بچي پيون آهن، ان لاءِ چيو ٿو وڃي ته پاسنگ مارڪون 20 سيڪڙو ڪيون وينديون. اهو آهي سنڌ جي تعليم جو حال، پر اهڙي اونداهي ماحول ۾ ڪجهه روشن ستارا به آهن، جيڪي ضرورتمندن کي رستو ڏيکاري رهيا آهن. انهن روشن ستارن جي فهرست ۾ رفعت عارف عرف سسٽر زيف ۽ تنوير احمد جا نالا پڻ شامل آهن. رفعت عارف کي گلوبل ٽيچر ايوارڊ مليو آهي، اها مڃتا سندس تعليم سان وابستگي جو اظهار آهي. گوجرانوالا جي ٻهراڙي جي هڪ عام عورت جنهن 1997 ۾ ننڍڙو پرائيويٽ اسڪول کولي تعليم جو شعور پکيڙڻ شروع ڪيو. نومبر 2023 ۾ کيس مڃتا طور اهو ايوارڊ مليو آهي. ان سان گڏ کيس هڪ ملين ڊالر جي خطير رقم پڻ ملي آهي، جيڪا هن کي مرحليوار ڪارڪردگي جي بنياد تي ڏني ويندي. اتي ٻيو نالو تنوير احمد جو آهي، جنهن پنهنجي محنت سان ڪمايل سرمائي مان اڍائي ارب رپيا پاڪستان جي هائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) کي ڏنا آهن، جيئن اهي ضرورتمند ۽ هوشيار ٻارن جي جديد تعليم لاءِ اسڪالرشپ جي روپ ۾ انهن کي ڏين. جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي (I.T)، آرٽيفيشل انٽيليجنس (A.I) جهڙي جديد تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي اوليت ڏني ويندي. تنوير احمد جي تعليم جي سلسلي ۾ ڪيل مدد متعلق ڳالهه ڪجي ته هن اها وڏي رقم ملڪ جي هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي ڏني آهي ته جيئن انهي جي انتظام هيٺ تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگردن جي اسڪالرشپ لاءِ خرچ ڪئي وڃي، جن ۾ ملڪ جي عام عوام جا ٻار تعليم پرائن ٿا. ملڪ تڏهن ترقي ڪندو جڏهن شاگردن کي جديد تعليم ڏني ويندي. پوري دنيا آرٽيفيشل انٽيليجنس تي ۽ آئي.ٽي تي گهڻو خرچ ڪري رهي آهي ۽ A.I ۽ I.T جي تعليم کانسواءِ شاگرد جو مستقبل جي دنيا ۾ ڪوبه ڪردار ڪونه رهندو. سسٽر زيف پنهنجي حياتي تعليم ڏيڻ ۾ وقف ڪري ڇڏي آهي. سيالڪوٽ ڄائو تنوير احمد هن وقت آمريڪا جو سرمائيڪار آهي، پر جڏهن پاڻ شروع ۾ آمريڪا ويو ته هن اتي زندگي هڪ هوٽل ۾ بئرو ٿي شروع ڪئي هئي. هو پاڻ کي ۽ پاڻ جهڙن ٻين پاڪستانين کي ملڪ جو مقروض سمجهي ٿو. هو چاهي ٿو ته ڪمايل پئسن مان ڪجهه ملڪ جي ڀلائي لاءِ خرچ ٿئي. اهڙن ماڻهن جي تعريف ٿيڻ کپي، ملڪ جا اصل هيرو اهي آهن. اسان صرف هٿ ٺوڪيا هيرو ٺاهيا آهن. اهي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ هجن يا سياست جي ميدان ۾. انهن عوام جي زندگيءَ ۾ ڪابه بهتري نه آندي آهي. بلڪه عوام کي بهتري جي دڳ کان هٽائي انهيءَ دڳ تي آندو آهي، جنهن دڳ جو خاتمو انڌي کاهيءَ تي ٿئي ٿو. انهن هٿ ٺوڪيل هيروز ماڻهن کي جوڙڻ بدران ورهايو آهي. جنهن جو نتيجو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. دنيا ۾ هميشه ٻئي قوتون موجود رهيون آهن، نيڪي ۽ بديءَ جون قوتون، پر اسين اهو چڱي طرح ڄاڻو ٿا ته نيڪي فتحياب ٿي آهي، علم فتحياب ٿيو آهي ۽ علم ۽ تعليم انساني سماج ۾ معلومات جو هڪ نئون جهان کڻي آئي آهي. علم کانسواءِ انسان جي ترقي جو سفر ناممڪن آهي. موجود زماني ۾ جيئن ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل تعليم سڄي دنيا جي تعليمي ادارن ۾ بنيادي ضرورت بڻجي وئي آهي ۽ گهڻا ئي عمل هاڻي آن لائن آهن. سڄي دنيا جا صنعتي ۽ واپاري ادارا زراعت ۽ بينڪنگ، وڻج ۽ واپار انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيلجنس کانسواءِ هلي نه ٿو سگهي. اسانجي انهن ٻنهي اهم انسانن تعليم جي ميدان ۾ اميدن ڀريا ڪم ڪيا آهن. هڪ شخصيت تعليمي ادارو هلايو آهي ۽ هڪ شخص ملڪي تعليم لاءِ، ۽ اها به انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي شعبن لاءِ وڏي رقم ڏني آهي ته جيئن اسانجا نوجوان شاگرد I.T ۽ A.I ۾ اڳڀرا ٿي علم حاصل ڪن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ اڳڀرائي ۾ حصو وٺن.
اسانجي هيروز سسٽر زيف ۽ تنوير احمد جي مهرباني جن تعليمي شعبي کي مدنظر رکيو آهي، انهن ملڪ کي اميد جي روشني ڏني آهي، جهالت پري ٿي ويندي، اونداهه کٽي پوندي، ته پوءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته آگاهي جي پرهه پري ڪونهي. تعليم ۽ ترقيءَ جو سج ضرور اڀرندو اهو اسان سڀني جو يقين آهي.