بلاگنئون

آئيني فيصلن لاءِ آئين جي اهميت کي سمجهڻو پوندو

مخصوص سيٽن جي باري ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ هلندڙ ڪارروائي ۾ جڏهن چيف جسٽس اهي ريمارڪس ڏنا ته اسين آئين جا پابند آهيون، ملڪ کي آئين جي ذريعي هلايو ويندو.
ان وقت هڪ جج صاحب جيڪو سندس پاسي ۾ ويٺو هو، ان چيو ته هن وقت تائين ڪهڙو ملڪ آئين تحت هلندو رهيو آهي؟ اهي ريمارڪس ٻڌڻ کانپوءِ ايئن محسوس ٿئي ٿو ته آئيني عهدن تي ويٺل ماڻهو غير آئيني آهن، هو چاهين ٿا ته پنهنجي مرضيءَ مطابق فيصلا ڪن ۽ آئين کي ٿڏي ڇڏين. ائين ئي ماضيءَ ۾ ٿيندو رهيو آهي، نظريهءِ ضرورت کي آئين کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ وارا به اهڙي ئي قسم جا غير آئيني ماڻهو هئا ۽ پوءِ ملڪ جي صورتحال جيڪا اڄ نظر اچي ٿي، جنهن ۾ نه سياسي استحڪام آهي، نه معاشي، نه سماجي استحڪام آهي، نه اخلاقي ۽ نه ئي آئيني استحڪام آهي. غير آئيني ۽ غير قانوني عملن جي ڪري پاڪستان ته ڇا، پر دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ استحڪام نٿو اچي سگهي. اسين به ڀوڳنا ڀوڳي رهيا آهيون. ڇو جو اسين ڪنهن به غلطيءَ کي درست ڪرڻ بدران اهو چئي ان غلطي کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهيون ته هن کان پهرين به هڪ ٻي ڌر اهڙي قسم جي غلطي ڪري چڪي آهي ته پوءِ درستگي ڪڏهن ٿيندي؟ ڇو ته منهنجي غلطيءَ کان پهرين اهڙي غلطي ٿي چڪي آهي، انهيءَ جي ڪري منهنجي انهيءَ غلطي کي پڻ جائز سمجهيو وڃي ته ڇا اها غلطي غلطي نه رهندي؟ ڇا اهو دليل قابل قبول ٿي سگهي ٿو؟ ائين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي ته ٻه غلط ڳالهيون گڏجي هڪ صحيح ڳالهه جوڙين. غلط غلط هوندو آهي غير آئيني غير آئيني عمل هوندو آهي، جيڪڏهن ڪلهه اوهان ايئن غلطيون ڪيون آهن ۽ ملڪ سان اهڙي قسم جو مذاق ڪيو آهي جنهن جي ڪري ملڪ هن حالت تي پهتو آهي. وري به اوهين چاهيو ٿا ته اهڙي قسم جون غلطيون مستقبل ۾ پڻ ٿينديون رهن ۽ ملڪ جي صورتحال جهنگ جهڙي هجي جتي آئين ۽ قانون نه هجي جنهن کي ڪوبه موقع پرست ماڻهو ائين چئي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڦٽي ڪري ڇڏي ته آئين ڇا ٿيندو آهي؟ اوهان پنهنجا من پسند فيصلا ڪندا رهو. سڌارو تڏهن ايندو جڏهن اوهان ماضيءَ جي ڪيل غلطين تي پشيمان ٿيندا ۽ پنهنجي حال کي بهتر بنائڻ لاءِ آئين ۽ قانون جي دائري ۾ ان مطابق ذميواريون ادا ڪندا رهندا ۽ فيصلا ڏيندا رهندا. هي اهو ئي ڪيس آهي جيڪو سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن جي ڪوٽا وٺڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ پشاور جي آيل هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف پٽيشن داخل ڪئي آهي. اهو به واضح ڪريون ته سني اتحاد ڪائونسل اهڙي انتها پسند مذهبي سياسي پارٽي آهي جنهن جي منشور ۾ اهو پڻ لکيل آهي ته سندس ميمبر صرف مسلمان ٿي سگهي ٿو. ڪوبه پاڪستاني جيڪو غير مسلم هوندو اهو سندن ميمبر نه ٿي سگهندو. ڇا پاڪستان جي اقليتن کي پاڪستان جو آئين ٻئي نمبر جو شهري سمجهي ٿو؟ ڇا اهي اڇوت آهن جو اهي هڪ سياسي پارٽيءَ جا ميمبر نٿا ٿي سگهن. سياسي پارٽين ۾ ته هڪ ئي اصول آهي ته سندن ميمبر ڪوبه بالغ عمر وارو پاڪستاني ٿي سگهي ٿو. ڇو ته پاڪستان ۾ جتي مسلمان رهن ٿا اتي سک، عيسائي، هندو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اقليتون رهن ٿيون. اسان جي قومي جهنڊي ۾ پڻ اڇو رنگ اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو. عجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته سني اتحاد ڪائونسل پي ٽي آءِ جي روپ ۾ سامهون آئي آهي، انهيءَ پي ٽي آءِ ۾ شوزف ڪنول جهڙيون عورتون پڻ شامل آهن. ڇا هاڻي شوزف ڪنول کي سني اتحاد ڪائونسل ۾ ميمبر طور قبول ڪيو ويندو؟ مفروضي هيٺ ڳالهه ڪريون جيڪڏهن سني اتحاد ڪائونسل کي عورتن جون مخصوص سيٽون ملن ته پوءِ اقليتن جي سيٽن جو ڇا ٿيندو؟ ملڪ جي عوام کي آئين بنيادي حق ڏئي ٿو، ملڪ کي آئين هيٺ هلايو ويندو ته ملڪ ترقي ڪندو ۽ جيڪڏهن غير آئيني طور تي هلندو ته اهو ئي حال ٿيندو جيڪو هينئر نظر اچي رهيو آهي.
هاڻي اسان جي ساڃاهه وند پاڪستانيءَ کي جيڪي طاقتور جاين تي ويٺل آهن جن جي فيصلن سان پاڪستان جي تقدير سنوارجي به سگهي ٿي ۽ تباهه ٿي ٿي سگهي ٿي، انهن سڀني کي گڏجي فيصلو ڪرڻو آهي ته انهن کي ڪهڙي بنياد تي فيصلا ڪرڻا آهن.