بلاگنئون

بنياد پرست گروھ ۽ وچ اوڀر جا ملڪ

آمريڪا ۾ 9/11 جي حملن کانپوءِ زايونسٽ ۽ سيهوني قوتن جو مسلم سماجن جي لاءِ هڪ نفرت آميز سلسلو شروع ٿي ويو هو ۽ ان هدف کي نظر ۾ رکندي انهن قوتن اها خفيه مهم جوڙي ۽ اهي ان حرفت ۾ سڦل ٿي ويا ۽ دنيا مسلمانن کي ٽيڏي اک سان ڏسڻ شروع ڪيو. غير مسلم ملڪن ان ڳالھ کي عاميانه ڪري ڇڏيو ته طالبان جيڪڏهن دهشتگرد آهن ته مطلب ته سڀ مسلمان ئي دهشتگرد آهن ۽ ٿي سگهن ٿا، پر ائين ناهي. جي ڀلا ائين آهي ته پوءِ جارج ڊبليو بش (جونيئر) باراڪ اوباما، بل ڪلنٽن، ڊونلڊ ٽرمپ ۽ هاڻي جوبائيڊن به وڏا دهشتگرد آهن جن لکين مسلمان جيڪي ايران، عراق، ڪوويت، بحرين، لبيا، شام، لبنان، اردن، افغانستان، پاڪستان ۽ هاڻي فلسطين ۽ بشمول ڪشمير ۾ بي سبب ماريا آهن (جيڪو سلسلو جاري آهي) انهن جو ڏوھ انهن غير مسلم ليڊرن تي آهي، اهي سڀ خوني آهن، اهي سڀ گنهگار آهن، جو انهن بي سبب مسلمان رڳو ان ڪري ماريا ته جيئن مسلمانن جي تبليغي حس ختم ڪري سگهجي ۽ اهو به سمجهن پيا ته مسلمان ڪجھ نه ڪري سگهندا ۽ ان ڪري انهن هڪ نه کٽندڙ سياسي ۽ مذهبي نفرتن جو سلسلو شروع ڪيو.
وچ اوڀر جا ملڪ ان ڏس ۾ آمريڪي غضب جو گهڻا شڪار رهيا، جن ۾ اهڙيون تنظيمون اڀري آيون، جيڪي ڪڏهن ڪنهن جي سوچ ۾ به نه هيون. آمريڪي سي آءِ اي جهڙيون شاطر ايجنسيون انهن ملڪن ۾ سڌو سنئون لهي آيون، جيڪي ملڪ شيعا مسلڪ جا هئا، اتي اهڙيون بنياد پرست سُني تنظيمون جوڙيون ويون، جن انهن شيعا رياستن جون ننڊون حرام ڪيون ۽ جيڪي سني رياستون هيون اتي شيعا ويڙهاڪ تنظيمون جوڙي ملڪن جون حڪومتون اونڌيون ڪري ويهي رهيا. سالن کان هلندڙ شهنشاهيت به انهن تنظيمن جي آڏو ڊهي پَٽِ پئجي ويون. ڇاڪاڻ ته سي آءِ اي اهو سمجهيو ته القاعده ۽ انهن جهڙين تنظيمن جي نظرياتي پاڙ مذهبي تڪرارن ۾ ئي لڪل آهي، ۽ دنيا جي ان مسلم حصي ۾ موجود هڪ بنيادي مذهبي سوچ هئي، جنهن کي سي آءِ اي استعمال ڪري پنهنجا مقصد پورا ڪيا. ڇو جو ان کانپوءِ ايندڙ “عرب بهار” جهڙا انقلاب به عرب خطي ۾ جمهوري تبديلي آڻڻ ۾ وڏي حد تائين ناڪام ٿي ويا. ان بعد خليجي بادشاھن اها ڪوشش ڪئي ته اهي انھن بي سبب تبديلين کي آڻڻ ۾ ڪا رڪاوٽ بڻجن ان ڪري ان سموري نظام کي لوڏي ڇڏيو ۽ بغاوتون اڀري آيون ۽ مسلسل انهن عرب ملڪن سميت ٻين اسلامي ملڪن ۾ اينديون رهن ٿيون، ان ڪري ايجنسيون ان طريقي سان ماڻهن ۾ ويهي ڪم ڪن ٿيون، ان طرز جي حرفت کي لوڪل ماڻهو پنهنجن مقصدن جي ڪاميابي سمجهن ٿا. اهي سمجهن ٿا ان طريقي سان ئي شيون حل ٿي سگهن ٿيون ۽ اهي ملڪ انهن بنيادي مسئلن مان ٻاهر نڪري ايندا، جن جي ڪيترن کي اميد ھئي ته اهو جمهوري عمل ائين ھلندو رهندو.
هونئن وچ اوڀر ۾ بادشاهتن طرفان تصور ڪيل ۽ مقرر ڪيل تبديليءَ جي مالي ۽ سياسي قيمت گهٽ هئي، پر ان جو اثر تمام وڏو نظر آيو، جنهن سموري مسلم سماجن کي تبديل ڪري ڇڏيو. ڪيترن ئي ماڻهن جو اندازو هو ته سعودي عرب ۾ جاري اعتدال يا مذهبي سڌارا ۽ اسرائيل ۽ اماراتين جي وچ ۾ “ابراهيمي معاهدو” مسلم سماجن ۾ انهن جي بنياد پرست گروهن جو مقابلو ڪندو ۽ انهن جي ان بنيادي عربي، عجمي ۽ اسلامي نظريي کي ڪمزور ڪندو، جيڪي ڊگهي عرصي کان خليج رياستن جي مالي ۽ سياسي مدد تي ڀاڙي رهيو آهي. جيتوڻيڪ اهڙي دعويٰ ۾ تجرباتي ثبوتن جي اڃان کوٽ آهي، پر “تبديلي جي عمل” جي رفتار ۽ نتيجو ان جي تصديق کي آسان بڻائي ٿو ڇڏي. وچ اوڀر جا سياسي تشدد وارا واقعا پاڪستان جي نظرياتي ۽ سياسي رجحانن تي اثر انداز ٿين ٿا ۽ افغانستان ۾ طالبان جي اڀار تي به اثر انداز آهن، ايران ۾ سياسي تبديلين ۽ هندستان ۾ فرقيواراڻي نفرت جي اڀار بابت به ڪم ڪن ٿا، پر اتي ٻيون بيروني قوتون ۽ رياست جو رد عمل آهستي آهستي مسلم ملڪن جي سماجي سياسي ۽ نظرياتي نقطهءِ نظر کي تبديل ڪري رهيو آهي. اها تبديلي جنهن کي ظاهر ٿيڻ ۾ وقت لڳندو، اهو نه رڳو مذهبي سوچ کي نئين سر جوڙيندو، پر مسلم سماج ۾ انتها پسنديءَ جي مستقبل جي رجحانن جو به تعين ڪندو. هينئر تائين غير رياستي عملدار، مذهبي گروھ ۽ اقتداري اشرافيا خطي ۾ ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ اهي پنهنجي سمجهه آهر پنهنجي حڪمت عملي جوڙي رهيا آهن. نار جي خطي تي پاڪستان جو وڌندڙ مالي انحصار نه رڳو ان جي جيو پوليٽيڪل ۽ اسٽريٽجڪ معاملن تي اثر انداز ٿيندو، پر ان سان گڏ انهن مذهبي گروهن لاءِ رياست جو رويو به متاثر ٿيندو، جيڪي وچ اوڀر جي ملڪن خاص ڪري سعودي عرب سان پنهنجي ويجهن فرقيواراڻه لاڳاپن تي ٻڌل آهن.
شروعاتي طور سعودي عرب پاڪستان ۾ قدامت پسند ۽ ديو بند مذهبي گروهن لاءِ هڪ وڏو چئلينج کڻي آيو هو، جن کي راتو رات پنهنجو رويو بدلائڻ مشڪل نظر آيو هو. ڇو ته ملڪ اندر 20 کان وڌيڪ مذهبي گروھ خليجي رياستن جي حمايت ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، ان کان علاوه پرتشدد ديوبند فرقيوار گروهن جو انهن سان اتحاد آهي. ڪجھ گروھ ڪوشش ڪري رهيا آهن ته انهن تبديلين کي ترتيب ڏيڻ لاءِ خليجي ملڪن مان پنهنجي مالي امداد برقرار رکڻ لاءِ ڪجھ مزاحمت ڪن ۽ متبادل پرڏيهي فنڊنگ جي ذريعن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪن يا انهن جي مقامي سپورٽ کي وڌائين. هڪ عرصي دوران پاڪستاني رياست به ڪجھ ويڙهاڪن ۽ بنياد پرست مذهبي گروهن جي حوالي سان پنهنجو رويو تبديل ڪيو هو، جن کي ڪڏهن رياستي ادارن جي سرپرستي حاصل هئي. رياست ٻاهرين دٻائن ۽ خاص ڪري “ايف اي ٽي ايف” جي سختين کانپوءِ پنهنجو رويو تبديل ڪيو، جن بين الاقوامي گروهن پاڪستان کي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پابندي مڙهيل جماعت الدعوة پاڪستان ۾ هڪ وڏو مذهبي گروھ آهي ۽ ٻيو هٿياربند ونگ لشڪر طيبه به آهي، جيڪو مسلسل تبديليءَ مان گذري رهيو آهي. اها تبديلي اهو سمجهڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي ته وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ تبديليون ۽ رياستي ادارن جون پاليسيون گڏجي پاڪستان ۾ بنيادي قوتن کي ڪيئن متاثر ڪري سگهن ٿيون. هن وقت ملڪي مذهبي تنظيمن اندر ٽي مختلف نظريا جاري آهن. پهريون نظريو جنگجو رستو ڇڏي صرف تعليمي ۽ تبليغي سرگرمين تي ڌيان ڏيڻ جي حق ۾ آهي. هن نظريي جا حامي پڻ سعودي عرب ۽ “ابراهيمي معاهدن” ۾ محمد بن سلمان جي پاليسين جي حمايت ڪن ٿا. اتي پڻ اهو به تاثر آهي ته اهي چونڊن جي سياست جو رستو اختيار ڪن، جيئن جماعت الدعوة گذريل عام چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي، پر ان جي ڪارڪردگي انتهائي خراب هئي. بهرحال، نوجوان قيادت انهن کي اهڙي سياست جي ذريعي هڪ مناسب ۽ محفوظ رستو ڏسي ٿي جتان نڪرڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو، يا ان صورت ۾ اهي پنهنجي تنظيمي سرگرمين جي بحاليءَ لاءِ ڪم ڪري سگهن ٿا ۽ بيروني دٻاءُ کي گھٽ ڪري سگهن ٿا، پر اهو نظريو مرڪزي قيادت ۾ مقبول ناهي. جماعت الدعوة جي ڪارڪنن ۽ حمايتين جي اها خواهش آهي ته اهي پنهنجي طاقت جو مقابلو بريلوي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڪن ٿا ته انهن جو خيال آهي ته جماعت الدعوة اهو خال ڀريو آهي، جيڪو جماعت الدعوة ڇڏي ڏنو هو. انهن ٻنهي نظرين کان علاوه انهن گروهن جي اندر هڪ اهڙو گروھ به آهي جيڪو اڃان به جهاد تي اصرار ڪري ٿو ۽ ويڙھ جي راھ ڇڏڻ نٿو چاهي ۽ رياستي ادارن جي سهڪار کانسواءِ پنهنجون سرگرميون جاري رکڻ لاءِ تيار آهي. انهن مان گهڻا ئي جماعت الدعوة جي مالي مدد تي زندھ آهن، پر هاڻي اهي جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي فوري طور تي جهادي ۽ ويڙهاڪ بڻجڻ جهڙي مصروفيت جي ضرورت آهي. هاڻي اهي اسلامڪ اسٽيٽ يعني ان خراسان IS-K جهڙن گروپن لاءِ آسان ٽارگيٽ آهن. ٻين پابندي مڙهيل تنظيمن کي به ساڳئي چئلينج کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پر اهي سڀ گروھ بنياد پرستيءَ جي مختلف پرتشدد ۽ عدم تشدد واري مذهبي سياست جي ڪري بدنام آهن، انهن وٽ ٻي ڪا چوائيس ناهي. انهن جي هڪ پاسي محمد بن سلمان ۽ ٻئي پاسي داعش بيٺل آهي. اهي ٻنهي جي وچ ۾ چونڊجي سگهجن ٿا، وچين ميدان لاءِ انهن وٽ ڪو اختيار ناهي.
ديوبند به هميشه وانگر ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا آهن، پر انهن جي اهم اڪثريت گهڻو ڪري پر تشدد فرقيواراڻا گروھ آهن، اهي اڃان به محسوس ڪن ٿا ته اهي سعودي گروهن سان گڏ ڪم ڪن، پر افغانستان ۾ طالبان جي قبضي به کين فتح جو احساس ڏياريو آهي. سعودين کي ملڪ ۾ ايراني اثر رسوخ کي منهن ڏيڻ لاءِ سماجي ۽ رياستي سطحن تي انهن جي مدد جاري رکڻ ۾ دلچسپي رهندي آئي آهي. ان ڪري رياستي ادارن کي به مستقبل جي سياسي منظرنامي لاءِ انهن تنظيمن جي افاديت جو خيال رکڻو پوندو. بهرحال، اهي ديوبندي مدرسن کي ويڙهاڪن جي هڪ ٻئي نسل کي پالڻ جي اجازت نه ڏيندا، جيڪي آخرڪار رياستي ادارن جي مفادن کي نقصان پهچائين، پر تنهن هوندي به خليجي رياستون پاڪستان جي سول سوسائٽيءَ سان بهتر لاڳاپا قائم نه ڪري سگھنديون. ڇاڪاڻ ته جمهوري اعتبار ڪيرائڻ کانپوءِ اهي مذهبي پارٽين تي ۽ پنهنجن پراڻن اتحادين تي انحصار ڪندا رهيا آهن. اهو يقين ناهي ته خليجي رياستون مذهبي گروهن تي ڪابه تبديلي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون، جيستائين اهي پنهنجا مقصد پورا نه ٿيون ڪن. ايران جو پڻ پاڪستان جي شيعا گروهن کي ڇڏڻ ۾ ڪابه دلچسپي ناهي. مذهبي جماعتون راتو رات تبديل نه ٿينديون، پر وچ اوڀر ۾ آيل تبديليون انهن تي آهستي آهستي اثر ڪنديون.