خاصڪهاڻيون

پيءُ جي ڌيءَ سان ڳالهه ٻولهه

ڪهاڻي (حصو ٽيون)
“نه ته ڇا؟” رخسار اسٽيج ڏانهن وڌندي چيس: “ڇا ڪندين تون، مون کي تنظيم مان ڪڍي ڇڏيندين نه. مان پاڻ اهڙي ڪنهن به منافق تنظيم جي ميمبر نٿي رهڻ چاهيان.” اهو چئي هو هال مان ٻاهر وڃڻ لڳي مان به اٿي هن سان گڏ ٻاهر وڃڻ لڳس. ان کانپو رخسار ۽ امبر کي ڪيترن نمبرن تان ڌمڪي واريون ڪالون ۽ ميسج اچڻ لڳا. هڪ ڏينهن اهي ٻئي ڪيمپس کان نڪري گرلس هاسٽل ڏانهن وڃي رهيون هيون جو هڪ گاڏي هن جو پيڇو ڪرڻ لڳي ۽ زيرو پوائنٽ وٽ گاڏي ۾ ويٺل ڇوڪرن هنن ڏانهن پاڻي جون بوتلون اڇلايون هيون ۽ کين وچيون آڱريون ڏيکاريندا ٻئي پاسي هليا ويا. ان واقعي تي امبر ايتري ڊڄي وئي جو ڊگري پوري ڪرڻ بنا ئي هتان هلي وئي.
منهنجي پياري ڌي!
يونيورسٽي پوري ڪرڻ کانپو اسين ٻئي ڪراچي آياسين جتي هڪ اين جي او ۾ ٽرانس جينڊر ماڻهن جي حوالي سان پراجيڪٽ مليو هو. ان پراجيڪٽ جي انچارج ميڊم ثمرين هئي جنهن تنگ نظر سماج ۾ روشن خيالي ۽ ڊائيلاگ کي هٿي ڏيڻ لا هڪ فليٽ ۾ ڪيفي کوليو هو. اسان هن جي ٽيم جو حصو هئاسين. ميڊم ثمرين جو ڪيفي ڊفينس ويو ۾ هڪ فليٽن جي عمارت جي ٻين فلور تي هو ۽ هن ان جو نالو ايف ٽي ايس رکيو هئائين. هي ڪيفي ٽن ڪمرن ۽ هڪ هال جو هو. هال جي ڀتين سان ڪتابن جا ڪٻٽ لڳل هئا. اتي هر روز، سياسي، سماجي، اقتصادي، ادبي ۽ ڪڏهن ڪڏهن جنسي موضوعن تي بحث ٿيندا هئا. هڪ جمعي جي ڏينهن هال ۾ چاليھن جي لڳ ڀڳ ماڻهو ويٺل هئا. ميڊم ثمرين جا ناسي وار مردن جيان ڪٽيل هئا، کيس سونهري فريم واري نظر جي عينڪ به پهريل هئي ۽ هو راضي نالي ٽرانس جينڊر سان ويٺي هئي. “اڄ اسين هن معاشري ۾ جنس مٽائيندڙ ماڻھن (ٽرانسجينڊر) جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون.” هن هال ۾ ويٺلن کي ٻڌايو. سڀئي ڪارپيٽڊ فرش تي ويٺل هئا. راضي لڳ ڀڳ 28 سالن جي هوندي. ميڊم هن کي ڳالهائڻ جو چيو هو اٿي ۽ ڳالهائڻ لڳي:
“پيدائشي طور مان به مڪمل مرد هئس، منهنجو تعلق وچولي نوڪري پيشا خاندان سان هو، اسان پاڻ ۾ ٽي ڀائر ڀينرون هئاسين، مان سڀني کان ننڍو ھئس. اسان جي زندگي خوشيءَ سان ٿي گذري، مان اڃان ننڍو ئي هئس جو منهنجو پيءُ گذاري ويو، جڏهن ته وڏي ڀاءُ شاهد دبئي ۾ رهي ڪاروبار ٿي ڪيو. امي، مان ۽ ڀيڻ شهناز ڪراچيءَ ۾ هئاسين، شهناز پڙهائي پوري ڪئي ته کيس سرڪاري اسڪول ۾ ايڇ ايس ٽي جي نوڪري ملي وئي ۽ مون به ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڊگري ورتي ۽ هڪ خانگي ڪمپني ۾ نوڪري ڪرڻ لڳس، اسان جو گھر عام رواجي مذهبي گهر هو ۽ مان نماز ۽ روزي جي پابندي جي ڪوشش ڪندو هئس، پر وڏي عرصي تائين مان سمجهي نه سگهيس ته آخر شهناز شادي ڪرڻ کان انڪار ڇو ڪندي هئي. پوءِ اوچتو خبر پئي ته امي کي ڪينسر آهي. مون تي گهر وارا شادي ڪرڻ جو زور ڀرڻ لڳا، شهناز جي هڪ دوست هئي حميده، اها اسان جي پاڙي ۾ ئي رهندي هئي ۽ ڏسڻ جي به سهڻي ڇوڪري هئي، گهر وارن منهنجي شادي هن سان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مون به ها ڪري ڇڏي. ڪراچيءَ جي اڪثر عام رواجي شادين جيان منهنجي شادي به ٿي وئي، شروع وارا ڪجهه هفتا اسان ٻئي ڀرپور جوش ۾ هئاسين ۽ هڪ ٻئي مان هر طريقي سان جنسي سڪون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو به سچ آهي ته جنسي عمل جي باري ۾ حميده کي مون کان وڌيڪ ڄاڻ هئي. اسان جي شادي جي ٻن مهينن کانپوءِ امي گذاري وئي، هاڻي فليٽ تي مان حميده ۽ شهناز رهڻ لڳاسين. مون کي آفيس کان گهر پهچندي پهچندي اڪثر ساڍا اٺ يا نو ٿي ويندا هئا. هڪ ڏينهن اوچتو شهر ڪراچي ۾ ڇتا وڳوڙ شروع ٿي ويا، ڪيترائي ماڻهو هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ماريا ويا، روڊن کي بلاڪ ڪيو ويو، ٽائرن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي باهيون ڏنيون ويون، مان آفيس کان تڪڙي موڪل وٺي گهر ڏانهن روانو ٿيس، قسمت سان وڃي رڪشو مليو، مان پنهنجي فليٽ جي در وٽ پهتس ته سک جو ساهه کنيم، فليٽ جو انٽر لاڪ پاڻ واري چاٻي سان کولي بنا آواز ڪئي اندر آيس، منهنجي ڪنن تي ڪنهن جي آهن جا آواز پيا، اسان جي ڪمري جو در کليل هو ۽ ان ۾ ڪير به نه هو، مان شهناز جي ڪمري ڏانهن ويس، آواز اتان ئي ٿي آيا، جيئن ئي در کوليم ته اکين آڏو انڌيرو اچي ويو، شهناز ۽ حميده ٻئي ننگيون هيون ۽ هڪ ٻي جي جسم مان تسڪين حاصل ڪري رهيون هيون.
مان هنن کي اُتي ئي ڇڏي فليٽ تان ٻاهر نڪري آيس، ايئن لڳو ڄڻ منهنجو سڀ ڪجهه تباهه ٿي چڪو هجي، هاڻي مونکي وڳوڙن جي به پرواهه ڪونه هئي، مان چرين جيان حسن اسڪوائر تي گهمندو رهيس، رات دير تائين ويڳاڻن جيان هلندو رهيس، موبائل تي حميده جي ڪال آئي ته موبائل زور سان روڊ تي اڇلائي ڀڃي ڇڏيم، ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا ڪجي، ان رات هلندي هلندي منهنجي ريشما نالي هڪ کدڙي سان ملاقات ٿي، اهو کدڙو مون کي پنهنجي کولي تي وٺي آيو، منهنجي سموري جسم ۾ باهه لڳل هئي، ان رات ريشما جي ٻانهن ۾ ليٽي مون سوچيو: ٿي سگهي ٿو مون ۾ ئي ڪا گهٽتائي هجي، مان پورو مرد نه هجان، ڪجهه عرصو ريشما سان رهي مون به جنس مٽرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن روپ ۾ اچي ويس.”
اڃان راضي ڳالهائي ئي رهي هئي جو ڪيفي اندر ڪجهه ملا ڏنڊن سوڌو زوري گهڙي آيا هئا، سندن هٿن ۾ ڏنڊا ۽ اکين ۾ نفرت ڏسي اسان سڀ پريشان ٿي ويا ھئاسين.
”حرامخورو هي هڪ مذھبي ملڪ آهي.” هڪ مُلي گار ڏيندي چيو ھو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ لڳا ھئا.
”هي ڇا پيو ٿئي، هي اسان جي ملڪيت آهي، اوهان اندر ڪيئن آيا؟” ثمرين اٿي بيهي هن ملن جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو.
”هاڻي جو هاڻي هي جڳهه خالي ڪريو؟“ هڪ ٿلهي ۽ ڀيانڪ مُلي ثمرين کي ڪاوڙ مان ڏسندي چيو.
”تون ٿيندو ڪير آهين اسان کي هتان ڪڍڻ وارو.” ثمرين به رڙ ڪري ڳالهايو ھو، مُلي هن کي پيٽ ۾ مڪ وهائي ڪڍي ۽ اسان هن سماج جي منافقي کي ٻيو ڀيرو پنهنجي اکين سان ڏٺو.
منهنجي پياري ڌي!
اڄ منهنجي دل ۾ خيال آيو ته توکي ٻيو ڪو تحفو ڏيڻ بدران مختلف ڪهاڻيون ٻڌايان. منهنجو خيال آهي ته انسان کي ٻئي انسان کي ڏنل وڏي ۾ وڏو تحفو ڪهاڻي ئي آهي. ڪهاڻي لفظن جي اها جادوگري ٿيندي آهي جنهن جي وسيلي اسان ڪنهن ٻئي دنيا ۾ پهچي ويندا آهيون. ڪهاڻي اسان کي زنده رهڻ جي همت ڏيندي آهي، اسان کي دنيا سان وڙهڻ جو حوصلو ڏيندي آهي، ڪهاڻي اسان جي ويران ۽ بي رنگ زندگين ۾ هزارين رنگ ڀري ويندي آهي. ان ڪري جڏهن تون پنهنجي زندگي جي 16 هين بهار کي ڀاڪر پائڻ واري آهين، ان وقت مان توکي زندگي ڪيئن گذارجي، سماجي قدر ۽ اخلاق ڇا ٿيندو آهي يا اهڙي ٻئي ڪا اجائي نصيحت ڪرڻ بدران ڪهاڻيون ٻڌائڻ گهران ٿو. ان کي پنهنجي پيءُ طرفان پنهنجي سالگرهه جو تحفو سمجهه.
چون ٿا ايسوپ دنيا جو اهو پهريون ماڻهو هو جنهن آکاڻيون ٻڌائڻ جي همت ڪئي، پر هو جڏهن به ماڻهن کي ڪا آکاڻي ٻڌائڻ لڳندو هو ته وسندين جا ماڻهو هن کي ڀڄائي ڪڍندا هئا ۽ ايسوپ جهنگ ۾ اچي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اڪيلائي ۾ ويهي رهندو هو. هڪ ڀيري هن جي اڪيلائي ڏسي جهنگ جا جانور هن جي آسپاس گڏ ٿيا ۽ هن انهن کي آکاڻي ٻڌائي. ان کانپو جهنگ جا جانور ان انتظار ۾ هوندا هئا ته ڪڏهن ٿا ماڻهو ايسوپ کي وسندين مان تڙي ڪڍن ۽ ڪڏهن هو جهنگ ۾ اچي کين آکاڻيون ٿو ٻڌائي. تو نبي دائود عليه السلام جو نالو ته ٻڌو ئي هوندو، خدا جي هن نبي لا روايتون مشهور آهن ته جڏهن هو زبور جي تلاوت ڪندو هو ته پکي پکڻ سڀ اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ هن جي سر سان سر ملائيندا هئا.
منهنجي پياري ڌي!
تون سوچيندي هوندئين ته تنهنجو پيءُ به ڪيڏو نه عجيب آهي جو تنهنجي ما جي وڃڻ کانپو اٺن سالن تائين توسان ڪڏهن ايترو ڳالهايو ئي ڪونه اٿائين. روز شام جو آفيس مان موٽڻ کانپو تنهنجي ڪمري جي در وٽ بيهي توکي مرڪي ڏسي بنا ڪجهه چئي ٻڌي ئي پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويندو آهي ۽ اڄ جڏهن تون 16 هن سالن جي ٿيڻ واري آهين ته تنهنجي ڪمري ۾ اچي توسان گڏ ويهي توکي ڪهاڻيون ٻڌائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.
منهنجي پياري ڌي!
جڏهن تو پهريون ڀيرو هن دنيا ۾ اکيون کوليون هيون ۽ جڏهن اپستال جي ڪمري ۾ نرس پهريون ڀيرو توکي منهنجي ٻانهن ۾ ڏنو هو. ان وقت مون پهريون ڀيرو هن کوکلي سماج جي اجائي رواج موجب تنهنجي ڪنن ۾ ٻانگ ڏيڻ بدران توکي رحمت ماڃوٺي جي ڪهاڻي “اُمتي” ٻڌائي هئي. ان ڪهاڻي ٻڌائڻ جو مقصد اهو هو ته توکي ٻڌائي سگهان تو ڪهڙي وحشي دنيا ۾ پير پاتو آهي ۽ هن دنيا ۾ وک وک تي توکي ڪهڙن وڇون ۽ نانگن کي منهن ڏيڻو پوندو. مون جڏهن توکي پهريون ڀيرو پنهنجي ٻانهن ۾ کنيو هو بلڪل انهي وقت مونکي زندگي ۾ پهريون ڀيرو هن کوکلي سماج جي اجاين روايتن سان بغاوت ڪرڻ جي همت ملي هئي. ان بغاوت جو ڪارڻ تون ئي هئين ۽ مون هن منافق سماج سان بغاوت ڪندي تنهنجي ڪنن ۾ ٻانگ ڏيڻ بدران توکي “اُمتي” ڪهاڻي ٻڌائي هئي.
منهنجي پياري ڌي!
اڄ رات ٻارهين وڳي جڏهن تون 16 سالن جي ٿي زندگي جي نئين دور ڏانهن وک وڌائڻ واري آهين ته مان توکي اها نصحيت ڪرڻ ته توکي تنهنجي زندگي منهنجي مرضي ۽ خواهش موجب ڪيئن گذارڻ گهرجي بدران ڪهاڻيون ٻڌائڻ چاهيان ٿو. مان سمجهان ٿو جيئن پکي پنهنجي ٻچن کي اڏڻ ڪونه سيکاريندا آهن، پر اڏامڻ ته پکين جي فطرت ۾ هوندو آهي يا شينهن پنهنجي ٻچن کي شڪار ڪرڻ ڪونه سيکاريندو آهي جو شڪار ڪرڻ شينهن جي فطرت ۾ آهي. بلڪل ايئن ئي اسان انسانن کي به پنهنجي ٻچن کي اهو نه سيکارڻ گهرجي ته کين اسان جي مرضي ۽ خواهش موجب زندگي ڪيئن گذارڻ گهرجي! پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ ۽ هن دنيا جي ڏکن سکن کي پنهنجي حساب سان منهن ڏئي اڳيان وڌڻ هر انسان جي فطرت ۾ موجود آهي.