معيشت جي بحالي لاءِ پلان تيار، بجيٽ ۾ نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو: شوڪت ترين
ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته معيشت جي بحالي لاءِ شارٽ ۽ لانگ ٽرم پلان تيار ڪري ورتو آهي. مهانگائي جو خاتمو اولين ترجيح آهي. بجيٽ ۾ نئون ٽيڪس نه لڳائينداسين. ناڻي واري وزير شوڪت ترين پريس ڪانفرنس جي دوران خطاب ۾ چيو آهي ته آءِ ايم ايف رويو هن ڀيري سخت آهي. اسان فوڊ سرپلس ملڪ نه پر غذائي خساري وارو ملڪ بڻجي ويا آهيون. ايندڙ سال 5 سيڪڙو گروٿ ٿي سگهي ٿي ۽ ان سان ايندڙ سال 6 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي. اسان جو سمورو ڌيان معيشت جي گروٿ تي هوندو. اسان جي معاشي ترقي گهڻو وقت نه رهندي آهي. عام ماڻهو لاءِ به اسڪيمون کڻي اينداسين جنهن ۾ روزگار پروگرام به هوندو. اسان وٽ جڏهن به ڊالر ختم ٿيو اسان کي بحران کي منهن ڏيڻو پيو. اسان کي برآمدات ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ته جيئن ڊالر جي ڪمي نه ٿئي. پرڏيهي پاڪستاني عمران خان سان محبت ڪندا آهن جنهن سبب هو ملڪ ۾ پئسا اماڻي رهيا آهن. شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته جيستائين ايف بي آر جو روينيو نه وڌندو. حڪومت قرضي ئي رهندي. اسان کي هر حال ۾ روينيو وڌائڻو آهي. ذخيرو ڪندڙن کي منهن ڏيڻو پوندو. 42 سيڪڙو ملڪ جي دولت بينڪن کان ٻاهر آهي. سموري ملڪ مان پئسا گڏ ٿيندا آهن ۽ 9 شهرن ۾ خرچ ٿي ويندا آهن. امير ۽ غريب لاءِ هڪ جهڙي گروٿ ٿيڻ گهرجي. ڪوشش هوندي ته هاري پاڻ منڊين ۾ اچي پنهنجون جنسون وڪرو ڪن.

