سنڌيءَ ۾ هڪڙو پهاڪو آهي “ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا” اهو پهاڪو آمريڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيندڙ هن تازي معاهدي تي بلڪل ٺهڪي آيو آهي. 2 فيبروري 2026 تي آمريڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ وڏو تاريخي واپاري معاهدو ٿيو آهي، جنهن سان عالمي سياست ۽ تيل جي مارڪيٽ ۾ وڏي تبديلي ايندي. ڀارت تارخي طور روس جو ويجهو ساٿي ۽ روسي بلاڪ جو حصو رهيو آهي، ان کي هاڻي مجبورن مغربي بلاڪ يا آمريڪي بلاڪ ۾ شامل ٿيڻو پئجي ويو آهي. ڀارت روس کان سستو تيل وٺي پنهنجي معيشت کي هلائي رهيو هو، جنهن سان روس کي به تمام گهڻو معاشي فائدو حاصل ٿي رهيو هو. ان معاهدي کانپوءِ هو روس کان تيل وٺڻ بجاءِ آمريڪا ۽ وينزويلا کان تيل خريد ڪندو. جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا مٿس لڳايل 25 سيڪڙو ٽيرف کي 18 سيڪڙو ٽيرف ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ 25 سيڪڙو ٽيرف جيڪو روس کان تيل خريد ڪرڻ جي سزا طور لڳايو ويو هو، ان کي ختم ڪيو ويو آهي. ڏٺو وڃي ته اهو معاهدو ڪنهن به صورت ۾ ڀارت جي حق ۾ نٿو وڃي، پر آمريڪا لاءِ اهو هڪ فاتحاڻو معاهدو آهي. حقيقت ۾ آمريڪا روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ روس جا مالي ذريعا بند ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڀارت وڏي معيشت هجڻ ڪري دنيا ۾ تيل جو ٽيون نمبر وڏو خريدار آهي، جنهن سان روس کي مالي فائدو پهچي رهيو هو. يقينن روس پنهنجي تيل جي وڪري جي لاءِ نوان خريدار ۽ نئين مارڪيٽ ڳولهيندو، جنهن ۾ ممڪن آهي ته اڳتي هلي پاڪستان روس جي تيل جو خريدار بڻجي وڃي. جيڪڏهن آمريڪا ڀارت کي وينزويلا جو تيل خريد ڪرڻ جي موڪل ڏئي سگهي ٿو ته پاڪستان به ڪجهه عرصي جي لاءِ جيستائين ٽرمپ پنهنجي صدارتي عهدي تي موجود آهي ان عرصي دوران روس سان معاهدو ڪري سگهي ٿو. ڀارت آمريڪي معاهدو هڪ تاريخي معاهدو آهي جنهن ۾ ڀارت کي پنهنجي هڪ صنعتڪار گوتم آڏاڻي جنهن تي آمريڪي عدالتن ۽ ادارن پاران ڪجهه سنگين الزام لڳايا ويا هئا ۽ اتي عدالتن اندر مٿس دوکي دهي جا ڪيس ثابت ٿيا هئا، ان کي بچائڻ لاءِ مودي سرڪار کي هي معاهدو ڪرڻو پيو.
گوتم آڏاڻي ۽ وزيراعظم مودي جا لاڳاپا تمام گهڻا پراڻا آهن. جيڪڏهن آمريڪي ادارا آڏاڻي بابت اهڙا ثبوت سڌو سنئون ادارن کي مهيا ڪن ها ته سرڪار ۾ ويٺل ڪيتريون ئي شخصيتون آڏاڻي سوڌو مشڪل ۾ پئجي وڃن ها. مودي سرڪار جي لاءِ سخت مشڪلاتون پيدا ٿي سگهيون ٿي. هڪ محاوري مطابق “مرتا ڪيا نه ڪرتا” مترادف مودي کي پنهنجي دوست کي بچائڻ لاءِ پوري قوم کي مصيبت ۾ وجهڻو پيو آهي. ڇو ته مودي ۽ آڏاڻي جو سفر 2002 کان گجرات جي وڏ وزارت واري دور کان شروع ٿئي ٿو. جڏهن گجرات جا ٻيا صنعتڪار فسادن کانپوءِ مودي تي تنقيد ڪري رهيا هئا، تڏهن گوتم آڏاڻي مودي جي پٺڀرائي ڪئي ۽ “وائبرنٽ گجرات” جهڙن منصوبن ذريعي مودي کي هڪ ترقي پسند ليڊر طور متعارف ڪرايو.گجرات کي هڪ صنعتي رياست بنائڻ ۾ گوتم آڏاڻي بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جنهن ۾ گجرات انٽرنيشنل فنانس ٽيڪ سٽي، گجرات سولر پارڪ، مندرا پورٽ ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون جيڪو ڀارت جو سڀ کان وڏو پرائيويٽ بندرگاهه بڻجي ويو، ٽاٽا نينو پلانٽ جنهن جي ذريعي گجرات “آٽو موبائل حب” بڻجي ويو. ان کان علاوه داهيج جي علائقي ۾ پيٽرو ڪيميڪل جو هڪ وڏو مرڪز قائم ڪيو ويو جتي روس کان خريد ڪيل تيل صاف ڪرڻ ۽ ڪيميڪل تيار ڪرڻ جا ڪيترائي ڪارخانا لڳايا ويا، جنهن منصوبي نريندر مودي کي بزنس فرينڊلي ليڊر طور 2014 واري چونڊ ۾ وزيراعظم طور ڪامياب ڪيو. آمريڪا ۽ ڀارت جي ٿيل تازي معاهدي ۾ ڀارت کي آمريڪا کان ساليانه 5 ارب آمريڪي ڊالرن جون مصنوعات خريد ڪرڻيون آهن. جيڪو ڀارت جي سالياني بجيٽ جي برابر آهي. ان سان ڀارت جي پنهنجي مقامي صنعتن کي وڏو نقصان پهچڻ جو انديشو آهي. جيئن ته ڀارت دنيا ۾ تيل جو ٽيون نمبر وڏو خريدار آهي، ان ڪري آمريڪا کان ايل اين جي ۽ ڪچي تيل جي خريداري وڌائي ويندي. پهرين جيڪو پئسو روس ڏانهن ويندو هو هاڻي اهو آمريڪي توانائي ڪمپنين ڏانهن ويندو ۽ ان کانسواءِ آمريڪا سان پنج ارب جي خريداري ڪرڻ جي صورت ۾ ڀارت سالياني هڪ وڏي رقم آمريڪا جي معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڏيندو. جنهن جو مطلب اهو آهي ته صدر ٽرمپ جنهن جي سياست جو بنياد سڀ کان اڳ آمريڪا آهي، هن ڊيل ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته هو پنهنجي فائدي لاءِ ڪنهن به حد تائين سوديبازي ڪري سگهي ٿو. هن ڊيل سان آمريڪي زرعي رياستن، صنعتي علائقن ۽ هارين کي وڏا موقعا فراهم ٿيندا جتي دنيا ڊالر جي اهميت کي گهٽائڻ لاءِ برڪس جهڙا پليٽ فارم ٺاهي ڊالر کي ڌڪ هڻي رهي هئي، اتي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊالر جي اهميت ۾ اضافو ايندو ۽ ٽرمپ هميشه اهو چوندو آهي ته کيس جنگ ناهي ڪرڻي، هن ڀارت سان ان معاهدي ذريعي روس کي بنا جنگ هڪ وڏو معاشي ڌڪ هڻي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اهو ثابت ڪيو آهي ته آمريڪا اڃان تائين گيم کان ٻاهر ناهي ٿيو.
مودي گوتم آڏاڻي واري ڪيس کي استعمال ڪندي پنهنجي دوست کي به بچايو آهي ۽ آمريڪا کي ڀارت جي هڪ وڏي مارڪيٽ ڏني آهي. ڏسجي ته ان سڄي صورتحال ۾ پاڪستان جي لاءِ ڪهڙا چئلينجز ۽ ڪهڙا موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا. يقينن هن ڊيل کانپوءِ آمريڪا ڀارت کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس هٿيار فراهم ڪندو. جنهن سان پاڪستان جي مقابلي ۾ ڀارتي فوجي طاقت وڌي ويندي ۽ پاڪستان کي پنهنجي دفاع تي اڃان به وڌيڪ خرچ ڪرڻو پوندو ۽ ڀارت ۽ آمريڪا جي ويجهي اچڻ سان ڪشمير جي تڪرار تي آمريڪا جو جهڪاءُ ڀارت ڏانهن وڌڻ جو امڪان موجود آهي ۽ هن واپار ۾ ڀارتي شين تي آمريڪا ۾ ٽيڪس گهٽ ٿئي ٿو ته پاڪستان جي برآمدات خاص طور تي ٽيڪسٽائل جي مصنوعات کي هڪ وڏو چئلينج ملي سگهي ٿو، پر ساڳئي ئي وقت پاڪستان پنهنجا لاڳاپا روس سان بهتر ڪري ان کان توانائي جي منصوبن تي معاهدو ڪري سگهي ٿو. ڀارت جي آمريڪي بلاڪ ۾ وڃڻ سان پاڪستان، چين ۽ روس جو هڪ وڌيڪ مضبوط اتحاد ٺهي سگهي ٿو. جنهن سان سي پيڪ جي منصوبي ۾ روس جي شموليت جا امڪان وڌي سگهن ٿا. دنيا هر روز تبديل ٿيندڙ منظر ڏسي ٿي. اسان کي هن سڄي تبديليءَ مان پنهنجي لاءِ چئلينجن کان وڌيڪ انهن ڀرپور موقعن مان فائدو وٺڻ جي ضرورت آهي جيڪي قدرت پاڪستان کي مهيا ڪري رهي آهي. پاڪستان پنهنجي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جي ذريعي اميد آهي ته هن صورتحال مان معاشي ۽ سياسي فائدا حاصل ڪندو.