ايڊيٽوريلنئون

ملڪ مان ننڍڙن جيتن جو خاتمو ماحوليات جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رهيو آهي، سنجيده قدم کڻڻ جي گهر ڪري ٿو

اسان هن ڌرتيءَ تي اڪيلا ناهيون، اسان سان گڏ جانور، پکي ۽ گڏوگڏ نظر ايندڙ جيت ۽ نظر نه ايندڙ ڪيترائي جيوڙا به رهن ٿا، جيڪي هن ڌرتيءَ کي زندگي بخشين ٿا ۽ اسان جي لاءِ اهي شيون فراهم ڪن ٿا يا اهو ماحول جوڙين ٿا، جنهن سان اسان جي زندگيءَ کي بچاءُ حاصل ٿئي ٿو ۽ اسان کي خوراڪ فراهم ٿيندي رهي ٿي.

جيئن ته انسان ڪيترين شين کي نظر انداز ڪندي ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي جو هو پنهنجي لاءِ پٿر جون عمارتون ۽ محل اڏي فطرت کي تباهه ڪندي اهو نٿو سوچي ته سندس زندگيءَ جو دارومدار انهن سڀني ننڍن ننڍن جيوڙن تي به آهي جيڪي سندس جيئڻ لاءِ ضروري آهن. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هڪ اهڙو سنجيده انساني گروهه موجود آهي، جيڪو مختلف ملڪن ۾ ان ڳالهه تي سوچ ۽ ويچار ڪري ٿو ته ماحوليات جو تحفظ ۽ ان ۾ رهندڙ ننڍي کان ننڍا جيوڙا به اسان جي زندگيءَ جا ساٿي آهن ۽ انهن جو تحفظ ڪرڻ مطلب اسان جي پنهنجي زندگيءَ جو تحفظ آهي.

برطانيه جي آل پارٽي پارلياماني گروپ جيڪو بيز پالينيٽرز ۽ انورٽيبريٽس هڪ حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيو آهي ته زمين تي رهندڙ جيت موسمياتي تبديلي، فطرت، تجارت ۽ انساني صحت لاءِ ڪيترا اهم آهن. ان خبر سان اسان کي يقينن ڇرڪڻ گهرجي ته ڇا اسان جو ملڪ جيڪو هڪ زرعي ملڪ آهي ان جي اندر ڪڏهن اسان ان ڳالهه تي غور ڪيو آهي ته زمين تي رهندڙ جيت ۽ جيوڙا ڪيئن اسان جي زمين تان تيزيءَ سان ختم ٿيندا پيا وڃن، جنهن جي ڪري اسان جو ماحول شديد متاثر ٿي رهيو آهي.

اسان وٽ هر سال ٻوڏ اچي ٿي يا وري سوڪهڙي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو يا موسمياتي تبديلين جي ڪري اسان جي نظام ۾ ڪجهه اهڙيون تبديليون اچن ٿيون جيڪي اسان کي ساهه کڻڻ نٿيون ڏين. اڳتي هلي ڇا اهي سڀ شيون اسان جي لاءِ غذائي قلت جو سبب ته نه بڻجي وينديون؟ اهي ڪجهه سوال آهن جيڪي اسان کي پنهنجو پاڻ کان ڪرڻ گهرجن. سڄي دنيا ۾ زمين تي رهندڙ جيتن ۽ جڻن جي وڏي اهميت آهي، يقينن پاڪستان ۾ زراعت سان لاڳاپيل ۽ مختلف طريقن سان ايڪو سسٽم ۾ انهن سڀني جيتن جڻن جو هڪ وڏو حصو آهي جيڪو جيوت برقرار رکي ٿو.

ڇو ته اهي جيت فصلن جي پولينيشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جڏهن ته اهي نامياتي مادي کي ڳارڻ ۾ به معاون ثابت ٿين ٿا، جيڪي اسان جي مٽيءَ کي زرخيز بڻائين ٿا، اهي ننڍڙا ننڍڙا جيت جڻا اسان جي ارد گرد کان ختم ٿيندي هاڻي اسان جي ماحول کي ايتري حد تائين متاثر ڪري رهيا آهن جو اسان جي زمين زرخيزي وڃائي رهي آهي ۽ اسان ڪيميائي دوائون استعمال ڪري فصل پوکي رهيا آهيون.

جيتوڻيڪ قدرت جي نظام ۾ اهڙا جيت موجود آهن جيڪي فصلن جي مٿان رهندا آهن، پر اهي فصلن کي نقصان ڏيڻ بجاءِ انهن جيتن جو شڪار ڪندا آهن، جيڪي فصلن کي نقصان رسائيندا آهن. اسان ڪيميائي دوائن جو ڇڙڪاءُ ڪري انهن صحتمند جيتن کي به پنهنجي ڌرتيءَ تان آهستي آهستي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي زهريلي غذا کائڻي پوي پئي ۽ اسان زراعت ۾ فصلن تي ڦوهارو ڪري انهن دوائن جو ڇڙڪاءُ ڪريون ٿا، جيڪي نقصانڪار جيتن جڻن سان گڏوگڏ ماحوليات جا دوست جيت به ماري ڇڏين ٿيون.

ڪنهن وقت ۾ اسان وٽ هر گهر جي ڪنڊ ۾ هڪ ماکيءَ جو مانارو ٺهيل هوندو هو ۽ ماکي عام طور تي گلن جو رس چوسي وڻن کان علاوه گهرن جي ڪنڊن ۽ ڇتين تي مانارا ٺاهيندي هئي، پر هاڻي اسان کي پنهنجي ارد گرد ماکيءَ جون مکيون نظر نٿيون اچن. ملڪ جون زرعي يونيورسٽيون ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، ڇو ته اتي مختلف پاسن تي تحقيق ٿيندي رهي ٿي، جنهن ۾ اهي پنهنجي تحقيق کي آبادگارن جي سکيا ۽ تربيت جي پروگرامن سان ڳنڍي آگاهي مهم شروع ڪري سگهن ٿيون.

ان کان علاوه اهي زراعت سان لاڳاپيل آبادگارن کي ماحول دوست جيتن جي فائدي ۽ بغير ڦوهاري جي زراعت بابت ڄاڻ ڏيئي سگهن ٿيون. ان کان علاوه اهي آبادگارن ۽ هارين کي اهڙا طريقا ٻڌائين ته اهي پنهنجي ٻنين جي چوڌاري ڪهڙا ٻوٽا پوکي سگهن ٿا، جيڪي انهن مفيد جيتن کي پناهه ۽ خوراڪ فراهم ڪري سگهن. ان کان علاوه حڪومت کي گهرجي ته ملڪ کي زراعت جي ميدان ۾ پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ اصلاحي قدم کڻندي پرائمري کان وٺي هائر سيڪنڊري تائين اهڙا سبق شامل ڪيا وڃن جنهن سان نوجوان نسل کي پنهنجي ارد گرد ايڪو سسٽم جي باري ۾ صحيح معلومات ۽ ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.

حڪومت کي اهڙيون پاليسيون ٺاهڻ لاءِ زرعي يونيورسٽين مان محققن کي گڏ ويهاري انهن کان صلاحون وٺڻ گهرجن ته جيئن اسان پنهنجي ماحول کي بهتر بڻائي سگهون ۽ ماحولياتي تبديلي ۾ انهن ننڍڙن جيتن جي ڪردار جي اهميت کي سمجهي سگهون. فطرت سان پيار ڪرڻ سان ئي فطرت توهان کي هڪ خوبصورت زندگي مهيا ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن اسان وري ننڍن ننڍن قدمن سان پنهنجي ماحول کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته هڪ خوبصورت دنيا کي ٻيهر جوڙي سگهون ٿا.

ان لاءِ اسان جو پنهنجو باشعور هجڻ ۽ صحيح ڏس ۾ قدم کڻڻ ضروري آهي. جيتوڻيڪ اينٽولاجيڪل ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ ڪجهه يونيورسٽين انهن جيتن تي تحقيق ڪئي آهي، پر پاڪستان وٽ اڃان تائين به انهن جي آباديءَ جو پتو لڳائڻ جي لاءِ ڪا قومي ڊيٽابيس موجود ناهي. ان لاءِ حڪومت کي انهن ننڍن جيتن جي تحفظ لاءِ سڄي ملڪ ۾ سروي ڪرائڻ گهرجي ۽ انهن جي رهڻ لاءِ اهي ٻوٽا ۽ علائقا آباد ڪرڻ گهرجن جتي اهي جيت وڌي ويجهي سگهن. جيئن جيئن موسمياتي تبديلين ۾ شدت ايندي رهندي انهن ننڍڙن ڪيڙن جي غذائي نظام کي به متاثر ڪندي، جيڪو آخرڪار اسان جي غذائي نظام تي اثر ڪندو ۽ اسان جي لاءِ غذا جو ملڻ مشڪل ٿي پوندو. هي ننڍڙن جيتن جو مسئلو ايترو ننڍڙو ناهي اهو تمام وڏو مسئلو آهي ان کي تمام سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.