سنڌ ۾ تعليم جو بجيٽ 200 ارب رپيا هجڻ باوجود هزارين اسڪول سهولتن کان محروم: رپورٽ پيش
سنڌ اندر اسڪولن جي مانيٽرنگ ڪندڙ اسڪول ايڊيوڪيشن کاتي جي ماتحت اداري مانيٽرنگ اينڊ اويليوايشن سيل پاران سنڌ جي اسڪولن بابت تيار ڪيل رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق سنڌ جي 47408 اسڪولن مان 19832 ۾ ٽوائليٽ نه آهن. 21007 اسڪولن ۾ فرنيچر نه آهي، 16516 اسڪولن ۾ پاڻي جي سهولت نه آهي. 16206 اسڪولن ۾ بجلي ۽ 7514 اسڪولن ۾ چوديواري نه آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته صوبي اندر ايڊيوڪيشن ايمرجنسي لاڳو هجڻ باوجود به صوبي جا ڪيترائي اسڪول بند پيا آهن. ساڳئي وقت صوبي جي اسڪولن ۾ ڪيترائي استاد غير حاضر رهن ٿا.

