خاص

ڪڻڪ کانپوءِ کنڊ تي به رعايت، 40 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم

وفاقي حڪومت ڪڻڪ کانپوءِ مختلف قسمن جي کنڊ ٻاهران گهرائڻ تي لڳل 40 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان ايف بي آر طرفان باضابطا طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي 28 جون 2019 تي جاري ڪيل ايس آر او نمبر 658 (2019/1) ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن جو مقصد ملڪ ۾ کنڊ جي دستيابي کي يقيني بنائڻ آهي. جڏهن ته رمضان المبارڪ دوران کنڊ مناسب اگهه تي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان اڳواٽ اهو کنيل قدم پڻ آهي ته جيئن ضرورت مطابق کنڊ ٻاهران گهرائي سگهجي