ايڊيٽوريلنئون

انڊر گرائونڊ واٽر ري چارجنگ فطرت سان سهڪار

ڊيم قدرت سان وڙهڻ جي ڪوشش آهن، گرائونڊ واٽر ري چارجنگ قدرت سان سهڪاري زندگي گذارڻ جو حل آهي. پاڪستان لاءِ موسمي تبديليءَ جو اصطلاح هاڻي ڪو نئون ناهي رهيو، پر عملي طور تي اها تبديلي پاڪستان جي ماڻهن کي اتر کان وٺي اولهه تائين متاثر ڪري رهي آهي ۽ جيستائين ان سان وڙهڻ جي لاءِ صحيح حڪمت عملي نه جوڙي ويندي تيستائين اها چئني صوبن جي ماڻهن کي متاثر ڪندي رهندي. ممڪن آهي ته موجوده صورتحال جيتري خطرناڪ آهي ايندڙ وقتن ۾ اها اڃان وڌيڪ خطرناڪ بڻجي وڃي. پاڪستان جو عوام نهايت ئي مشڪل زندگي گذاريندي خوبصورت مستقبل جو خواب ڏسندي 79 سالن جو عرصو گذاري 80 سال ۾ هلي رهيو آهي. هتي صرف هڪ خاص طبقو خوشحال زندگي گذاري سگهي ٿو، پر عوام ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ مشڪلاتن ۾ گهيريل رهي ٿو. هينئر به پنجاب ۾ جڏهن ڀارت راوي، ستلڄ ۽ چناب ۾ پاڻي ڇڏيو ته ڪيترائي علائقا ٻڏي ويا آهن ۽ ٻوڏ صرف پنجاب جي لاءِ نه، پر سنڌ لاءِ به هڪ خطرو بڻيل آهي. اسان جي ملڪ ۾ بلدياتي نظام کي موثر بنجڻ کان هميشه روڪيو ويو آهي. ان کي عملي طور تي متحرڪ ڪرڻ لاءِ نه پنجاب حڪومت تيار آهي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت مڪمل طور تي بلدياتي نظام کي آئيني طور تي اختيار ڪيو آهي. جنهن جي ڪري شهري منصوبابندي ۽ ماحولياتي حقيقتون نظر انداز ٿيل آهن. ڇو ته هن وقت آباديءَ جي وڌڻ سان وڏا وڏا شهر تيزي سان پکڙجي رهيا آهن، غير قانوني اڏاوتون، نالن تي قبضا ۽ اڻپورو ۽ پراڻو انفرااسٽرڪچر موسمي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ناڪافي ثابت ٿي چڪو آهي، جيڪو اڳ ۾ ته صرف سنڌ لاءِ چيو ويندو هو، پر هاڻي ائين چئي سگهجي ٿو ته پنجاب به ساڳي صورتحال کي منهن ڏيئي رهيو آهي، صرف موٽرويز ٺاهڻ سان يا نيون هائونگ سوسائٽيون تعمير ڪرڻ سان ترقيءَ جو عمل مڪمل نٿو ٿئي، پر ترقيءَ جي عمل کي شروع ڪرڻ جي لاءِ باقائده منصوبابنديءَ جي ضرورت آهي، جيڪا اسان جي ملڪ ۾ عوامي نمائندن جي هٿن مان نڪري ٻين طاقتور هٿن ۾ هلي وئي آهي ۽ انهن جي لاءِ عوام جو مفاد ڪابه معنيٰ نٿو رکي. ان ڪري سڄي ملڪ جي صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي. هينئر پنجاب ۾ به دريائي وهڪرن جي مٿان ۽ نالن جي مٿان مختلف هائوسنگ سوسائٽيون تعمير ٿي چڪيون آهن، جن کي حڪومت جي طرفان اڏاوت ڪرڻ جا سرٽيفڪيٽ به مليل آهن، اهڙين سوسائٽين کي پاڻي، بجلي ۽ گئس جون لائينون به مليل آهن. ان جو مطلب آهي ته پنجاب حڪومت به دريائن جي وهڪرن کي سوڙهو ڪرڻ ۽ بند ڪرڻ جي ذميدار آهي. جڏهن پاڻي برسات جي صورت ۾ ۽ ٽن دريائن مان ڀارت کان تمام وڏي مقدار ۾ اچي ٿو ۽ ان جا رستا والاريل هجن ٿا ته ان کي ڪوبه انتظامي ادارو مئنيج نٿو ڪري سگهي، جيستائين ان جي لاءِ صحيح منصوبابندي ٿيل نه هوندي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهڙي وقت ۾ به مختلف جاين تان ڊيم ٺاهڻ جا آواز اچي رهيا آهن ۽ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ٿي رهيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ وقت جي ضرورت آهي. يا ايئن کڻي چئجي ته پنجاب ۽ وفاق، موسمياتي تبديلين ۽ پاڻيءَ جي مسئلن جو حل صرف ڊيم ٺاهڻ ۾ ڳولهين ٿا. ڇا اهو حل واقعي حقيقت آهي يا افسانو؟ اها به هڪ حيقيت آهي ته ڊيم ٺاهڻ وقت جي ضرورت آهي ۽ هر ملڪ کي پنهنجي ضرورتن جي لاءِ پاڻيءَ جو ڪجهه ذخيرو رکڻو پوندو آهي. خاص ڪري پاڪستان جهڙو ملڪ جتي پاڻيءَ جي کوٽ به شديد هوندي آهي ته وري ڪڏهن ڪڏهن برساتن جي ڪري پاڻيءَ جي فراهمي ايتري هوندي آهي جو ان کي مئنيج ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. ڊيم ٺاهڻ سان موسمياتي تبديليءَ جو مقابلو ڪرڻ ايئن ئي آهي جيئن جهنگل جي باهه وسائڻ لاءِ فقط پاڻيءَ جي بالٽين جو سهارو وٺجي، پر ان لاءِ ضروري آهي ته مقامي سطح تي ٻوڏ جي اڳڪٿي ۽ زرعي پاڻيءَ جي صحيح استعمال لاءِ جوڙيل پاليسيون ۽ عام ماڻهن جي تحفظ لاءِ پاليسيون درست نموني ۾ ٺاهي انهن تي عمل ڪيو وڃي. هاڻي وقت تبديل ٿي ويو آهي، وفاق ۽ پنجاب کي پاڻيءَ جي بحرانن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڊيمن تي ڀاڙڻ جي بجاءِ ٻيا متبادل حل ڳولهڻا پوندا ۽ سنجيدگيءَ سان ان طرف سوچڻو پوندو. ڊيم ٺهڻ ۾ تمام گهڻو پئسو ضايع ٿئي ٿو، تمام وڏي ايراضيءَ تي هڪ ڊگهي عرصي ۾ هزارين ماڻهن جي بي دخلي ۽ ننڍن ڳوٺن کي ختم ڪري ڊيم تعمير ڪيا وڃن ٿا، پر ضروري ناهي ته موسمي تبديليءَ جا اثر پيدا ٿيڻ سبب جيڪو فليش فلڊ يا برساتون ٿين ٿيون اهي هر صورت ۾ انهن ڊيمن سان لاڳاپيل هجن ۽ اهي ڊيم صورتحال کي ڪنٽرول ڪري سگهن. ڊيم ٺاهڻ جو هڪ ٻيو نقصان اهو به آهي ته انڊر گرائونڊ واٽر جي سطح گهٽجي ٿي، ڇو ته ماڻهو ٽيوب ويلن جي ذريعي پاڻي حاصل ڪرڻ تي ڀاڙڻ لڳن ٿا ۽ زمين ۾ اندر قدرتي نظام تحت پاڻي داخل ڪرڻ وارو نظام ڪمزور ٿي وڃي ٿو. اهڙي طرح ڊيم جي پاليسي هڪ پاسي پاڻيءَ جو ذخيرو ته پيدا ڪري ٿي، پر ٻئي پاسي واٽر ٽيبل کي تباهه ڪري ٿي جيڪا انساني حياتيءَ جي لاءِ هڪ هاڃيڪار صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿي. هن وقت به پنجاب ۾ خاص طور تي لاهور، ملتان، بهاولپور ۽ اوڪاڙه جهڙن علائقن ۾ واٽر ٽيبل تيزيءَ سان هيٺ اچي رهيو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته ڊيم ٺاهڻ بدران اسين مقامي، قدرتي ۽ گهٽ خرچ وارا تڪڙا حل ڳولهيون. جيئن گرائونڊ واٽر ري چارجنگ، واٽر هارويسٽنگ اسٽوريج ۽ اربن فليش فلڊ ڪنٽرول سسٽم پاليسيون جوڙيون، جيڪي موسمي حقيقتن ۽ زميني ضرورتن سان ٺهڪندڙ هجن. گرائونڊ واٽر ري چارجنگ اصل ۾ قدرت سان هٿ هٿ ۾ ڏئي سهڪار ڪرڻ جو رستو آهي. جڏهن پاڻيءَ جو بحران هر هر ڪنڌ کڻي ٿو ته اهو سوال پيدا ٿو ٿئي ته ڇا صرف ڊيم ان مسئلي کي حل ڪري سگهن ٿا يا ان جو ڪو ٻيو مقامي فطري پائيدار حل ڪڍي سگهجي ٿو؟ ان پسمنظر ۾ گرائونڊ واٽر ري چارجنگ هڪ بهترين تخليقي متبادل حل بڻجي سگهي ٿو. گرائونڊ واٽر ري چارجنگ جو مقصد برساتي پاڻي يا دريائن مان ايندڙ اضافي وهڪرن کي زمين ۾ جذب ڪرائڻ آهي، جيئن زير زمين پاڻيءَ جي سطح جنهن کي انڊر گرائونڊ واٽر ٽيبل به چئجي ٿو، بحال ٿي سگهي. اهو عمل هڪ ته قدرتي طور تي ازخود زمين جي اندر ٿيندو آهي، پر ان نظام کي منصوبابندي سان اڃان وڌيڪ ترقي ڏئي مستقبل جي لاءِ پاڻيءَ جو هڪ وڏو ذخيرو برسات ۽ ٻوڏن جي وقت ۾ جمع ڪري سگهجي ٿو، جيڪو پوءِ زراعت ۽ انساني زندگيءَ جي روزاني ضرورتن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ اسان کي واٽر پٽس، واٽر ڪيچمينٽ زون، فلڊ اسپريڊر ٺاهڻا پوندا، جنهن سان پاڻيءَ جو تيز وهڪرو انهن زمين جي حصن ۾ اندر داخل ٿي وڃي ۽ زمين جي اندر جمع ٿي وڃي. اهو تصور ٻهراڙين کان وٺي شهري علائقن ۾ عملي طور تي اختيار ڪري سگهجي ٿو. ان کي هائوسنگ سوسائٽيون پنهنجي پاڙي جي سطح تي ۽ زميندار پنهنجي زمينن تي اختيار ڪري سگهن ٿا. اسان کي اها ڳالهه هرگز نه وسارڻ گهرجي ته انسان پنهنجي عقل ۽ دانش سان هيتري ترقي ڪري هن دور تائين پهتو آهي ۽ فطرت سان سهڪار ڪرڻ انسان جي مجبوري آهي. جيڪڏهن اسان فطرت سان سهڪار ڪندي پنهنجي زندگي گذارينداسين، فطرت کي نقصان پهچائڻ کان بنا پنهنجي زندگيءَ کي خوبصورت بنائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته فطرت اسان کي هميشه جيءَ ۾ جايون ڏيندي. نه ته ان جي ابتڙ اسان کي هن ڌرتيءَ تان ميساري ڇڏيندي.

***