“ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن” مان 32 سنڌي سينئر آفيسر معطل
سنڌ صوبي جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ “ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن” 32 سنڌي سينئر آفيسرن کي بنا ڪنهن قانوني نوٽيس يا اڳواٽ ڪنهن اطلاع ڏيڻ جي پنهنجن عهدن تان غير قانوني طور تي هٽائي ڇڏيو آهي. خدشو آهي ته اڳتي هلي ٻين ڪيترن ئي سنڌي آفيسرن کي پنهنجن عهدن تان هٽايو ويندو. پنهنجي ئي صوبي ۾ ٿيندڙ ان قسم جي تعصباڻي رويي تي سنڌ جو عوام تمام گهڻي تڪليف محسوس ڪري رهيو آهي. ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن ۽ حڪومت جي اعليٰ اختيارن کي درخواست ٿي ڪجي ته ان معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ قصوروار ڌرين کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

