پاڪستاننيو‍‍ز

سنڌ جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ ويزن 2025

سنڌ پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ بورڊ جي چيئرمين محمد وسيم، سنڌ ڊولپمينٽ فورم تي پنهنجو پيپر پڙهندي اهو ٻڌايو ته سنڌ صوبو وسيلن سان مالا مال آهي، جيڪو ملڪ جي مجموعي گئس جي پيداوار جو 71% ۽ ملڪ جي تيل جي مجموعي پيداوار جو 44% پئدا ڪري ٿو. هن وقت 28% بجلي جي مجموعي پيداوار ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي. ان کانسواءِ پوڻا ٻه ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا سنڌ ۾ موجود آهن. سنڌ ۾ متبادل بجلي پيدا ڪرڻ جا ٻيا به ذريعا موجود آهن، جنهن ۾ 50,000 MW پن بجلي ۽ 10,000 MW سولر بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. سنڌ پاڪستان جو اهو صوبو آهي جتي وڌ کان وڌ ماڻهو شهري زندگيءَ ۾ رهن ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت ورلڊ بينڪ جي سهائتا سان ايندڙ 10-5 سالن لاءِ “سنڌ گروٿ اسٽريٽجي” جو پلان جوڙيو آهي، جنهن ۾ اولين بنيادن تي واڌ ويجهه ۽ مقابلي واري پاسي کي مدِ نظر رکيو ويو آهي. ورلڊ بينڪ هن وقت ڪراچيءَ جي مسئلن کي سمجهندي ڪراچي شهر کي ميگا سٽيءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ اسٽريٽجي تيار ڪري ڏئي چڪي آهي. سنڌ جي ننڍن ننڍن شهرن ۾ به هن وقت ڪيترائي بنيادي مسئلا ڪر کڻي بيٺا آهن جن ۾ غربت، غذائيت جي گهٽتائي، تعليم، صحت، پاڻي، بجلي کانسواءِ ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن جي بنيادي ڍانچي جي ڪوالٽيءَ کي وڌائڻ مکيه آهن. انهن سڀني مسئلن کي نظر ۾ رکندي 2025 تائين سنڌ جي ترقيءَ لاءِ مختلف نوعيتن جا پروگرام جوڙيا ويا آهن. جنهن ۾ خاص طور تي صنعتي ترقي، مخصوص معاشي زون، هنري سکيا جا مرڪز، ٿر ڪوئلي ۽ پن بجليءَ تي هلندڙ بجلي گهر، ڪي. ٽي بندر جي ترقيءَ لاءِ پروجيڪٽ، آبپاشيءَ جي نظام کي بهتر بنائڻ، جنهن ۾ سکر بئراج به شامل آهي. گڊو بئراج جي تحفظ کي يقيني بنائڻ، ڪئنالن کي پڪو ڪرڻ، ڪميونٽي ڊولپمينٽ ۽ غربت جو خاتمو شامل آهن. ان کانسواءِ “Vision 2025” ۾ نوان روزگار جا ذريعا به پيدا ڪيا ويندا.