نئون

اٺن ٻولين ۽ مخصوص اسڪرپٽن ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي طرفان ڇاپيل مئگزين

علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد تازوئي هڪ مئگزين ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جيڪو پنهنجي لحاظ کان تمام اهم ڪم آهي. هن مئگزين جي خاص ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻولين مان سنڌي، پنجابي، بلوچي، سرائيڪي، براهوي، شاهه مکي ۽ بلوچي اسڪرپٽ ۾ آرٽيڪل ڇاپيا آهن. ان کانسواءِ ان ۾ هڪ آرٽيڪل انگريزيءَ ۾ ۽ ايڊيٽوريل اردوءَ ۾ ڏنل آهي ۽ سڀني ٻولين کي پاڪستاني ٻوليون ۽ ادب ڪوٺيو ويو آهي، جيڪو هڪ سهڻو قدم آهي. سنڌيءَ ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ چيئرمين سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو آرٽيڪل شامل آهي جيڪو شاهه عبداللطيف ۽ مولانا روميءَ جي تصوف جي فلسفي تي لکيل آهي.