نئون

مٺي ۾ پارڪ ٺاهڻ خلاف هڙتال

مٺيءَ ۾ سنڌ حڪومت پاران سفاري پارڪ ٺاهڻ لاءِ سوين خاندانن کي گهرن مان بي دخل ڪرڻ خلاف بجير ڪميونٽي طرفان هڙتال ڪئي وئي، هن هڙتال ۾ سڀني سياسي پارٽين به حصو ورتو. بجير ڪميونٽي جا ماڻهو گذريل ڪجهه هفتن کان پارڪ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته مٺي ۾ مسلم بجير ڪالوني جي رهواسين کي چيو ويو آهي ته اهي پنهنجا گهر خالي ڪري وڃن ڇاڪاڻ ته حڪومت ان جاءِ تي سفاري پارڪ ٺاهڻ چاهي ٿي. سومر ڏهاڙي مٺي شهر ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو جنهن جي جواب ۾ شهر اندر دڪان ۽ ٻيو ڪاروبار بند رهيو. هڙتال دوران احتجاج ڪندڙن حڪومت پاران ڪيرايل گهرن جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته اڃان احتجاج جاري آهي ۽ حڪومت پنهنجا غير اخلاقي قدم کڻي رهي آهي. هنن چيو ته حڪومت طرفان اهو سٺو قدم نه آهي جو اها هڪ پارڪ ٺاهڻ خاطر ماڻهن جا گهر ڊاهي رهي آهي. جڏهن ته حڪومت جو ڪم ماڻهن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ آهي. احتجاج ڪندڙن اهو به الزام لڳايو ته تڪ جا سياستدان هن جڳهه کي ذاتي مفادن لاءِ خالي ڪرائڻ گهرن ٿا ۽ جيڪڏهن هي ڀڃ ڊاهه ختم نه ٿي ته اسان جو احتجاج به اڃان وڌيڪ تيز ٿي ويندو.