هلندڙ حڪومت پنهنجون پوريون ڪوششون ڪري رهي آهي ته ملڪ جيڪو معاشي طور تي غير مستحڪم صورتحال کي ڀوڳي رهيو آهي، ان کي معاشي مسئلن مان ڪڍي استحڪام واري صورتحال طرف وٺي اچجي. ان جي لاءِ اسان جي وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي گڏيل ڪوششن سان ڪجهه ملڪن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري شروع ڪئي آهي، پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب هجڻ جي ڪري ملڪ کي مستقل بنيادن تي اهڙا چئلينج درپيش آهن جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو فارين ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ ملڪ ۾ 45 سيڪڙو گهٽ ٿي 95 ملين ڊالر رهجي وئي آهي. معاشي ماهرن جو ان صورتحال تي اهو چوڻ آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاريءَ جو ڪوبه امڪان نظر نه پيو اچي. پاڪستان هن وقت هڪ اڻ کٽ معاشي ۽ سياسي غير يقيني واري صورتحال سبب خساري ۾ هلڻ وارن سرڪاري ادارن جي نجڪاري ڪرڻ جي به قابل نه رهيو آهي. هن وقت پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ چين پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي سيڙپڪار طور ڪم ڪري رهيو آهي. مالي سال 2025ع جي اٺن مهينن دوران 1.6 ارب ڊالرن جي گڏيل ترسيل ۾ چيني سيڙپڪاري 66 ڪروڙ 20 لک ڊالر هئي، جنهن کانپوءِ هانگ ڪانگ مان 16 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿي.
ايف ڊي آءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي صورتحال کي هڪ گڏيل تصوير جي طور تي پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ان ڪجهه مثبت پهلو به ڏيکاريا آهن ته ڪجهه منفي به آهن. ايف ڊي آءِ جي چارٽس مطابق پاڪستان ۾ اها صورتحال سياسي ۽ معاشي غير استحڪام سبب پيدا ٿي آهي. هن وقت جيڪي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا انهن جي لاءِ فنانشل سروسز، ڪيميڪلز، ڪنسٽرڪشن، توانائي، آءِ. ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن پرڪشش هنڌ آهن.جيئن ته چين پاڪستان ۾ هن وقت سڀ کان وڏو سيڙپڪار آهي جيڪو سي پيڪ اندر سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، پر ان کان علاوه عرب امارات، برطانيه، ناروي، يونائيٽيڊ سائوٿ ڪوريا ۽ ٻيا گلف جا ملڪ به سيڙپڪار جي طور تي پاڪستان ۾ موجود آهن. پاڪستان سيڙپڪارن لاءِ پرڪشش ٿي سگهي ٿو، ڇو ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي ڪچي مال جي فراهمي، هيومن ريسورس ۽ مارڪيٽ جو هڪ وڏو اسپيس موجود آهي، پر سيڙپڪارن جي لاءِ سڀ کان وڏي پريشاني هن وقت امن امان جي صورتحال آهي، جيڪا شايد انهن کي پٺتي هٽڻ جي لاءِ مجبور ڪري رهي آهي. جن شين تي حڪومت کي توجهه ڏيڻ کپي شايد ان پاسي اڃان تائين اسان جي حڪومت سنجيدگيءَ سان ڪابه اهڙي پاليسي نه جوڙي سگهي آهي، جنهن جا نتيجا اسان کي ڊگهي عرصي تائين فائدو ڏئي سيڙپڪارن کي پرڪشش آڇ فراهم ڪري سگهن. امن امان جي صورتحال 2025ع جي شروع ٿيڻ سان گڏ ئي انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، جنهن جو نفسياتي اثر سيڙپڪارن تي به ٿيڻو آهي ۽ ٿيو آهي.
پاڪستان جي معاشي صورتحال کي بهتر بنائڻ هن وقت پاڪستان جي وجود کي بچائڻ آهي. ڇو ته هن وقت اسان جو 60 سيڪڙو آباديءَ جو نوجوانن تي ٻڌل آهي، جيڪڏهن انهن کي روزگار جا ذريعا ميسر نه ٿي سگهيا ته اهي تباهيءَ جو شڪار ٿي ويندا ۽ انهن عناصرن جي ور چڙهي ويندا، جيڪي يقينن ملڪ دشمن آهن. هن وقت پاڪستان جي مٿان دهشتگرديءَ جو هڪ اڻ کٽ حملو آهي. اسان جا ٻه پاڙيسري ملڪ اسان جا دشمن ٿي بيٺا آهن ۽ اهي اسان جي نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ جي لاءِ پوري پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن اسان جو نوجوان پنهنجي ملڪ جي خلاف اٿي بيهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان جي رياست کي ۽ اسان جي موجوده حڪومت کي انتهائي دانشمنديءَ سان پنهنجن سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، جنهن ۾ سڀني کان وڏو قدم کڻڻ جي لاءِ پهرين ته ملڪ مان سياسي غير يقيني واري صورتحال کي ختم ڪرڻو پوندو، جنهن جي ڪري ٻيا ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. ان کان علاوه اسان جي ملڪ ۾ جيڪي به پيداواري ذريعا آهن انهن کي استعمال ڪري اسان کي پنهنجي ملڪ جي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻو پوندو. نوجوانن کي آءِ. ٽي جي ميدان کان وٺي ٻيا ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ همٿائڻ، انهن جي تربيت ڪرڻ ۽ انهن کي ننڍا ننڍا قرض ڏيڻ به هن صورتحال ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. هن وقت اسان جي ملڪ ۾ بيوروڪريسي جي روين جي ڪري نوجوان واپار جي ميدان ۾ نٿو اچي. ان جي لاءِ ون ونڊو آپريشن تحت پاليسي ٺاهي ان کي واپار ڏانهن مائل ڪرڻو پوندو. ان کان علاوه جيڪي نوجوان آن لائين بزنس ڪن ٿا انهن جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ مضبوط قسم جو 5-G نيٽ ورڪ فراهم ڪيو وڃي جنهن سان هو پنهنجو پاڻ کي آن لائين سڄي دنيا سان ڳنڍي گهر ويٺي ڪاروبار ڪري ملڪ جي لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهن. سڄي ملڪ ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون ٺاهيا وڃن جن جي ذريعي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو اتي اچي پنهنجي ڪاروباري سرگرمي آزاديءَ سان ڪري سگهن. هن وقت اسان جي سنڌ صوبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان ڪافي منصوبا ڪاميابي سان هلي رهيا آهن، ان ماڊل کي پوري پاڪستان ۾ متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. اسان جي ملڪ کي اهڙيون پاليسيون ٺاهڻ گهرجن جنهن ۾ جيڪي سيڙپڪار ملڪ ۾ اچن ٿا انهن جو پاڪستاني رياست تي ڀروسو قائم رهي ۽ اهي ڪاميابي سان هتي پنهنجو سرمايو لڳائي پنهنجي سرگرميءَ کي جاري رکي سگهن. انهن جي سيڙپڪاري اسان جي نوجوانن جي لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا ڪندي. ضرورت صرف اسان جي حڪمرانن کي سٺين پاليسين جي آهي اهي پاليسيون جيڪي هن ملڪ لاءِ هجن ۽ هن ملڪ جي نوجوانن لاءِ هجن ۽ هن قوم جي لاءِ هجن.