بلاگنئون

سيد امداد حسيني

سيد امداد حُسيني اصل نالو امداد علي ولد فضل محمد شاهه 10 مارچ 1941ع تي شهر ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس سڃاڻپ جديد شاعريءَ جي سرموڙ شاعر جي حيثيت ۾ ته آهي، پر هو هڪ سڄاڻ نثر نويس پڻ هو. امداد حُسينيءَ بنيادي تعليم ٽکڙ ۽ گريجوئيشن حيدرآباد ۽ ماسٽر جي ڊگري يونيورسٽي آف سنڌ مان ورتي ۽ هن پهرين نوڪري سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪئي جتي کين لائبريرين طور رکيو ويو ۽ پوءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ 1970ع  ريسرچ فيلو مقرر ٿيو ۽ 1973ع ۾سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ٿيو جتي نصاب مرتب ڪرڻ، ايڊٽ ڪرڻ، سبقن ۽ نظمن لکڻ جو ڪم امداد لڳاتار پنجويهه سال ڪيو آهي، انهيءَ کانسواءِ وچ ۾ هو سنڌي ادبي بورڊ جو ٻه دفعا سيڪريٽري ۽ علمي ۽ ادبي مخزن ٽه ماهي “مهراڻ” جو ايڊيٽر رهيو.

سيد امداد حُسينيءَ ٻارهن سالن جي عمر کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس ڏاڏو اسد الله شاهه “فدا” پنهنجي دور جو هڪ وڏو عالم ۽ شاعر هو، جن جي نگرانيءَ ۾ “بهارِ اخلاق”، رسالو نڪرندو هو، جيڪو سنڌي ادب ۾ انهيءَ وقت جي نڪرندڙ مخزنن ۾ اهم هو. اهڙيءَ ريت سندس ڏاڏي جو ڀاءُ سيد حافظ شاهه پڻ هڪ اهم شاعر ٿي گذريو آهي، ايئن کيس گهر کان علمي ۽ ادبي ماحول ۽ پٺڀرائي ملي. امداد صاحب شروع دور ۾ غزل لکيا جيڪي ڪافي مشهور ٿيا پاڻ بزم طالب الموليٰ جي محفلن ۽ ٻين مشاعرن ۾ باقائدگي سان وڃڻ لڳو ۽ سندس اٿڻ ويهڻ سنڌ جي چوٽيءَ جي شاعرن سان ٿيڻ لڳو. مولانا غلام محمد گرامي کين گهڻو همٿايو ۽ شاعريءَ ۾ ترتيب ۽ اصلاح ڪئي. غزل کانپوءِ هن ٻين صنفن جيئن گيت، وائي، بيت، دوهو، رباعي، قطعو، ڪافي، نظم، آزاد نظم تي طبع آزمائي ڪئي. هيئت، اسلوب ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان آزاد نظم ۽ نظم ۾ سندس ڪيترائي ڪامياب تجربا شاهڪار جي صورت ۾ آهن. امداد حُسينيءَ جي نظم مان ڪي سٽون هن ريت آهن:

توسان روز ملان، روز نئون هڪ گيت لکان،

جي نه ملان تو سان پوءِ به هڪڙو گيت لکان،

مرڪان لڙڪان، لڙڪان مرڪان،

امداد حُسيني جيئان سڪ جي سٽ لکان.

امداد حسينيءَ جي نظمن جا موضوع سنڌ ڌرتي ۽ ان جا مسئلا آهن. هن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ هر ظلم خلاف سڏ ڏنو، سندس طويل نظم “شهر” ٻوليءَ جي فسادن جي پسمنظر تي هڪ لونءَ ڪانڊاريندڙ نظمي داستان آهي، پاڻ حيدرآباد شهر کانسواءِ سنڌ کي خالي ٿو ڄاڻي. سيد صاحب موجب ته حيدرآباد آهي ته سنڌ آهي ۽ سنڌ آهي ته حيدرآباد ساڻ ئي آهي چوي ٿو ته:

اي حيدرآباد شهر اي نيرون ڪوٽ شهر،

توکان سواءِ آهه چپن ۾ صدا ڪٿي،

توکان سواءِ آهه هٿن ۾ دعا ڪٿي،

توکان سواءِ شراب ۾ آهن نشا ڪٿي،

توکان سواءِ حسن ۾ آهي ادا ڪٿي،

اي حيدرآباد شهر اي نيرون ڪوٽ شهر.

امداد حُسيني نظم ۽ آزاد نظم جي صنف ۾ پاڻ ملهايو آهي، ڪيترائي شاهڪار مثال پيش ڪيا اٿن، جيئن “شاعر”، “حملو”، “گهر جي ياد”، “بدبو”، “واپسي”، “انتظار”، “جنگ”، “شرط”، “ماحول” ۽ ٻيا نظم آهن. هن نظم کي جديد انداز سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس نظم “هاڻ ته جانان”، “تنهنجو وات گلاب” ۽ “شرط” خاص انفراديت حامل آهن.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکيو آهي ته “امداد شروع ۾ روايتي شاعريءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل هو، پر هڪدم آجو ٿي ويو ۽ وري ان ڏي نه نهاريائين، اڳتي ۽ اڳتي وڌندو رهيو، نظم سندس پسنديده صنف آهي. ان ۾ خوب گلڪاريون ڪيون اٿس.

هن قطعا پڻ بي مثال لکيا آهن، جيئن مثال طور:

دنيا ۾ رڳو آئون ئي رسوا آهيان،

محفل ۾ رڳو آئون ئي تنها آهيان،

انسان جي نظرن ۾ ته انسان ناهيان،

قدرت جي نگاهن ۾ ڀلا ڇا آهيان؟

سندس غزل، “امداد آهي رول، تون موتي ايئن نه رول” تمام گهڻي مشهور ٿي، امداد صاحب جي شاعريءَ جا ڪتاب ۾، “امداد آهي رول”، “هوا جي سامهون” “ڪرڻي جهڙا پل”  ۽ “شهر” آهن.

شاعريءَ ۾ ٽيڙو جي صنف تي کيس ڪمال حاصل هو. جاپاني شاعريءَ جي صنف هائيڪو کي “ٽيڙو” جو نالو  امداد سائينءَ ڏنو. هن جديد ترقي پسند شاعر جي شاعريءَ ۾ رواني،  جدت ۽ بياني اسلوب جي خوبيءَ سان گڏ سهڻي ۽ سلوڻي سنڌي ٻوليءَ جو حسين امتزاج ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جديد شاعريءَ جي شروعات ته 1947ع کان اڳ ٿي چڪي هئي. ترقي پسند تحريڪ سان انهيءَ ۾ نوان خيال ۽ نوان موضوع آيا. سنڌ جو ماحول، منظر نگاري، نوان تجربا، موسيقيت ۽ لهجي جي نرمي نئين دور جون تشبيهون ۽ نيٺ سنڌي لفظن جو استعمال پنهنجي ماحول مطابق آڻي امداد صاحب خاص نظم، آزاد نظم، گيت، ٽيڙو لکيا. امداد جي شاعريءَ ۾ جدت، قومپرستي، حقيقت پسندي، رومانويت ۽ مزاحمت ته آهن ئي، پر ترقي پسنديءَ جو لاڙو پڻ عروج تي ڏسجي ٿو.

امداد حسيني جيترو سٺو شاعر هو ايترو ئي سٺو نثر نگار هو. برجستي قلمڪار وٽ پنهنجي لکڻيءَ ۾ ٻوليءَ جي خوبصورت استعمال جي وڏي اهميت هئي. معنيٰ ۽ مطلب کي حيثيت ڏيندڙ هو.

سنڌ ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۽ ادبي محفلن جو روح روان ۽ ڪيترين ادبي گڏجاڻين ۾ مهمان خاص طور صدارتون ڪندڙ سيد صاحب جڏهن اسٽيج تي ڳالهائيندو هو تڏهن سندن تقرير توڻي تحرير جي خوبي ڏسڻ وٽان هوندي هئي. نثر ۾ هن گيتن ڀريون ڪهاڻيون، مضمون، ڪالم، افسانا، ايڊيٽوريل ۽ ٻيو مواد لکيو ترجمي نگاريءَ ۾ کيس ملڪو حاصل هو. پهريون ڪتاب، “سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ” 1971ع ۾ شايع ٿيو، اردو شاعري “ڌوپ ڪرن” جي نالي سان سهيڙيائين ته بابا فريد ۽ ماڌو لال جي شاعريءَ جو منظوم ترجمو ڪيائين. مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت”  ۽ “دودو چنيسر” کي اردو ترجمو ڪيائين، جيڪي ٻئي اسلام آباد جي وڏن ادارن شايع ڪيا، ٻارن جي شاعريءَ جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين هن ٻارن لاءِ خوبصورت گيت چيا جي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيا آهن. امداد صاحب “سانول” نالي سان شروع دور ۾ افسانا لکيا، جي ان وقت جي چوٽيءَ جي رسالن ۾ شايع ٿيا. سندن ڪهاڻيون، مضمون ۽ مقالا ۽ ڊرامن جا مجموعا ۽ ٻيو مواد اڻ ڇپيل آهي. هن ڪيترن ئي ڪتابن جا وڻندڙ مهاڳ لکيا آهن. امداد سائين جيستائين ڪنهن ڪتاب جو مڪمل جائزو نه وٺندو هو، تيستائين مهاڳ يا ٻه اکر نه لکندو هو.

امداد حسينيءَ ڪنهن به ڪتاب تي لکڻ کان اڳ انهيءَ ليکڪ جي فن جو ۽ خاص انهيءَ ڪتاب جي موضوع ۽ مواد جو تجزيو ڪري لکڻ جو حق ادا ڪيو آهي. سندس لکيل مهاڳ ۽ پيش لفظ مثالي حيثيت رکن ٿا.

سنڌ سر زمين سان سچي، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هن عاشق کي سندس حياتيءَ ۾ مڃتا ملي، ڪيترن ئي ايوارڊن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو. 2002ع تي کين صدارتي تمغو “برائي حُسنِ ڪارڪردگي” عطا ڪيو ويو. 27 آگسٽ 2022ع تي سنڌي ادب جي هن مقبول ڏاتيار ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾ علالت سبب وفات ڪئي. سندن ابدي آرامگاهه ٽکڙ ۾ آهي.