بلاگ

ٻارن کي ڏني ويندڙ جسماني سزا ماهم سنڌي December 2021

ٻارن جي عمر جڏھن چار سالن کان پنج سالن تائين پھچي ٿي ته ان جو اسڪول سان واسطو پوي ٿو ۽ ھو ڏينھن جو اڌ حصو اسڪول اندر، استادن ۽ شاگردن وچ ۾ گذاري ٿو. اسڪولن ۾ پڙھائي سان لاڳاپيل ھڪ اھم ۽ مسلسل بحث ھيٺ ايندڙ موضوع آھي سزا يا مار، جيڪا ٻارن کي سبق ياد نه ڪرڻ يا ڪا گستاخي، غلطي يا غير اخلاقي حرڪت ڪرڻ تي ڏني وڃي ٿي. پوئين دور ۾ استادن پاران شاگردن کي سزا ڏيڻ جا طور طريقا ٻيا ھئا ۽ اڄڪلھ ٻيا آھن. ٻارن کي چماٽ ھڻڻ، پٺي تي ڌڪ ھڻڻ، لٺيون ھڻڻ، ڪڪڙ ٺاھي ڇڏڻ، اُس ۾ بيھارڻ، ھٿ مٿي ڪري بيھڻ، ڪن مان جھلي ويھڻ ۽ اٿڻ، بلڪه ٻار جي دل ۾ ڪنھن ڳالھ جو خوف ويھاري به ان کي ھڪ قسم جي سزا ڏني ويندي ھئي، جيئن ھو اڳتي سبق ياد ڪري اچي. جسماني سزا توڙي ذھني طور ٻار کي ھيسائڻ، ٻار جي تخليقي قوتن کي متاثر ڪندو آھي، جنھن سان ٻار يا ته مزاج ۾ ايڏو سخت ٿي ويندو آھي جو ھو پوءِ مار کائڻ جو اثر ئي ناھي وٺندو يا ايڏو خوف ان جي اندر ويھجي ويندو آھي جو ھو سبق ياد ھئڻ سبب به استاد سامھون ٻڌائي ناھي سگھندو. استاد سامھون ايندي ئي ھو ڪنبڻ لڳندو ۽ ان جي زبان ھر ھر ترڪندي ويندي آھي ۽ صحيح لفظ ادا ناھن ٿي سگھندا. جتي تعليمي شعبي ۾ ٻين ڳالھين تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي، اتي جسماني سزا بابت به غور ويچار ڪري، ان جي نقصانن ۽ فائدن کي سامھون رکي پوءِ ڪو لائحه عمل جوڙڻ گھرجي. ٻارن جي نفسيات جا ماھر پڻ اھو چون ٿا ته ھرو ڀرو ٻار کي لٺ يا ٻي ڪنھن شيءِ جي مدد سان مار نه ڏيڻ گھرجي. مار ڏيڻ سڀ کان آخري آپشن طور استعمال ڪجي. ٻار جي پڙھائي ۾ دلچسپي نه ھئڻ سبب، سڀ کان پھرين ان کي استاد اڪيلي ۾ سمجھائي، اھا ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ھو ڪنھن پريشاني ۾ ته مبتلا ناھي ۽ ان جي والدين سان ھڪدم رابطو ڪري ملاقات ڪرڻ گھرجي. سزا جو سڌو سنئون تعلق سڌي طرح ٻار جي شخصيت کي ڪنھن ھڪ خاص طرف موڙڻ آھي، پر جيڪر ٻار مارڪُٽ باوجود ان خاص رخ ۾ نٿو وڃي ته پڪ سمجھو، اھا مار انھيءَ جي اندر ھڪ نفرت جو ٽانڊو دکائي رھي آھي، جيڪو ڪيڏي مھل به مچ جي صورت وٺي سگھي ٿو.

سزا ڏيڻ جا عام طور چار اصول آھن، جن کي آڏو رکي ٻار کي سزا ڏني ويندي آھي:

  1. مقصد: سزا ڏيڻ جو ڪو خاص مقصد ضرور ھئڻ گھرجي. ٻار کي سزا ڪنھن به ذاتي پسند يا ناپسند، ڪاوڙ ۽ دشمني تي نه بلڪه ٻار جي رھنمائي ڪرڻ ۽ ان کي صحيح راھ تي آڻڻ لاءِ ڏني وڃي.
  2. سبب: جنھن سبب خاطر ٻار کي سزا ڏني وڃي اھو تعليمي، اخلاقي ۽ سماجي لحاظ کان اڻ وڻندڙ ھجي. جنھن سان اسڪول توڙي ٻاھر ٻار کي پسند نه ڪيو ويندو ھجي. بنا ڪنھن خاص سبب جي، ڪنھن ذاتي ڪاوڙ تي ٻار کي ڪڏھن مار نه ڏجي.
  3. تڪليف يا سور: جنھن به ٻار کي سزا ڏني وڃي، اھو سزا ملڻ سان ضرور ڪجھ سور يا تڪليف محسوس ڪري، پر شرط اھو آھي ته ٻار جي عمر جي مطابق ان لاءِ سزا مقرر ڪجي ۽ ڏسجي ٻار ۾ برداشت ڪيتري آھي.
  4. احساس: سزا ملندڙ ٻار لاءِ اھو لازمي آھي ته ان کي پنھنجي غلطي يا گناھ جو احساس ٿيڻ گھرجي ۽ ان کي ڀلي ڀت خبر ھجي ته ان کي ڪھڙي عمل خاطر سزا ڏني وئي آھي. ڇو ته جيڪر ٻار کي سزا ملڻ جو احساس نه ٿيندو ته اھو عمل بي فائدہ ثابت ٿيندو، پر جيڪر ٻار کي سزا ملڻ سان شرمندگي ۽ احساس ٿيندو ته ھو ايندڙ وقت ۾ انھيءَ غلطي کان پاسو ڪندو.

سزا ڏيڻ جا ٻيا به ڪيترائي قسم آھن جيئن ٻار تي ڏنڊ وجھڻ، اسڪول مان نيڪالي، ٻار کي راندين يا اھڙين ٻين وندر جي سرگرمين کان پري رکي ڇڏڻ، رسيس بند ڪري ڇڏڻ، امتحاني مارڪون ڪٽڻ وغيره.

سزا ڏيڻ سان ان جا منفي اثر جيڪي پون ٿا، اھي ٻار لاءِ انتھائي نقصانڪار آھن. سزا ڏيڻ جو فيصلو آخري آپشن طور ڪرڻ گھرجي ۽ جتي دڙڪي ڏيڻ يا شڪايت ڪرڻ سان ڪم ٿي وڃي اتي سزا کان پاسو ڪجي. ٻار کي جسماني سزا ملڻ سبب ان جي ذھني ۽ شخصي واڌ ويجھ اڳيان رڪاوٽ اچي ويندي آھي. ٻار ۾ منفي جذبا وڌڻ سان گڏ، مجرماڻو رجحان پيدا ٿيڻ لڳندو آھي، تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ختم ٿي ويندو آھي. خوف ۽ حراس ان جي دل ۾ گھر ڪري ويندو آھي، ٻار ۾ قوت ارادي بنھ گھٽجي ويندي آھي، ٻار ۾ نفرت ۽ بغاوت جو گڏيل جذبو اڀرڻ لڳندو آھي.

ٻار جي جسماني سزا خلاف سنڌ اسيمبلي پڻ ھڪ بل پاس ڪري قانون جو حصو بڻايو آھي. ٻار کي جسماني سزا کان روڪڻ جو بل The Sindh Prohibition of Corporal Punishment Act, 2016، جنھن موجب ٻارن کي جسماني سزا ڏيڻ تي پابندي لڳائي وڃي. پوءِ اھو ٻار اسڪول ۾ پڙھندڙ ھجي يا ٻيو ڪٿي ھجي. ھاڻي به تازو ئي گذريل فيبروري جي مھيني ۾ قومي اسيمبلي ۾ ٻارن کي جسماني سزا ڏيڻ تي پابندي جو بل The ICT Prohibition of Corporal Punishment Bill، پيش ڪيو ويو، جيڪو منظور ٿي ويو آھي ۽ ان کي تاريخي قرار ڏنو ويو آھي. انساني حقن جي تنظيمن توڙي ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ فلاحي ادارن پڻ ان تاريخي بل جي آجيان ڪئي آھي. گڏوگڏ اھو پڻ مطالبو ڏيکاريو آھي ته ان تي مڪمل عمل درآمد ڪيو وڃي. پاڪستان پينل ڪوڊ 1860 جي سيڪشن 89 ۾ به ٻارن کي جسماني سزا ڏيڻ خلاف پھرين ئي قانون موجود آھي، پر تنھن ھوندي به اسڪولن، مدرسن مان ٻارن کي مارڪُٽ جون خبرون اينديون رھن ٿيون، جنھن سبب ٻار وڏا ٿي پاڻ اھا تشدد واري راھ اختيار ڪن ٿا ۽ نفرت جو جذبو انھن ۾ وڌي وڻ ٿي ويندو آھي. ننڍي عمر جي ٻارن کي جسماني سزا ڏيڻ وارو عمل ڪنھن به ريت سٺو نٿو چئي سگھجي، پر جيڪر گھڻي ضرورت پوي ٿي تڏھن به مٿي ڏنل اصولن کي ڌيان ۾ رکندي سزا ڏيڻ گھرجي.