ماتلي ۾ واٽر سپلاءِ جو مسئلو گذريل 40 سالن کان لڳاتار سدا بھار مسئلو بڻجي ويل آھي. ھڪ لک کان وڌي ويل آباديءَ کي پاڻي رسائڻ لاءِ ميونسپل انتظاميه رات ڏينھن ڪوششن ۽ خرچن باوجود بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ، تلائن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اچانڪ فني خرابين سبب پاڻي پھچڻ جي عملن ۾ رڪاوٽون آھن. اڳوڻي چيئرمين عبدالرئوف نظاماڻي پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ ڪافي جتن ڪيا، 500 ڪي وي جو ٽرانسفارمر به خريد ڪري لڳايو ته جيئن بجليءَ جو لوڊ وڌائي سگھجي، مگر ان ٽرانسفارمر جي واپڊا کان ڪابه منظوري نه ورتي وئي ۽ ايئن ڊيزل تي ھلندڙ مھانگو جنريٽر به لڳرايو، جيڪو چون ٿا ھڪ ڪلاڪ ۾ 50 ليٽر ڊيزل پي وڃي ٿو.
نئين ٽانڪي جيڪا 25 سال اڳ مڪمل ٿي آھي ان ذريعي پاڻي پھچائڻ جي ڪوشش ٿي، مگر اھا ڪوشش ان ڪري ناڪام ٿي جو اھا ٽانڪي پاڻي جي تلائن کان گھڻو پري ۽ اوچائي تي تعمير ٿيل آھي، جنھن تائين پاڻي پھچائي، ڊبل لفٽ ذريعي ٽانڪي ۾ پاڻي ڀرڻ تي ڊبل خرچ اچي رھيو ھو ۽ پريشر ايترو وڌيڪ ھو جو ان ٽانڪي جي استعمال سان شھر ۾ وڇايل پراڻين پائيپ لائينن جي ڦاٽڻ جو امڪان ھو ان ڪري 2 لک گيلنن واري ٽانڪي، ھيوي ٽرانسفامر ۽ ھيوي ڊيزل انجڻ ڪنھن ڪم جا نه رھيا آھن. تلائن تي ھڪ فيڊر تي ھلندڙ بجلي جا 100- 100 ڪلو واٽ جا 3 ٽرانسفارمر به مدي خارج ۽ پراڻا ٿي وڃڻ ڪري موٽرن جو ڳرو لوڊ نه کڻي سگھڻ ڪري سڙندا رھن ٿا. ان سان پاڻي جي سپلاءِ ۾ خلل پوندا رھن ٿا. گرمين ۾ پاڻي ماتلي شھر جو سڀ کان وڏو مسئلو ٿي پوي ٿو، بجلي جي 12 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ به پاڻي جي پوري سپلاءِ ۾ وڏي رڪاوٽ آھي. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته سنڌ سرڪار ماتلي کي واٽر سپلاءِ جي نئين اسڪيم ڏي ۽ واٽر سپلاءِ جي موٽرن کي ھلائڻ واري بجلي لائين تي ڪابه لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي.
واٽر سپلاءِ جي نئين ٽانڪي تلائن جي ڀر ۾ جوڙائي وڃي ته جيئن شھرين کي گھربل ۽ وقت سر پاڻي ملي سگھي. اھو به ته واٽر سپلاءِ جو پاڻي پيئڻ لائق نه آھي. ان ڪري پيئڻ جي صاف پاڻي جي سپلاءِ جا ٻيا بندوبست ڪيا وڃن، شھر ۾ جن جن پاڙن ۾ زيرِ زمين مٺو پاڻي آھي اتي ٽيوب ويل لڳائي ننڍن ننڍن موٽرن ذريعي پاڙي وارن کي پاڻي رسايو وڃي. ھنن حالتن ۾ ھزارين شھري پيئڻ جو پاڻي پخالين کان خريد ڪن ٿا يا خيراتي نلڪن تان پيئڻ جو پاڻي خود روزانو ڀرين يا ڀرائين ٿا.
ماتلي مان اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽ تي آيل ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي کي ھڪ دفعو ٻيھر وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آھي، اسين چاھينداسين ته تنزيلا صاحبه ماتلي ميونسپل کي واٽر سپلاءِ جي نئين اسڪيم ڏيارائي، ھونئن به تنزيلا صاحبه ماتلي ميونسپل کي مختلف وڏن ڪمن جي لاءِ سنڌ حڪومت کان 50 ڪروڙن جي خصوصي گرانٽ ڏيارڻ جو واعدو به ڪيو آھي.