20 جنوري 2025ع تي ڊونلڊ جان ٽرمپ آمريڪا جي 47 هين صدر جي حيثيت ۾ قسم کڻي ورتو آهي. ڊونلڊ جان ٽرمپ 14 جون 1946ع ۾ نيويارڪ شهر جي جيميڪا اسپتال ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو فريڊ ٽرمپ ۽ والده جو نالو ميري ايني ميڪليوڊ ٽرمپ هو. آمريڪا جي صدر جي حيثيت سان سندس هي ٻيو دور آهي، ان کان پهرين هو 2016ع ۾ چونڊجي آيو هو ۽ 2017ع کان 2021ع تائين آمريڪا جي صدارتي محل ۾ موجود رهيو هو. 2024ع جي ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ ڊونلڊ جان ٽرمپ ۽ سندس پارٽي ريپبلڪن سوڀ ماڻي جيڪا پڻ تاريخي سوڀ آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سينيٽ ۽ ڪانگريس جي ايوانن ۾ پڻ هن وقت ريپبلڪن پارٽيءَ کي اڪثريت حاصل آهي. عمومن ايئن ٿيندو آهي ته صدر هڪ پارٽي جو هوندو آهي، پر کيس سينيٽ ۾ يا ڪانگريس ۾ اڪثريت حاصل نه هوندي آهي، پر هن وقت ريپبلڪن پارٽي وٽ صدارتي عهدو به آهي، سينيٽ ۾ اڪثريت به آهي ان سان گڏ ڪانگريس ۾ پڻ ان پارٽي جي اڪثريت آهي.
اهوئي سبب آهي جو قسم کڻڻ کانپوءِ ڪيل تقرير ۾ ڊونلڊ جان ٽرمپ اهي ئي اعلان ڪيا جيڪي هو چونڊ مهم دوران ڪندو رهيو آهي. هن تقريب ۾ اڳوڻا آمريڪي صدر باراڪ اوباما، بل ڪلنٽن ان جي گهرواري هيلري ڪلنٽن ۽ مدو پورو ڪندڙ صدر جوبائيڊن پڻ شامل هئا. امير ترين شخصيتن ۾ مارڪ زڪر برگ، ايلن مسڪ ۽ جيف بزوس پڻ شامل هئا، جن في ڪس 10 لک ڊالر يعني ڪل 30 لک ڊالر انهيءَ تقريب ۾ فنڊ ريزنگ جي لاءِ ڏنا. موجوده صدر آمريڪا جي ماڻهن کي خوشخبريون ٻڌايون، سندس چواڻي ته آمريڪا جي سنهري دور جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر خوشحالي ماڻيندو. ملڪ ۾ قانون جي بالادستي يقيني بڻائينداسين ۽ پنهنجي ملڪ جو مڪمل تحفظ ڪنداسين. سندس چواڻي ته سڀ کان پهرين سندس مقصد آمريڪا کي عظيم بنائڻ آهي. اهوئي سبب هو جو سندس مخالفن کيس مارائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خدا کيس ان ڪري محفوظ رکيو جيئن هو آمريڪا کي عظيم ترين ملڪ بڻائي سگهي. هن گذريل حڪومت تي پڻ تمام گهڻي تنقيد ڪئي. موجوده صدر چيو ته اڳوڻي حڪومت ملڪ کي درپيش مسئلا حل نه ڪري سگهي، پر دنيا ۾ مهانگيون جنگيون شروع ڪيون جنهن سبب آمريڪا جو عوام مالي مشڪلاتن جو شڪار ٿيو. آمريڪي اسٽيبلشمينٽ تي سڌي تنقيد ڪندي هن چيو ته آمريڪا جي اسٽيبلشمينٽ انتهائي طاقتور هجڻ سان گڏ ڪرپٽ پڻ آهي، جنهن طاقت جي زور تي آمريڪي عوام کي نپوڙيو آهي. پنهنجي مرضي مطابق حڪومت ٺاهيندي رهي آهي، پر هاڻي کيس ناجائز فائدو کڻڻ نه ڏينداسين. هن ايستائين چيو ته ڪرپٽ اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن به آمريڪي عوام جي فائدي ۾ نه ٿي سگهي ٿي. ٽيڪسن جي حوالي سان پڻ سندس چواڻي آمريڪا جي عوام کي فائدو پوندو، جيڪڏهن جنگين تي خرچ ٿيندڙ پئسو عوام جي ڀلائي جي لاءِ خرچ ٿيو ته يقينن آمريڪا جو عوام هڪ بهتر زندگي گذارڻ شروع ڪندو. غير قانوني طور آمريڪا ۾ داخل ٿيندڙ ماڻهن کي سختيءَ سان روڪيو ويندو، ملڪ ۾ موجود غير قانوني ماڻهن کي واپس سندن ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو ۽ جيڪي ماڻهو غير قانوني آيل آهن ۽ ملڪ اندر ڪرائيم ڪن ٿا انهن کي ڊونلڊ جان ٽرمپ دهشتگرد ڪوٺيو آهي، جن جي لاءِ ڪابه رعايت نه ڏني ويندي.
هڪ ڳالهه واضح ڪندا هلون ته ڊونلڊ جان ٽرمپ خود آمريڪا جي عدالت مان سزا يافته مجرم آهي ۽ اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته پهرين دفعو ڪو سزا يافته ماڻهو آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو هجي جيڪو دنيا جو طاقتور ترين فرد طور سڃاتو ويندو آهي. جيئن ته ڊونلڊ جان ٽرمپ هڪ قدامت پرست انسان طور سڃاتو وڃي ٿو ان جي ڪري ئي هن جيڪي صدارتي اختيار طور آرڊر پاس ڪيا آهن ان مان پڻ سندس مستقبل جي پاليسي ۾ قدامت پرستي جي وڌڻ ويجهڻ جا امڪان نظر اچن ٿا. هن اهو به چيو ته پاناما ڪينال جي واپسي آمريڪا کي ڏياري ويندي. سندس پهرين ڪيل تقرير کي پوري دنيا ۾ ڪيئن ڏٺو وڃي ٿو ڪيترائي ماڻهو سندس ڪيل تقرير جي ساراهه ڪري رهيا آهن، وري انهن مان ڪيترائي ماڻهو سندس تاريخي پسمنظر ڄاڻائي تنيقد ڪري رهيا آهن. يورپ جي ملڪن ۾ پڻ بيچيني جي لهر نظر اچي ٿي، سڀ کان وڌيڪ جيڪا ساراهه ڪرڻ جوڳي ڳالهه سندس تقرير ۾ آهي جنهن ۾ هن چيو ته هو چائنا سان گڏجي دنيا ۾ امن امان قائم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو. هن اهو به چيو ته سندس پهرين سرڪاري دورو چين جو هوندو. پي ٽي آءِ جي دوستن کي خوش فهمي هئي ته هو ان تقرير ۾ باني پي ٽي آءِ جو ذڪر ڪندو، پر سندن اها خوش فهمي پوري نه ٿي سگهي. دنيا پڻ چاهي ٿي ته جنگ جو خاتمو ٿئي، اهو منظر اسان تڏهن ڏٺو جڏهن غزه ۾ حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وقتي جنگبندي کانپوءِ نه صرف غزه، پر اسرائيل ۾ پڻ ماڻهو خوشيءَ جو اظهار ڪندا رستن تي نڪري آيا. ايندڙ چئن سالن ۾ ڊونلڊ جان ٽرمپ دنيا کي امن ڏئي سگهي ٿو ته اهو دنيا کي سندس وڏو تحفو هوندو.