سيرينا وليمز ومبلڊن چئمپين شپ جي فائنل ۾ پهچي وئي
آمريڪا جي ٽينس جي رانديگرياڻي سيرينا وليمز سخت مقابلي کانپوءِ ومبلڊن چئمپين شپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. هن ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ کيڏندي ايليسن رسڪ کي 4-6، 6-4، 3-6 تان هارائي ڇڏيو. 37 سالن جي سيرينا وليمز جو ايندڙ مقابلو چيڪ ريپبلڪ جي بار بورا اسٽرائيڪووا سان ٿيندو. بار بورا ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ پنهنجي مخالف رانديگرياڻي جوهانا ڪونٽانا کي 6-7، 5-7، 1-6 تان هارائي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي.