بلاگنئون

ڪانڌپي جي ماني

لکڻ کي لکجي ته لکڻ سوکو آهي، پر جي لکڻ کي نه لکجي ته پوءِ لکڻ ڏاڍو اوکو آهي ۽ اهو سڄو سسٽم دل، دماغ ۽ ضمير تي منحصر آهي، جنهن ۾ علم، شعور ۽ تجربي جو گهرو واسطو شامل رهي ٿو، سو لکجي ته سچ لکجي باقي ڪوڙ لکي ڪري پڙهندڙن کي بليڪ ميل يا گمراهه ڪري منزل کان پري نه ڪجي، ڇو جو جيڪو رستي تان لهي يا ٿڙي ويندو آهي، سو سدائين پيو دربدر هوندو آهي ۽ ڌڪا ٿاٻا کائيندو آهي، پر جي جنهن ۾ عقل ۽ سمجھ جو ذرو به هوندو آهي ته اهو وري سنئين سڌي راهه تي اچي ڪري سڌري ويندو آهي نت باقي وڃي ٿيا ست خير، ها هتي منزل ماڻڻ خاطر صرف هڪ ئي جملو چوندس ته ”جيڪڏهن پنهل کي حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اوهان کي سسئي ٿيڻو پوندو (مهر فقير)“.
هي هيٺ لکيل تحرير رڳو لفظن جو ڪو ميڙاڪو يا ڪو واقعو ناهي، نه ئي ڪو جملن جو جهڳٽو آهي، پر هن تحرير منجھ هڪ سبق سمايل آهي، هڪ درد جي ڪٿا لکيل آهي، ماضي، حال ۽ مستقبل جو گڏيل آئين ۽ منشور سمايل آهي، باقي جي ڪنهن پڙهندڙ مٿان يعني مٿاڇري سطح تي پڙهي ڪري سکڻي واهه واهه يا لاجواب جا لفظ استعمال ڪيا سمجهو يا پڪ ڄاڻو ته انهيءَ شخص ڪجھ به حاصل نه ڪيو، سو جي ڪجھ حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ڪنهن به تحرير کي پڙهڻ دوران ان ۾ اندر گهڙي ڪري انهيءَ تحرير يا ڪهاڻيءَ جو ڪردار بڻجي وڃو، جنهن سان اوهان کي سڀ ڪجھ باآساني سمجھ ۾ اچي ويندو.
سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ بعد کٽ تي ليٽي/آهلي ڪري اڪيلائپ ۾ گهر ڀاتين خاص ڪري نمره کي ياد ڪري رهيو هئس ته رات جو 09 ڌاران ڪراچيءَ منجهان وڏي ڀاءُ محمد نواز مهر جي ٻي نمبر پٽ زبير علي مهر (ڀائٽيو) ڪال ڪري چيو ته بابا جو انتقال ٿي ويو آهي (اِنّا لِلّهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن اڄ 04.08.2023 جمعي تي منهنجي وڏي ڀاءُ محمد نواز مهر جو رضا الاهي سان انتقال ٿي ويو آهي). ان ويل سچ ته سڪتو طاري ٿي ويو ۽ اتي ماضيءَ موٽ کاڌي ته ڪيئن نه ادا وڏي اسان کي سنڀاليو، پڙهايو ۽ نوڪري وٺي ڏني ڇو ته اسان جو ابو تمام سادو سودو هو ۽ ڪڏهن ته چريائپ جا دورا به پوندا هئس، سو ادا وڏي سچ ته ابي وانگر اسان ننڍن ڀائرن کي پالي جوان ڪيو ۽ ياد آيو ته ادا وڏي سان عيدالاضحيٰ تي مليو هيم جتي ماني به گڏجي کاڌي هئي، سو سڄي رات ننڊ نه آئي ۽ فون تي خاص ڪري گهرواريءَ سان رابطي ۾ رهيس جيڪا ميت سان گڏ ڪراچيءَ کان ڳڙهي ياسين اچي رهي هئي.
ايئن ڇنڇر 05.08.2023 تي صبوح جو سوير ارشد علي ڀٽو ڪال ڪري جبار سيلرو کي گهرايو ۽ محمد يوسف ڪاڪيپوٽو سان گڏجي بائيڪ تي اڳڀرو ڪري جبار جي حوالي ڪيو، جيئن ته جبار رونتي (گهوٽڪي) ڪچي جي ڪچن پيچرن کان بخوبي واقف هو، تنهن هيڏانهن هوڏانهن وارن نانگ وارن ور وڪڙ گسن سان هلي ڪري اچي سي پيڪ واري روڊ تي ڇڏيو، جتي چانهن پيتم ۽ جبار کي به پيئاريم ۽ چئن جي بدلي پنج سو ڪرائي جا به ڏنامانس، اتان ڪشمور ڪنڌڪوٽ واري ويگن تي چڙهي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لٿس جتي وقاد علي مهر اڳ ئي انتظار ڪري رهيو هو، جنهن کي منهنجي گهر واريءَ ڪال ڪري چيو هو.
اهڙيءَ ريت ادا وڏي جو آخري ديدار نصيب ٿيو ۽ جنازي نماز ۾ به شريڪ ٿيس (ماضيءَ ۾ ابي، امان ۽ ادا شاهنواز جو آخري ديدار نصيب نه ٿي سگهيو هو) تدفين (ادا کي اسان جي ٻي نمبر ڀاءُ حق نواز جي ڀرسان دفنايو ويو، اتي ئي ابو، امان، منهنجو پٽ دل محمد عرف مومن علي ۽ ٻيا عزيز قريب آرامي آهن) بعد ٽي ڏينهن تڏو ۽ جماڻن سبب ڳوٺ ۾ ئي رهيس، ان دوران فيملي ڪراچيءَ رواني ٿي وئي ڇو ته نمره جا نائين ڪلاس جا ڪچا پيپر هئا.
گرمين جا ڏينهن هئا، اصل گرمي سبب ساهه پيو نڪري ان ڪري ميت کي قبرستان ۾ جاءِ ڏيڻ جو وقت صبوح جو 10:30 رکيو ويو هو، تڏو ادا ماستر علي نواز مهر جيڪو عمر ۾ مون کان هڪ سال وڏو آهي جي گهر رکيو ويو هو، قبرستان کان واپسيءَ تي سڀ ڪانڌي اچي گڏ ٿيا جڏهن ته ڳڙهي ياسين منجهان پڪيون پڪايون بريانيءَ جون ديڳيون اڳواٽ ئي پهچي چڪيون هيون، اتي جائزو ورتم ته اڪثر ماڻهن جي طلب گرم گرم مرغيءَ واري بريانيءَ جي هئي، تڏي تي هرڪو ويٺي ويٺي پري کان نالي سان سڏ ڪري هٿ مٿي کڻي حڪم ڌڻيءَ جو ۽ جيڪا رب جي رضا چئي رسم پوري ڪري رهيو هو، ها هتي رسم ئي ته پوري ڪرڻي هوندي آهي، باقي ڪير ڪنهن جو درد ڪٿي گهٽ ڪري سگهيو يا ورهائي سگهيو آهي، درد ۽ سور ورهائجڻ جا هجن ها ته هوند ڪنهن وٽ به ڪي سور ڪين هجن ها، ڪنهن اسپتال ۾ ڪو بيمار داخل نه هجي ها.
جڏهن برياني (جنهن کي لنگهڻ جو ڀت به چيو ويندو آهي) هلي ته ويٺلن سڏي سڏي، وڏي واڪي گهرائي ايئن ٿي کاڌو ڄڻ ته شادي يا ڪاڄ جو ڀت يا سڏ هجي، هرڪو کائيندو ۽ کسڪندو ويو، بس آخر ۾ ويجها عزيز، قريب ۽ رشتيدار بچيا جيڪي به ڪم ڪار جا مختلف بهانا ڪري هلندا ويا ۽ وري شام جو ان ويل اچي پهتا جنهن ويل مانيءَ جو وقت اچي ٿيو، هتي اهو به عرض ڪندو هلان ته تڏي تي ٽي ڏهاڙا ماني هلندي آهي جيڪا ماني ان ميت جا ويجها عزيز ڪندا آهن، صبح جو چانهن بسڪوٽ، منجهند ۽ رات جو ڪڏهن ماني ٻوڙ (قورمو) ته ڪڏهن مرغيءَ واري برياني ته جيئن تڏي تي ويٺل ماني کائن ۽ ثواب ميت جي روح کي ملي.
مان ڪوشش ڪري ڪنهن تي به اجائي تنقيد نه ڪندو آهيان ۽ نه وري طنزبازيءَ جي عادت اٿم ها مگر اصلاح خاطر لکندو آهيان، سماج جي اوڻاين تي لکي ڪري تعميري ڪردار ادا ڪندو آهيان، زنگيل ذهنن جي زنگ کي لاهي شعور طرف آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته جيئن معاشري منجھ ڪا تبديلي اچي، ڪا سرهاڻ اچي ۽ ڪو سڌارو اچي.
ادا وڏي جي ٽن ڏينهن واري تڏي تي مون اهو خاص ڪري نوٽ ڪيو ته ڳوٺ جا ويجها ۽ خاص رشتيدار صبوح جو چانهن جي وقت ۽ ٻين ٻن ويلن جي مانيءَ وقت، وقت مان وقت ڪڍي آيا پئي ۽ کائي پي سلام دعا ڪري هليا ٿي ويا، جڏهن ته رات جو سمهڻ وقت اچي ڪري کل، ڀوڳ ۽ چرچن بعد سڪون جي ننڊ ڪري وري ذاتي ڪمن ڪارين ۾ مصروف ٿي رهيا، ان ويل ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ هتي ڪو مرڻو نه ٿيو هو، پر ٽي ڏهاڙڪو خيراتي مسافرخانو تيار ٿيو هو، سچ ته شادين ۾ به ماڻهو ايئن ايترو ناهن کائيندا جيترو اڄ ڪلھ مرڻن تي پچايو ۽ وڏي شوق سان کاڌو پيو وڃي، اهو هتي مون جيڪو اکين ڏٺو احوال لکيو آهي، اهڙا ئي قصا وقت به وقت فيس بوڪ ۽ مختلف اخبارن جي صفحن تي به ڪافي وقت کان پڙهندو پيو اچان. مطلب ته هاڻي پرڻن کان وڌيڪ مرڻن تي خرچ ٿو ٿئي ڇو ته شادين ۾ وڌ ۾ وڌ هڪ ويلو يا کڻي ٻه ويلا ٿين ٿا، پر مرڻن تي ٽي ڏينهن سانده ٽئي ويلا ماني ٿي ملي سا به بنا پاهت جي، ڇو ته پاهت جا پيسا شادين ۾ هوندا آهن مرڻي ۽ تڏي جي مانيءَ جو ڪو پاهت ناهي هوندو، بس اچو کائو ۽ گهر ڀيڙا ٿيو، واهه ڇا ته زمانو اچي ويو آهي يار.
مرڻو:
پٽ: بابا او بابا، بابا ٻڌين ٿو يا نه؟
پيءُ: ڇا ٿيو ٿي ڇورا مٿو ئي کائي ويو آهين؟
پٽ: بابا بابا اٿ جلدي ڪر ته جنازي ۾ هلون وري تڏي تي به ويهڻو آهي.
پيءُ: اڙي وري ڪير مري ويو آ؟
پٽ: هاڻي هاڻي ڳوٺ واري مسيت مان اعلان ٿيو آهي ته وڏيري جو پٽ گذاري ويو آهي.
پيءُ: اڙي هائو اهو جيڪو بيمار هئس.
پٽ: هائو اهوئي.
پيءُ: ته پوءِ وارو ڪر ڇورا، هاڻي ته ڍو ئي ڍو هوندا.
پٽ: بابا توکي ته ڇڙو ماني ئي ياد آهي.
پيءُ: ها وڏيري جو پٽ مئو آهي سو تڏي تي تازا، سڻڀا ۽ ٻوٽين وارا طعام ايندا، واهه واهه ٻه ٽي ڏينهن کائي ٽڳ ڪبا.
پٽ: توبهن ڪر ابا توبهن، پرايو خير ته پنهنجو خير.
پيءُ: خير ئي خير آهي، هل ته هلي تڏي تي ويهون، اهڙا مرڻا به گهٽ نصيب ٿيندا آهن، غريبن جي تڏي تي ته ڪجھ نصيب ئي نٿو ٿي، اٿ جلدي ڪر.
هاڻي هتي سوال اهو آهي ته تڏو ڇو وڇايو ويندو آهي؟
تڏو منهنجي سوچ ۽ ناقص ڄاڻ مطابق انڪري وڇايو ويندو آهي ته جيئن مري ويل جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ خاطر قرآن خواني ڪئي وڃي ۽ جيڪو مٽ، مائٽ، يار، دوست وغيره پري کان اچي ته اهو عذرخواهي ڪري سگهي، پر هتي اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته تڏي تي بس هر ويلي گرم گرم ماني کائجي ۽ کل، مذاق، ڀوڳ، ٺڪاو ۽ ڊاڙا باشا هڻجن، جيئن ماڻهو هوٽلن، اوطاقن، کليل ڪچهرين ۽ تفريحي پارڪن يا ماڳن تي وڏا ۽ ڊگها ٽهڪ ڏئي رونشي بازي ڪندا آهن، جيڪو نهايت ئي غلط ۽ ڏکوئيندڙ عمل آهي.
هن تحرير لکڻ جو اصل ۽ خاص مقصد اهو آهي ته خدارا جنهنجي به تڏي تي وڃي ويهو ته برياني، قورمي ۽ مانيءَ جي لاءِ وڃي نه ويهو، تڏي ته ويهي ڪري لطيفا نه ٻڌايو، مري ويل جي گلا غيبت نه ڪريو، پر قرآن شريف جي تلاوت ڪري مري ويل جي روح کي ثواب بخشيو. خدارا ڪجھ سوچيو، اميد ته پڙهندڙ دوست هن تحرير منجهان فيض ماڻيندا ۽ گڏوگڏ منهنجي به رهنمائي ڪرڻ فرمائيندا.
***