تعليم، مسئلا ۽ حل
مشهور چوڻي آھي ته ”سڪن پويان ساوا به چٽ.“ اسان جي سنڌ جي تعليم سان به ڪجھ اھڙي حالت آھي. ڪجھ سوال ذھن ۾ هر هر رقص ڪندا رھن ٿا ته ڇا ڪير ان ۾ تبديلي آڻيندو يا ڪنھن کي تبديلي آڻڻ ڏني نٿي وڃي؟ ڇا ان جو ڪو والي وارث ٿيندو يا ڪنھن کي والي وارث ٿيڻ ڏنو نٿو وڃي؟ ڇا ھتي ڪو آھي؟ جيڪو ان باري ۾ سوچي يا ھر ڪنھن جا ذھن ٻين ڳالھين ڏانهن اھڙا مفلوج ڪيا ويا آھن جو ان ڏانھن ڪنھن جي سوچ جي ٻيڙي ڦيرو ئي نٿي کائي. آخر ان جو ذميوار ڪير آھي؟
ڇا اسان جا واھرُو جيڪي سرڪس جي شينھن وانگر اسان کي لٺ تي اٿارين ۽ ويھارين يا اسان خود جيڪي ھر واري سندن غير عملي ۽ ڪوڙين دعوائن ۾ اچي وڃون ٿا؛ يا ته اسان سڀ ان جا برابر جا ذميوار آھيون، جو پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم مڪمل طرح سان نٿا ڪيون.
ڪڏهن ڪڏهن ته ائين محسوس ٿيندو آھي ته شايد اسان پنھنجا ضمير ان ليلا وانگر وڪرو ڪري ڇڏيا آھن، جنهن نو لکي ھار جي عيوض چنيسر جي محبت کي وڪرو ڪري ڇڏيو ھو. جنھن کان پوءِ ھن وٽ پڇتائڻ کانسواءِ ڪا ٻي واھ نه ھئي، اسان وٽ به ٺلھيون دانھون ۽ ڪُوڪُون ڪرڻ کانسواءِ ڪجھ باقي نه رھندو. ٿورو غور ۽ فڪر ڪجي ته ھن وقت سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪھڙيون ڪھڙيون سھولتون موجود آهن. ڇا اسڪولن جون عمارتون ويھڻ لائق صورت ۾ آھن؟ ڇا اسڪولن ۾ عملو مڪمل ڀرتي ٿيل آھي؟ ڇا ٻارن لاءِ ضروري سھولتون جھڙوڪ: فرنيچر، ڪتاب، بجلي، پاڻي، لائبريري، ليبارٽري جو بندوبست ٿيل آھي؟ منھنجي خيال ۾ جواب ”نه“ ۾ ئي ملندو.
اڄ به اسڪولن ۾ شاگردن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي، شاگردن سان غير اخلاقي ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي، شاگردن تي ذھني ۽ جسماني تشدد ڪيو وڃي ٿو، ڪرپشن ۾ ته تعليمي ادارا ٻين ادارن کي پوئتي ڇڏيندا پيا وڃن.
اڄ به اسان جا تعليمي ادارا جديد ٽيڪنالاجيءَ کان محروم آھن. اڄ به کوڙ سارا استاد بغير عمارتن جي وڻن ھيٺان پڙھائڻ تي مجبور آھن. اسان جي تعليم جو نظام بنسبت ٻين جي سئو سال پوئتي محسوس ٿئي ٿو، ان جا کوڙ سارا ڪارڻ آھن.
اسان وٽ جڏھن به مينهن وسي ٿو يا ٻوڏ اچي ٿي ته ٻيو ڪجھ نه تدريسي عمل لازمي بند ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻوڏ متاثرن يا برسات متاثرن کي رھائڻ جي لاءِ اسان جي واھرن کي اسڪول کان بھتر ڪا جاءِ نظر ئي نه ايندي آهي. ڪورونا کي ئي نظر ۾ رکي ڳالھ ڪيون ته اسان وٽ ھڪڙو ڪيس جڏهن ظاھر ٿيو ته پھرين ئي سَٽَ ۾ اسان جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويا، جڏھن ته جتي ڪورونا وائرس جنم ورتو، چين جي ووھان شھر ۾ ته اتي به تدريسي عمل بند نه ڪيو ويو، بلڪه ان لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ ورتا ويا. ٻارن کي وڌيڪ سھولتون ڏنيون ويون ته جيئن ٻارن جي تعليم متاثر نه ٿيئي، پر اسان وٽ ھر شيءِ جو حل تعليمي ادارا بند ڪرڻ آھي.
اسان جي سوچ انھن شين کان اڳتي وڌندي يا نه؟ ڇا ڪڏھن اسان جي ادارن ۾ سڌارو ايندو به يا نه؟ جيڪڏهن ”نه“ ته جيڪي چند مخلص شخص جيڪي پنھنجي پوري خلوص سان محنت ۽ سچائي سان پنھنجو فرض نڀائي رھيا آھن، انھن جو ڪم ضايع آھي ۽ ڪنهن کي نظر به نه ايندو. اسان وٽ صرف افسوس! ڪرڻ کان سواءِ ڪجھ باقي نه رھندو. اچو ته گڏجي ڪجھه جوڳا اپاءَ وٺون ۽ انهن مسئلن جا حل ڪڍون. ڇو ته سٺي تعليم حاصل ڪرڻ ھر فرد جو جمھوري حق آھي. Elizabeth Warren
جو قول آھي ته ”سٺي تعليم مستقبل جي بھتري جو بنياد آھي.“ اسان جي ادارن جو پٺتي پئجي وڃڻ جو ڪارڻ ڪجھ اھو به آھي ته اسڪولن جي جيڪا انتظاميه اسان وٽ مقرر ڪئي وڃي ٿي، اھا اڪثر غير تربيت يافته ۽ سياسي سفارش تي ڀرتي ٿيل ھوندي آھي. جيڪڏهن انھن کي مختلف تربيتون وقت سر پوري ذميوارين سان ڏنيون وڃن ته شايد ڪجھ تبديلي به اچي ويندي.
ٻيو ڪارڻ ته اسان سڀ ھڪٻئي تي ڀاڙيون ٿا، ڪنھن به ڪم ۾ ڪا خاص سنجيدگي نه ڏسندا آھيون، پنھنجو ڪم پاڻ ڪرڻ بجاءِ ٻئي جي آسري ڇڏي ڏيندا آھيون. مالھيءَ کان وٺي بالا آفيسرن تائين سڀ ذميوار آھن. جيستائين برابري ۽ سراسري نه ٿيندي، تيستائين اسان جو نظام ائين ئي پيو ھلندو، اسان جو اڳتي وڌڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو ۽ ھميشه جيان پوئتي ئي رھنداسين.
انھن سڀني ڳالھين جو نچوڙ ڪڍبو ته اسان جو ڪم بند پيل مُٺ ۾ واريءَ وانگر نظر ايندو، جيڪا ھڪ پَل لاءِ مُٺ ۾ رھي ته ٿي، پر آھستي آھستي کسڪي نڪري ويندي آھي. چوڻ جو مقصد ته انھن ڳالھين جي سُڌ ھر ڪنھن کي آھي. ڳالھيون سڀ ڪن ٿا، پر جيستائين عَملِي ڪم نه ڪبو ته ڪجھ به ھٿ ۾ نه ايندو. خدارا! پنھنجي ادارن جي مالڪي ڪيو، سچائي ۽ ايمانداري سان صحيح نموني وقت بوقت جانچ پڙتال ٿيندي اچي ته کوڙ سارا مسئلا حل ٿي پوندا ۽ تعليم ۾ ڪجھ سڌارو اچي ويندو، ڇو جو تعليم نسلن جي اوسر ڪري ٿي، ائين نه ٿيئي ته اسان تعليم جھڙِي ٽِين اک کان محروم ٿي وڃون ۽ لاشعوري جي اھڙي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي وڃون، جتان اسان جو واپس نڪرڻ ناممڪن ٿي پوي!
***