بلاگنئون

شهرن جا انفرااسٽرڪچر بهتر ڪجن

حڪومت جي هڪ ڪاٿي موجب جڏهن انهن وٽ 72.36 ارب هجن ته اهي ٻوڏ ستايل ماڻهن جي مدد ڪري سگهن ٿا، اهي سسٽم جيڪي بارشن جي ڪري تباھ ۽ برباد ٿي ويا آهن، جيڪي سسٽم مينهن ۾ لڙهي ٻڏي ويا آهن، جيڪي سسٽم مينهن کانپوءِ به وري هلي نه سگهيا آهن ۽ انهن جي ٻيهر مرمت جي ڪري سگهن ٿا. حڪومت وٽ ان مهل ايمرجنسي فنڊ نه هئا ته ۽ اهي گهربل پئسا حڪومت جي والٽ (کيسي) ۾ نه هئا ته حڪومت ڀلا ڪٿان آڻي جو بارش سٽيل ماڻهن کي رليف ڏئي. ان ڪري جو جيڪي به ٽيڪس ڪليڪشن جا پئسا مرڪزي حڪومت وٽ اچن ٿا، اهي وزيرن ۽ اميرن جي خرچن، کاٻارن ۽ عياشين ۾ هليا ٿا وڃن ۽ حڪومت وٽ ڪجھ بچي نٿو. ان وقت وفاق به صوبائي حڪومتن کي نڌڻڪو ڪري ٿو ڇڏي، اين ايف سي ايوارڊ هجي يا صوبائي ٽيڪس ڪليڪشن جا حصا پتي هجن، پر صوبائي حڪومت کي مرڪز کان ڪجھ نٿو ملي. صوبائي حڪومت کي مرڪز کان رڳو 1.627 رپيا ملن ها ته جيئن اهي بجلي جا کريل نظام وري جوڙي سگهن ها. اهي نظام جن ۾ آبپاشيءَ جي ندين، نالن ۽ ڪينالن کي ڌڪ رسيو هو، اهي نظام جيڪي صحت جي گهربل خرچن کي پورو نه ڪري سگهيا هئا، جن لائيو اسٽاڪ کي نقصان رسيو هو، پوءِ اهو پورو نه ٿي سگهيو. اهي گهر جيڪي ڊهي پٽ پئجي ويا هئا، انهن جي لاءِ حڪومت جي ڊمانڊ هئي ته مرڪز انهن کي گهٽ ۾ گهٽ 41 ارب رپيا ڏئي جنهن تحت اهي في گهر لاءِ 50 هزار به ڏين ته اهي 82 هزار گهر ٻيهر تعمير ڪري سگهجن ٿا.

پر حڪومتن جي به ڳالھ سمجھ کان مٿي آهي ته جي ڀلا ترقياتي ڪم ڪرائڻا به آهن ته انهن ننڍن ننڍن شهرن جا انفرااسٽرڪچر بهتر ڪجن. شهرن ۽ ڪچين آبادين کي زرعي زمينن جي سطح کان مٿي اڏجي، جيڪي به ڳوٺ ۽ شهر آهن انهن جي چوڌاري نالا يا اوسي پاسي ۾ اهڙا دائمي وڏا واھ هلايا وڃن جن ۾ ڳوٺن ۽ ڪچين آبادين جو نيڪال ممڪنه طور تي وهائي سگهجي، جن ۾ گندو ۽ خراب پاڻي هلائي سگهجي، جن ۾ اهي نالا ان ٽائيم تي به استعمال ڪري سگهجن، جو جڏهن بارشون وسن ته اهي نالا وهي هلن ۽ مينهن جو پاڻي انهن ڪچن علائقن ۾ بيهي نه رهي، انهن علائقن کي ڪنهن طرح بچائي سگهجي. ڇو ته بارشن جو پاڻي بيهي ٿو ته نقصان ٿو ڪري ۽ وهي هلي ته اهو آخر واهن مان گذري ڪينالن مان وهي وري درياءَ ۾ هلائي سگهجي. ان ڪري اها ڳالھ به مڃون ٿا انهن ڳوٺن کي اتان اٿاري ڪنهن ٻئي هنڌ آباد نٿو ڪري سگهجي، ماسوا ان جي ته اهي پنهنجي پئسي جي زور تي اتان اٿي وڃن، انهن جي پنهنجي ڪا ”ڪلاس ڪنورجن“ ٿئي، اهي غريب پاڻ مرادو امير ٿي وڃن، انهن وٽ پنهنجو پئسو ايتري گهڻائي ۾ اچي جو اهي ٻين شهرن ۾ وڃي ڪو پلاٽ وٺي لڏپلاڻ ڪري سگهن، ٻين شهرن ۾ رهي سگهن، ٻين شهرن ۾ اهي پنهنجا ڪاروبار يا نوڪريون ڪري سگهن، نه ته انهن ڪچين آبادين جي لاءِ زندگيءَ جو بدلجي پوڻ انتهائي مشڪل ۽ تمام گهڻو ڏکيو به آهي. هر سال جڏهن به بارشون اينديون اهي انهن ڪچين آبادين ۽ ننڍن شهرن کي ٻوڙي هليون وينديون آهن، صورتحال پوءِ اها ٿي بيهي ته اسان بچون ۽ ٻيا ٻڌي وڃن يا پير منهنجي پڄاءِ باقي ٻيا مار، ان سموري صورتحال ۾ جي شيون منظم هجن ته زندگي آسان بڻجي پوي.

”پوسٽ افيڪٽس“ ۾ اها ڳالھ ته تمام گھڻي واضح آهي ته بارشن جي ڏمر جي جيڪي گهرن، پاڙن، ڳوٺن يا شهرن جو سوسائٽيون متاثر ٿين ٿيون، جيڪي خالي ٿيڻ جي صورت ۾ چوري چڪاري وڌي ٿي وڃي، جنهن جي ڪري پاڻيءَ ۾ لهي ڪنهن جي سارسنڀال لهڻ کڻي مشڪل هجي، پر اتي سيڪورٽي ڏيڻ يا انهن گهر ڌڻين جو گهر ڇڏي وڃڻ به انهن لوفرن کي دعوت ضرور ٿو ڏئي ته اهي انهن جي گهرن مان چوريون يا ڪا بدڪاري ڪن. اسان جهڙن ملڪن ۾ ٻه واضح طبقا رهن هڪ طبقو جيڪو ترقي پذير معنيٰ جنهن وٽ نه پيئڻ جو پاڻي آهي، نه تعليمي سهولتون، نه گهر گهاٽ، نه روڊ رستا، نه صحت جون درڳليءَ سهولتون، نه ڪا دنيا داري، بس ويچارا ائين پيا الله جي نالي تي زندگي گذارين، اهڙي طبقي کي ٽي وي ميڊيا تي هر سال ڏيکاري پني سگهجي ٿو، ان ڪري اهي ماڻهو هن حڪومت جي نئين شروع ڪيل ”فائيو اييز“ واري پروگرام کان به پري آهن ته دنيا جي ”گلوبل گولز“ کان به وانجهيل آهن، ان ڪري ان ترقي يافته طبقي کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي، ان ڪري اسان وٽ ٻه پاڪستان آهن. ٻيو ته اسان وٽ معاشيات يا اقتصاديات ڀلي ذڪر هيٺ نه هجن، پر موسميات ۽ سياست سڄو ڏينهن مٿو کائي ويندي آهي. ميڊيا وارا ڪڪرن جي آڏو به ڪئمرا جهلي ان جي اسپيڊ ڪڇي سگهن ٿا ته هاڻي ڇا ٿيڻو آهي. ڇو ته اسان وٽ ٻيو ڪو ڪم ناهي، سڄو سال مذهبي ميلا به هڻ هڻان لايو ويٺا هوندا آهن، ان ڪري ماڻهن جي ڏاهپ اتان ئي پرکي سگهجي ٿي.

سوال اهو به آهي ته جڏهن ڳوٺ آباد ٿيا پئي ته ڇا اهي پ پ سرڪار ڪرايا هئا، نواز سرڪار يا پي ٽي آءِ سرڪار کان پڇي ماڻهن ڳوٺن جون گھٽيون هيٺ مٿي ڪرايون هيون؟ جي اهي ڳوٺ سوين سال پراڻا آهن ته ان وقت جي حڪمرانن ملڪ ڏٺو به هو ته برطانيا وارا ڪيئن شهرن جي پلاننگ ٿا ڪن يا آمريڪي شهر ڪيئن شهري نظام ٿا ٺاهين. اصولن ڪو ماڻهو پاڻ جڏهن ٻين جي گهر اچي وڃي ٿو ته ڪجھ نه ڪجھ سکي ٿو. ان وقت جي وزيرن جڏهن دنيا ڏٺي به هئي ته انهن ڇا سکيو؟ يا رڳو موئن جي دڙي کي ڏسن ۽ غور ڪن ها ته اهي ڪيئن پڪي مٽي سان مٿي گهر اڏي ويٺا هئا ته جيئن انهن کي ٻوڏ متاثر نه ڪري ته پوءِ هاڻوڪي آباين 1947 کانپوءِ جيڪي به ٻوڏون آيون آهن، انهن مان ڪهڙن حڪمرانن ڪهڙو سبق سکيو؟ ماڻهن پنهنجي گهر ۾ جڏهن گرمي جي بچاءُ جي لاءِ فالس سيلنگ ۽ سرديءَ ۾ هيٽر هڻي سگهي ٿو ۽ گهر جي پاڻيءَ جي نيڪال جا به مناسب رستا جوڙي ٿو ته پوءِ بارشي پاڻي ڳوٺن ۾ ڇو ٿو  ڪاهي پوي؟ يا ان جي نيڪال جا رستا ڪٿي آهن، اهو بارشي پاڻي ڪيڏانهن وڃي؟ يا انهن ماڻهن اهڙي دانهن ڪوڪ ڇو ناهي ڪئي؟ ڇو ته انهن ڳوٺن جي آباديءَ ۾ ته ماڻهن جي پنهنجي پلاننگ آهي، هاڻي (ڪهڙي به) سرڪار وٽ ڪو جادوءَ جي لٺ ناهي ته اهي هڪ ڦوڪ سان ڪري ويندا، ان ڪري هر مصيبت ڪو نه ڪو سبق کڻي ايندي آهي. ان ڪري ماضيءَ جون مصيبتون ڪهڙو سبق کڻي آيون يا ماڻهو ان انتظار ۾ آهن ته رڳو بارشن کانپوءِ سڪاهين ٿئي ته هوٽلون وري آباد ڪن باقي مڙئي خير آهي.

سنڌ حڪومت کي برسات متاثرن جي مدد لاءِ آمريڪا 2 ارب 20 ڪروڙ ۽ وفاقي حڪومت 37 ارب رپين جي آڇ ۽ آسرو ته ڏنو هو، پوءِ اهي مليل رقمون الائجي ڪيڏانهن ويون، الائي مليون به الائي نه. ائين ئي جيئن مرڪزي حڪومت (شهباز سرڪار) پ پ جي صوبائي سرڪار کي 24 ارب رڳو سامونڊي پٽي جي تباهيءَ مهل (جڏهن جولاءِ 2023 ۾ سامونڊي طوفان آيو هو) ڏنا، پر انهن مرڪز جي پئسن مان انهن علائقن جي برسات متاثر ماڻهن کي اهي پئسا صوبائي سرڪار ڏنا الائي نه يا رڳو فوٽو سيشن ٿيو ۽ ماڻهن جا پئسا پاڻيءَ ۾. وري 2022 وارين بارشن ۾ ڏٺوسين ته انهن سنڌين کي نه رهڻ لاءِ ٽينٽ مليو ۽ نه کائڻ لاءِ ماني، نه دوا درمل ۽ نه ئي ٽينٽ اسڪول جو اهي ٻار پنهنجي پڙهائي اتان ئي شروع ڪري سگهن ها جتان اهي متاثر ٿيا هئا. ان وقت جي وزيراعظم جو سنڌ حڪومت جي لاءِ 15 ارب رپين جي گرانٽ جو اعلان ۽ اقوام متحده جي 50 ڪروڙ ڊالرن جي امداد به هوا اڏي وئي يا زمين ڳهي وئي، ڇو ته اهي سڀ پئسا ملائي تقريبن 110 ارب ٿا ٿين، جن مان حڪومت جي ڪرڻ تي اچي ها ته الائي ڇا مان ڇا ڪري سگهي ها، پر اصولن يا حقيقتن اهي سڀ پئسا ڪم نٿا لائجن، انهن پئسن مان حڪومت مڙئي ڪجھ ڪري يا نالي ماتر ڪي ڪم ڪري به ٿي، پر ٿئي ڪجھ نٿو، رڳو بهاني بازي ڪري ڪم ٽپائي هليا ٿا وڃن، اهي پئسا جڏهن حڪومتن جي هٿ وس اچن ٿا ته اهي لوڻ پاڻي ٿي ٿا وڃن ۽ ماڻهن جي حالت بدلجي نٿي، ماڻهو اهي جو اهي رهجي ٿا وڃن ۽ ماڻهن ۾ وري جيئڻ جي سڪت ۽ وري زندگي گذارڻ جي تمنا خاڪ ٿي ٿي وڃي، زندگي مزي جي نٿي رهي. ان ڪري ته بارشون پيون اچن ۽ وڃن ٿيون ۽ ماڻهو به هاڻي هيراڪ ٿي ويا آهن، سمجهن ٿا پاڻي لهي ويندو ته زندگي وري اتان ئي شروع ڪنداسين، پاڻي وهي ويندو ته ميدان وري خالي ٿي پوندا، ان ڪري ته بارشون هڪ هنڌ ثمر آهن ته ٻين هنڌن تي ڏمر به آهن. ٻين هنڌن تي اهي بارشون ساوڪ ٿيون سارن ته ڪٿي بنجر بڻائي ٿيون وڃن، پر اها سڀ پلاننگ حڪومتي ڌرين جي هجڻ کپي ته اهي انهن جاين تي زندگي وري روان دوان ڪري ڏيکارين ۽ زندگي ٻيهر جيارين ته ماڻهن ۾ به جيئڻ جو اتساھ پيدا ٿئي ۽ هڪ اميد بڻجي پئي.