بلاگ

ڪلاسيڪل ڪردار,حاجي ڇٽو خان ھيسباڻي

”ماستر! فجر جي نماز پڙھي روز ٻني تي چڪر ھڻڻ جي عادت اٿم، دونھائي وارن چانڊين جي ڇورن جي عادت آھي گاهه چوري ڪرڻ جي، ڪڏھن لوسڻ چوري ڪريو وڃن ته ڪڏھن برسيم. ڇا ڪجي ھنن کي پنهنجو گاهه چوري ڪندي ۽ چور کي ھٿيڪو ڏسي دل ته ڪڙھندي آھي پر اسان کان ڪجھه چوڻ پڄي ڪونه. ماڳھئين گس ئي مٽايو ڇڏيون ته مٿان وڃي بيهندس ته شرمساري نه ٿيئين، وري اھو به سوچيندو آھيان ته ھنن کي به ضرورت ھوندي، ڀري گاهه جي کڻي ڀلا وڪڻندا ته ڪونه، ضرور مال کي کارائيندا، مال بک تي ھوندن.“

اھي لفظ ھوندا ھئا، بابا سائين جي يار چاچي حاجي ڇٽو خان ھيسباڻي جا. وڃ ايڏي شرافت، ايڏي برداشت جو اکين ڏٺو پنهنجو نقصان ٿيندي ڏسي ۽ انهي کي ڪجھه نه چئجي ته متان چور شرمسار نه ٿئي. ھلا ٿئي ڪهڙو آهين؟ متان ويو آھين، چوڻ بدران ماڳهين ڪنڌ ھيٺ ڪري گس ئي بدلائي ڇڏجي.

اھي ھئا راڄ ڀاڳ جا اشراف ڪردار، جھڏي کان چئن ڪوھن تي ڏکڻ طرف ھلبو اڳيان، خيرپور گنبو ۽ ملڪاڻي شريف ايندا بس اتان کان ٽي ڪلوميٽر الهندين پاسي، الائي ڪيترن ورھين کان ھيسباڻين جا ٻه ڳوٺ جان محمد ھيسباڻي ائين حاجي ڇٽو خان ھيسباڻي ورھين کان آباد آھن. بابا سائين اوڻيھه سو ٽيونجاهه ڌاري ڳوٺ حاجي ڇٽو خان ھيسباڻي ۾ پرائمري ماستري جو آرڊر وٺي آيو ۽ سندن ڳوٺ جو اسڪول آباد ڪيو. پوءِ ڄڻ اتان جو ئي ٿي رهيو. سموري نوڪري سال ٻه ڇڏي انهي ڳوٺ ۾ ڪيائين، ان اسڪول مان رٽائرمينٽ ورتائين. منهنجي پرائمري تعليم جو ڪجھه حصو بابا سائين وٽ ڇهون ۽ اٺون درجو مڊل اسڪول ملڪاڻي شريف ۾ پڙھندي گذريو. جنم ڀومي خيرپور گنبو ھئڻ ڪري به ائين ننڍپڻ جا ڏينهن اتي گذارڻ جي ڪري روح جو رشتو انهي تر سان جڙيل رهيو آھي.

بابا سائين اٺٽيھه سالن جي نوڪري ۾ تقريبن ٽي پيڙهيون حاجي ڇٽي خان جي ڳوٺ ۽ آس پاس ڪنڀارن، ھيسباڻين، چانڊين، پنهورن، ميگهواڙن، عبدالله پنجاپي واري ڳوٺ جي ڇوڪرن جو استاد رهيو. سندس ڪردار جي واکاڻ ۽ سندس نالي جو احترام اھو جو، اڄ به بابا جن کي “سائين محمد الياس” جي نالي سان عزت ۽ احترام سان سڏجي.

سو ڳالھه پئي ڪئيسين مرحوم چاچا حاجي ڇٽي خان ھيسباڻي جي، ڳوٺ جي مسجد آباد، اسڪول آباد، ٻنيون ٻارا آباد، آيل مسافرن ۽ مهمانن لا دلين جا دروازا سدائين کليل. اوطاق جا اڱڻ آيلن لا آباد، ھر ڪو خوش. پنهنجن ڌنڌي ڌاڙي سان، ٻني ٻاري سان، ڳوٺ وارن جون ھڪ ٻئي سان محبتون، ڏک سک، اوير سوير، اگهائي سگهائي، خوشي غمي ۾ گڏ.

چاچي ڇٽو خان سان گڏ ڳوٺ جا ڪجھه ٻيا جن کي بنا ڪنهن علم جي به آئون عقلمند، دانا ۽ ماھر سماجيات سمجهندو آھيان، انهن ۾ چاچو بخشڻ خان ھيسباڻي، جان محمد ھيسباڻي، ڪاڪو تاج محمد ھيسباڻي، غلام علي خان ھيسباڻي، جيڪو وري حاجي ڇٽي خان ھيسباڻي جو ڀا هو. چاچو ھيبت خان ھيسباڻي، کمون خان ھيسباڻي، حڪيم ڪنڀار، ڪاڪو جانڻ چانڊيو، ڪاڪو سومار چانڊيو، ڪاڪو آچو خان، ھوت خان ھيسباڻي، جيڪو حاجي ڇٽي خان جو فرزند هو، جنهن جو وري ڳوٺ ۾ ريزڪي دڪان ھو. ھوت خان ھيسباڻي ڪنهن وقت حيدرآباد مان بي ڪام ڪئي ھئي پر نوڪري ڪانه پڳس نه ڪو ڪوشش ڪيائين. ڳوٺ اچي ٻني ٻارو سنڀالي ۽ دڪان سنڀالي ويهي رهيو.

ساڳيئن دڪان جي سامهون وري ڪاڪي نانڪ ميگهواڙ جو دڪان هوندو ھو. ڪاڪي نانڪ جي هڪڙي عادت هوندي ھئي، هو پوري ستين وڳي دڪان لا گهران نڪرندو ھو. اڇن بٽڻن وارو سيلن تي هلڻ وارو ريڊيو ھٿ ۾ کڻي گهر کان دڪان تائين ريڊيو سيلون تي پراڻا گانا ٻڌندو ۽ ٻڌائيندو دڪان تي پهچندو ھو. مٿيان سڀ ڪردار بابا سائين جا دوست يار سان گڏ، ڀا برادر ۽ نيازمند به ھئا، ۽ بابا سائين سان سندن وڏو احترام جو رشتو به هو.باباکي سڏين سڀ “سائين” سوا جان محمد ھيسباڻي ۽ سومار خان چانڊئي جي.

 رات جو سڀ اچي اسڪول جي اڳڻ تي ڪچھري مچائيندا ھئا. ٻني ٻاري جون خبرون، مال وٿاڻن جون، فصل ڦٽي جون، اگھه پار جون خبرون، مينهن پاڻي جون خبرون، اگهائي سگهائي جون خبرون، چاچي ڇٽو خان جي عادت ھوندي ھئي بابا جي نيرن، ٻپھري ۽ رات واري ماني سدائين پاڻ کڻي اسڪول تي پڄائيندو هو. اوطاق تي آيل مهمانن جي ماني پهچائڻ رسول بخش ۽ گل محمد ھيسباڻي جي ڊيوٽي هوندي ھئي. ماني ٽڪي کان پو سمھڻي جي نماز پڙھي ڪچھري مچندي ھئي، ڪاڪو بخشڻ وري راڳ جو شوقين، هو انهي وقت جي راڳيندڙن جو ذڪر ڪندو هو، جن ۾ جيوڻي ٻائي، جمالو خان، ماسٽر چندر، ڀڳت ڪنور رام، الھه وسائي جي نالن کان واقفيت تڏهن ٿي. ڪاڪو تاجو وري گهوڙن جو شوقين، سمن شاه جي ميلي تي شام جو ڳوٺ ۽ تر جا ماڻهو ميلي تي ملاکڙا، گهوڙن جي ڊوڙ، رات جو راڳ رنگ جون محفلون.

اسان جي عمر اڃا ننڍڙي ھئي، ڳوٺ مان گهوڙا نڪرندا ھئا، مون ڪاڪي تاجي سان گڏ بابا پنهنجي ٻي سنگت سان گڏ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي کي سازندن سان گڏ ڊفلي تي ويٺل ڏٺم. بابا سائين ٻڌايو ته ” پٽ ھي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي آھي ماتلي جو وڏو زميندار آھي، راڳ رنگ سندس شوق آھي.“ گڊو نالي ڊگهي قد جي ڇوڪري مير علي نواز ناز جو ڪلام “تنهنجي رمز سھڻا مان ڇا سمجهان، اقرار به آ آنڪار به آ” ڪلام پئي ڳايو جيڪا ڇوڪري پو ھلي عابده پروين ٿي.

چاچي جان محمد جو ذڪر رهجي نه وڃي، چاچو پورو سارو پڙهيل هو، پوري عمر ڦڏن ۾ گذريس. ڪورٽ ڪچهريون جهڙو سندس گهر، بابا سان ڪچھري ڪندي ڪورٽ ۽ قانون جا سڀ قلم برزبان ياد ٿي ويس، ڪيس ۾ وڪيل ڪرڻ بدران ڪيس پاڻ وڙھندو ھو. اھو ۽ ڪاڪي سومار چانڊئي جا ڳوٺ ٿورو پرڀرو هوندا ھئا، سي وري ڏينهن جو بابا سان ڪچهريون ڪري شام جو واپس ٿيندا ھئا. بابا جي منجهند جي ماني ايندي ھئي. بابا صلاح ھڻندو ھو سومار خان اچ ٻه گرهه گڏجي کائون. بابو بسم الله ڏھين بجي اسان جي ماني تيار ٿيو وڃي، بس ڏڌ ماني کائي ڍئو ڪري نڪرندو آهيان، تنهنجي ڪچهري لا، وري ماني رات جي کائبي. پر ھڪڙي ڳالھه ٻڌي ڇڏ ماني ته مولا جي آھي. پر “ماني انهي جي کائجي، جنهن جي گهر جا ڪک به مرڪن”. اھو هو ڪاڪي سومار جو ميزباني جو پئمانو.

اسان اڄ به حاجي ڇٽي خان مرحوم جي فرزند گل محمد ھيسباڻي وٽ ويندا آهيون ته سندس ڪک ائين مرڪندا آھن جيئن بابا سائين جي خدمت ڪندي ڇاچا حاجي ڇٽي خان ھيسباڻي جي اھل عيال سميت ڪک مرڪي پوندا ھئا.

 

 

                       خالد پرويز