ايدھي سينٽرن تي لينڊ مافيائن جي دھشتگردي .
مون پنهنجي اردو بلاگ “بات سي بات” ۾ لکيو هو ته ورهاڱي کان اڳ خير جا گهڻا ڪم جن ۾ ويم گهر، اسپتالون ، اسڪول، ۽ خيراتي ڪم غير مسلم ڪنداهئا، شهرن ۽ پاڻي جيون پڪيون سبيلون، خيراتي اسپتالون، آشرم ، ويندي جانورن جي پاڻي پئيڻ لاء به پڪيون هوديون هونديون هيون جتان جانور پاڻي پيئندا ھئا. انهن ۾ کوڙ مسلمان به ھئا جيڪي خير جا ڪم ڪندا هئا.
جن ۾ مير غلام محمد ، ٽنڊو باگو جو اسڪول ٺهرايو جنهن لاڙ پٽ جي تعليم ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. انهي اسڪول جي باقائده سالانه بجيٽ هوندي هئي ، جن مان ضرورت مند ۽ غريب ٻارن جي پڙهائي، رهائش ، ڪتابن جو خرچ ، ۽ لٽو ڪپڙو اسڪول طرفان مفت مهيا ڪيو ويندو هو.انهي لاڙ پٽ ۽ نيڪ مرد اشرف ٿيٻي پاران سعيد پور اسڪول ۽ پوء ڪاليج، ۽ ساڳي طرح هاسٽل جنهن ۾ پري جنهن ۾ پري کان آيل ڇوڪرن جي رهائش ۽ ماني ٽڪي جون ضرورتون محترم اشرف ٿيٻو طرفان پوريون ڪيون وينديون هيون. ساڳي طرح رپ جا ٿيٻا به ڪار خير جي ڪمن ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ ۽ پنهنجي سخا ۾ مشهور رهيا آهن
حيدرآباد ۾ نور محمد هاء اسڪول به انهي ڪارخير جي جذبي طور قائم ٿيو.
پاڪستان ٺھڻ کان پوء شهرن مان اسان جي غير مسلم ڀائرن جي اڪثريت ھندستان هلي وئي.۽ پنهنجا خير ڪار جا ڪم به ڄڻ پاڻ سان گڏ کڻي وئي. انهي کانپوء اسان سنڌي مسلمان جيڪي معاشي طور به پاڻ ڀرا رهيا آهن
انهن جي مزاج مان ئي اها ڳالھ نڪري وئي ته ڳوٺ ۾ ڪا خيراتي اسپتال ٺهرائجي، ڪو ويم گهر ٺھرائجي. بي پهچ ۽ غريب ٻارن جي تعليم لاء ڪو اسڪول ٺهرائي انهن جي سار سنڀال جي مطلب ته اسان جي پهچ وارن سنڌي مسلمانن وٽ گهڻي دولت هوندي به سندن مزاج ۾ اها خير جي ڪم ڪرڻ واري جي ڳالھ ڪون رهي ته خير جا ڪم ڪجن ۽ ڪي خيراتي ادارا قائم ڪجن جن جو سڌي طرح فائدو لاچار، مسڪينن ،غريبن کي ملي.
ڪجھ ڏينهن کان اخبارن ۽ خبرون پيون اچن ته ايڌي سينٽرن تي لينڊ مافيا طرفان قبضا ڪيا پيا وڃن
انهي خبرن ۾ وڏي ۾ وڏي شرمناڪ ۽ افسوس جي ڳالھ سامهون آئي آهي ته اھي سڀ قبضا سنڌ جي ننڍن وڏڻ شهرن حيدرآباد ، ٺٺي، قاضي احمد، سيوهڻ، مورو ۽ حب چوڪي ۽ رپورٽ ٿيا آھن. ايڌي سينٽر جا اھي سينٽر جيڪي لاوارثن کي اجهو فراھم ڪن ٿا يتيمن جا وارث ٿين ٿا بي وارث لاشن جي تدفين ڪن ٿا،بيمارن کي اسپتالن تائي پهچائين ٿا،ويندي ڪنهن جي اسپتال ۾ مري وڃڻ کانپوء سندس لاش سندن ايمبولنسن ۾ وجهي وارثن تائين پهچائين ٿا.ڪار خير جا ڪم ڪرڻ بجاء لينڊمافيا،مقامي سياسي ڌريون ۽ انتظاميا گڏجي قبضا گروپن وانگر انهن سينٽرن تي قبضا ڪرڻ انتهائي شرمناڪ ڳالھ آهي.پر سوال اهو به پيدا ٿو ٿيئي ته ان صورتحال ۾رياست جي ذميواري ڪهڙي ٿي ٿئي .
جتي جتي به ايدھي سينٽر قائم آهن اها سڄي زمين قانوني طور نيشنل ھاء وي اٿارٽي طرفان ايدھي وارن جي حوالي
ڪيل آهي.اھڙي صورتحال ۽رياست جو غير ذميوار رھڻ انتهائي شرمناڪ عمل آھي ته بجاء رياست کين تحفظ ڏي خاموشي سان تماشائي بڻيل آهي.
ٺٺي جي سينٽر تي قبضي ٿيڻ جي صورتحال انتهائي افسوسناڪ آھي.1985 ۾ اها زمين ايدھي سينٽر جي حوالي ڪئي وئي.اوڻيھ سو چورانوي جيڪرايل سٽي سروي جي آڌار تي عدالت عاليا اوڻيھ سو پنجاسي جو فيصلو رد ڪندي 1994 جي آڌارتي پنهنجو فيصلو اتي قائم سينٽر جي خلاف ڏنو آهي.
حيدرآباد ۽قائم ڪيل ايدھي سينٽر تي قائم ڪيل دوڪان ٺاھڻ جو حڪومتي ادارن طرفان نوٽيس نه وٺڻ ،ھالا،قاضي احمد ، لاڙڪاڻو، سيوھڻ، مورو تي سينٽرن تي قبضا ٿيڻ، حڪومت جي سنڌ جي بدنامي جو ٽڪو آهي.
حب چوڪي جي ايدھي سينٽر تي قبضي ٿيڻ جي وري عجيب ڪهاڻي رپورٽ ٿي آھي ته اتان ايدھي سينٽر جي عملي کي بي دخل ڪري مدرسو قائم ڪيو ويو آھي.ڪو منطق ڪو دليل آھي، ته هڪ خيراتي اداروجي هڪڙي سينٽر تي قبضو ڪري زبردستي مدرسو ٺاھي ڇڏجي.انهي سينٽر تي جتي لاچار بيوس يتيمن جو جهڳو هجي انهي تي قبضو ڪري ڇڏجي ۽ خلق خدا جي خدمت ڪيل سينٽر تي قبضو ڪري مدرسو قائم ڪري ڇڏجي.توڻي جو سپريم ڪورٽ طرفان ايدھي سينٽر جي حق ۽آيل فيصلو به قبضي مافين لاء بي اثر بنجي ويو آھي.سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ قانون جو ڪم. آھي،اسان جي پوليس ۽ قانون تي عمل ڪرائيندڙ ٻيا ادارا گم آهن.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جتي جتي اندرون سنڌ ۾ ڪارخير جي انهن سينٽرن تي ان قسم جي شرمناڪ دھشتگردي ٿي آهي.اها اتان جي مقامي ماڻهن سول سوسائٽي لاءبه ڪيئي سوال کڻي ٿي اچي ته انهن اھڙي ڪڌي ڪم جي نندا ڪئي آھي سوشل،پرنٽ،اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ،انهن مافيائن قبضا گيرن دھشتگردن جي خلاف آواز ڇو ڪون اٿاريو آهي. پريس ڪلب هڪ اھڙو فورم آهي جتي احتجاج ته رڪارڊ ڪرائي سگهجي ٿو. پر ڪٿان به ڪا دانهن ٻڌڻ ۾ ڪون آئي آهي.
ايڌي سينٽرن تي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن قبضا ٿيڻ نهايت ئي ڪريل عمل آهي بلقيس ايڌي ۽ فيصل ايدھي کي يقين ڏيارڻ جي ضرورت آهي ته اسان توهان سان گڏ آهيون.اوهان مهرباني ڪري احتجاجن سينٽر بند ڪرڻ جو چتاء واپس وٺو.نه ته وري به سنڌ دشمن ڌرين ڏانهن اهو پيغام ويندو ته سنڌي قوم تعليمي ادارن ۾ گڏھ ،گهوڙا ٻڌڻ اسڪولن کي اوطاقون ٺاھڻ خيراتي ڪم لاء ڏنل ايمبوليسن کي رنگ ڪرائي لوڪل ٽرانسپورٽ طور استعمال ڪري سگهن ٿا اهي ايڌي سان به ساڳيو حشر ڪري سگهن ٿا.
خالد پرويز يونيورسٽي دوران ليفٽ جي سياست ڪندڙ رهيو آهي، مزاهمتي شاعري سان گڏ، اردو ۽ به بلاگ لکندڙ آهي، سنڌي ۾ به ڪالمنگاري ڪندو آهي ،سندس لکڻ جو محور، ليفٽس، عورتون، ٻار ۽ اقليتون آهن، پيشي جي لحاظ کان بينڪر آهي، رهائش حيرآباد ۽اٿس.