پاڪستاننئوننيو‍‍ز

پي آ ءِ اي لاءِ 13 ارب رپين جو بيل آئوٽ پيڪيج تيار

حڪومت پاران مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ پي آ ءِ اي کي بيل آئوٽ پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان کان علاوه حڪومت پاران اسٽيل مل جي ملازمن جون 4 مهينن جون پگهارون به ڏيڻ لا ءِ تيار آهي. اهڙن پلانن تي عمل وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي ملڪ واپس اچڻ تي ڪيو ويندو. پي آ ءِ اي جيڪو مالي طور تي مشڪلاتن جو شڪار رهيو آهي ان کي مختلف وقتن تي حڪومت پاران اهڙيون مالي امداد ڏنيون وينديون رهيون آهن، جنهن ۾ حڪومت جي ضمانت تي بينڪن کان قرض ڏيارڻ به شامل آهي. پي آ ءِ اي جو ادارو هونئن ته هڪ خوشحال ادارو رهيو آهي پر هن وقت اهو مالي طور تي خراب وقت مان گذري رهيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته پي آ ءِ اي  کي هن وقت 300 ارب رپين جي ضرورت آهي ان جي مقابلي ۾ 13 ارب رپين مان ته هن جي بينڪ جي قرضن جون قسطون ئي ڏئي سگهجن ٿيون جنهن ۾ PSO جا بقاياجات به شامل آهن.