نئون

ڪار جي پرزن جي اڳواٽ خراب ٿيڻ جو ڏس ڏيندڙ ايپليڪيشن تيار

سمارٽ فون جي هي ايپليڪيشن جيڪا گاڏي جي خراب ٿيندڙ پرزن جو ڏس ڏيندي.فرض ڪريو توهان جنهن  ڪار ۾ سفر ڪري  رهيا آهيو ۽ توهان جي سمارٽ فون توهان کي ٻڌائي ته  ڪار جي پوئين کاٻي ٽائر ۾ هوا گهٽ ٿي وئي آهي. يا اها ٻڌائيندي ته ڪار جو پويون ٽائر هاڻي هفتي بعد بدلائڻ گهرجي . امريڪا جي يونيورستي MIT پاران اهڙي  سمارٽ فون جي ايپليڪيشن تيار ڪئي وئي آهي. MIT جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن ايپليڪيشن سان اڳواٽ ئي معلومات ٿي ويندي ۽ وقت تي ئي پرزا بدلائي اوچتو انهن جي خراب  ٿيڻ کان علاوه ڪنهن حادثي کان به بچي سگهبو.