لَٺ ڇاپڙ ڪري ھڻاس ته وٺي ڀڄي. ڀڄڻ ۾ ايترو تِکو جو ڪير نه پُڄيس. روزانو صبح جو اھا ڪار. خبر ناھي ھن کي مُلن کان ايڏي نفرت ڇو ھئي.
فصلن جي به ڀينگ ڪَريم. وونئڻن ۾ مال ڇوڙيو ڇڏي. گوگڙن سان جھول ڀري پيو ڀَرڙيندو. مَٽر لھن ته کيسا ڀري پيو چٻاڙيندو، جھڙو پڻھس جا ھجنس. ٻيرن ۽ کجين جي وڻن تي ڪوئي وانگر چڙھيو وڃي. ڪچا ٻير ۽ ڏونڪا روڙي خلق کي کارائيندو. ڪڍ لڳونس ته وٺي ڊوڙ پائي. ھڪ ڀيري منھنجو پُٽ پويان لڳس ته نارا واھ ۾ گھُت ھڻي ٻئي ڪپ مان تَري نڪري ويو. جي پڪڙ ۾ اچي به وڃي ته ھٿن ۾ چڪ پائي، گوھي ھڻي نڪريو وڃي. مَڪر به اھڙي ڪري جو توبھه. شَل نه ڪو ٿَڦ ھڻيس! پَٽ تي ڪري پوندو. اکيون ٿِرڙائي ٻوڙھٽجي پوندو. پاڻي جي ڇَنڊي تي اٿي پوندو ۽ وٺي ڀڄندو. ياري باشي ۾ اھڙو جو گھر جا ٽپڙ وڪڻي سن سرتن کي عيش ڪرائيندو.
آخر تنگ ٿي مون به کيس ڀڃڻي ڏيڻ لاءِ ڪوڙڪي تيار ڪئي. پوٽن ۽ ڏوھٽن کي ھن جي ٽيٽ تي ڇڏيم. وارو ڍارو آھي، سئوَ ڀيرا ھن جي حق ۾ نڪري ته ھڪ ڀيرو مُنھنجي حق ۾ به نڪري سگھي ٿو.
نيٺ ڦاٿو. شامڙيءَ جو پاڙي مان کِير وٺي موٽيو پئي ته جھلجي پيو. مُنھنجي ھڪ ڏوھٽي کي ظالم ڏاڙھي وڌو… ڪَن جي پاپڙي چَٽ. پوٽي جي ته تِريءَ ۾ ڏند لاھي ڇڏيائين.آئون به سھڪي سھڪي اچي پھتس. بانٺي سان اھڙي ڦيھه ڏني مانس جو ٻوڪٽ ھجيس. مٿي وارو لٺ لڳس ته سڌو ٿي سُمھي پيو، ڄڻ اجھو دم نڪتس. مان سمجھي ويس ته مَڪر ٿو ڪري. ھڪ ٻيو وھايومانس ته اٿي کڙو ٿيو ۽ وٺي ڀڳو. پوءِ ته جيڪو وات ۾ آيس سو چوندو رھيو. نه ڇڏيائين ماءُ، نه ڇڏيائين ڀيڻ. پٿر به ھڻندو رھيو ته بُجا به ڏيندو رھيو. ڍوَ تي گاريون ڏئي، ھليو ويو.
گھر پھتو ته پڻھس جَمڀُ ڪڍيس. مون واري اٽڪل کانپوءِ سُتت مارون کاڌائين. ڪجھه ڏھاڙا ٿيا آھن جو نظر نٿو اچي. مون کي اچي ھوران کوران ٿي… ويو ڪيڏانھن…؟ ڪٿي پڻھس گھران ڪڍي ته نه ڇڏيس…؟ بيمار ته ناھي…؟ ھفتو ڏيڍ گذري ويو ھو مون کي نظر نه آيو.