ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: مجو

هونئن ته جوانيءَ کان روزي نماز جو پابند رھيو آھيان، ھاڻ پيري آھي. اڪثر بيمار رھندو آھيان. سَنڌ سُڪي ويا اٿم، جَڏائي ٿي وئي آھي، روزو وس ڪندي نٿو ڇُٽي، جي ڇُٽي به ته شوال ۾ رکي ٽيھو پورو ڪريان. نماز قضا ڪري به پڙھندو آھيان تھ سيارو اچي ويو آھي. سرد ھوا جسم کي چيري اندر لھي ويندي آھي. پاڻي جھڙو پارو. وضو ڪندي ھَٿ ۽ پير سِيءَ ۾ سُن ٿي ويندا اٿم. ٻه ٻه جرسيون پائي، مٿي ۽ پُٺن کي لوئيءَ سان ويڙھي، لَٺ جي ٽيڪ ٽي ڪُٻڙو ٿي، ٿَڙڪندو، ڏَڪندو باکَ ڦُٽيءَ مسيت اچي مَٿو ٽيڪيندو آھيان. ايتري ھلاڪيءَ کانپوءِ خدا تي ڄڻ ته پنھنجو حق سمجھندو آھيان. آئي وئي بي نمازيءَ تي چڙ ايندي اٿم…اچي به ڇونه…؟

فجر پڙھي گھر ويندي رستي ۾ اڪثر مُجو ٽڪرجندو اٿم. تيرھن سالن جو سُڪو ھڙٻاٽ. ڪَڪا اڻڀا وار اکين تي. ڇتي سِيءُ ۾ پيرين اگھاڙو. پڻھس جو ميرو ڪوٽ گوڏن تائين لڙڪيل. اسٽاپ تان کنڊ پتي وٺي، پاپا کائيندو ۽ ڏاڍيان ڪلام چوندو، گھر پيو ويندو.

مون کي ڏسي نعرو ھڻندو: “ڏئي حيدر.” آئون ورندي نه ڏيانس ته ٻيھر نعرا ھڻندو: “ڏئي حيدر… ڏئي ڏئي حيدر.” ھو مون کي چيڙائيندو ھو. آئون اسي ورھين جو پوڙھو، پيو نِجھران. ڪاوڙ ۾ چوانس، “بيھه ته ڳاٽو ڀڃائين مُنافق؟”

ھو پاپي کي چڪ ھڻي ٽھڪ ڏيندو: “ھھھھھھ…آ مُلان… پُڄي ڏيکار…؟”

لَٺ ڇاپڙ ڪري ھڻاس ته وٺي ڀڄي. ڀڄڻ ۾ ايترو تِکو جو ڪير نه پُڄيس. روزانو صبح جو اھا ڪار. خبر ناھي ھن کي مُلن کان ايڏي نفرت ڇو ھئي.

فصلن جي به ڀينگ ڪَريم. وونئڻن ۾ مال ڇوڙيو ڇڏي. گوگڙن سان جھول ڀري پيو ڀَرڙيندو. مَٽر لھن ته کيسا ڀري پيو چٻاڙيندو، جھڙو پڻھس جا ھجنس. ٻيرن ۽ کجين جي وڻن تي ڪوئي وانگر چڙھيو وڃي. ڪچا ٻير ۽ ڏونڪا روڙي خلق کي کارائيندو. ڪڍ  لڳونس ته وٺي ڊوڙ پائي. ھڪ ڀيري منھنجو پُٽ پويان لڳس ته نارا واھ ۾ گھُت ھڻي ٻئي ڪپ مان تَري نڪري ويو. جي پڪڙ ۾ اچي به وڃي ته ھٿن ۾ چڪ پائي، گوھي ھڻي نڪريو وڃي. مَڪر به اھڙي ڪري جو توبھه. شَل نه ڪو ٿَڦ ھڻيس! پَٽ تي ڪري پوندو. اکيون ٿِرڙائي ٻوڙھٽجي پوندو. پاڻي جي ڇَنڊي تي اٿي پوندو ۽ وٺي ڀڄندو. ياري باشي ۾ اھڙو جو گھر جا ٽپڙ وڪڻي سن سرتن کي عيش ڪرائيندو.

آخر تنگ ٿي مون به کيس ڀڃڻي ڏيڻ لاءِ ڪوڙڪي تيار ڪئي. پوٽن ۽ ڏوھٽن کي ھن جي ٽيٽ تي ڇڏيم. وارو ڍارو آھي، سئوَ  ڀيرا ھن جي حق ۾ نڪري ته ھڪ ڀيرو مُنھنجي حق ۾ به نڪري سگھي ٿو.

نيٺ ڦاٿو. شامڙيءَ جو پاڙي مان کِير وٺي موٽيو پئي ته جھلجي پيو. مُنھنجي ھڪ ڏوھٽي کي ظالم ڏاڙھي وڌو… ڪَن جي پاپڙي چَٽ. پوٽي جي ته تِريءَ ۾ ڏند لاھي ڇڏيائين.آئون به سھڪي سھڪي اچي پھتس. بانٺي سان اھڙي ڦيھه ڏني مانس جو ٻوڪٽ ھجيس. مٿي وارو لٺ لڳس ته  سڌو ٿي سُمھي پيو، ڄڻ اجھو دم نڪتس. مان سمجھي ويس ته مَڪر ٿو ڪري. ھڪ ٻيو وھايومانس ته اٿي کڙو ٿيو ۽ وٺي ڀڳو. پوءِ ته جيڪو وات ۾ آيس سو چوندو رھيو. نه ڇڏيائين ماءُ، نه ڇڏيائين ڀيڻ. پٿر به ھڻندو رھيو ته بُجا به ڏيندو رھيو. ڍوَ تي گاريون ڏئي، ھليو ويو.

گھر پھتو ته پڻھس جَمڀُ ڪڍيس. مون واري اٽڪل کانپوءِ سُتت مارون کاڌائين. ڪجھه ڏھاڙا ٿيا آھن جو نظر نٿو اچي. مون کي اچي ھوران کوران ٿي… ويو ڪيڏانھن…؟ ڪٿي پڻھس گھران ڪڍي ته نه ڇڏيس…؟ بيمار ته ناھي…؟ ھفتو ڏيڍ گذري ويو ھو مون کي نظر نه آيو.

واءُ سوا لٿم ته خبر پئي مُجو نشي تي لھي پيو آھي. پاڻ کان وڏن جي صحبت ۾ اچي ويو آھي. سندس سن سرتن وٽان ڏس پيم ته سڄو ڏينھن چرس جي پٺيان آھي. آڌيءَ رات گھر موٽي ۽ صبح واري ٻانگ کان اڳ نڪريو وڃي. ھِتان ھُتان ٽُڪر مليس ته  کائي نه ته ٺھيو. مون دل ئي دل ۾ پاڻ تي ملامت ڪئي.

ھڪ ڏينھن فجر پڙھي موٽيس ته ڇا ڏسان سامھون مُجو ساڳي ميري ڪوٽ ۾، پيرين اگھاڙو لُڏندو لمندو، سگريٽ جا ڪش ھڻندو، دونھون آسمان ڏانھن ڦوڪيندو اچي پيو. ھو مون کي ڏسي کيڙيءَ ۾ لھي پيو. مون کي دل ۾ ٿي ته جيڪر ھو مون کي ڏِسي ٽھڪ ڏئي… مون کي چيڙائي… مون کي گاريون ڏئي… مون کي پٿر ھڻي… مُنھنجي فصل جي ڀيل ڪرائي… منھنجي کيت مان سَنگ مُروڙي کائي… منھنجا ٻير، کجيون، مَٽر، لِيار، انبڙيون جيڪو وڻيس پٽي کائي.

ايڏي ھمدردي…؟ الائي جي ڇو. ھو کيڙيءَ مان نڪري رستي تي چڙھيو ۽ اڳتي وڌي ويو. مان لٺ جي ٽيڪ تي ڪُٻڙو ٿي ٻيٺو رھيس ته ھو ڪَنڌُ ڦيري مون ڏانھن ڏسندو. مون کي چيڙائڻ لاءِ ٽھڪ ڏيندو: “ھھھھھھ…آ مُلان… پُڄي ڏيکار…؟” نعرا ھڻندو: “ڏئي حيدر… ڏئي ڏئي حيدر.”

ھن پوئتي منھن ورائي نه ڏٺو. چپ چاپ ھلندو رھيو. دُکيل ٻِيڙيءَ جي ڦُلي جي ڳاڙھاڻ ٽِمڪي ٽِمڪي، صُبح صادق جي ھلڪي روشنيءَ جي تِرورن ۾ جذب ٿي ويو. مان حسرت ڀري نِگاھن سان کيس ڏسندو رھجي ويس.

***