نئون

سوشل ميڊيا تي فوج خلاف ڳالهائيندڙن خلاف سي ٽي ڊي متحرڪ

سنڌ پوليس جي عيوضي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ملڪ اندر حڪومت پاران ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ نوان قائدا ۽ ضابطا آڻڻ بعد سوشل ميڊيا تي به فوج ۽ رياست خلاف نفرتون پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ پوليس جي دهشتگردي ٽوڙ  اداري سي ٽي ڊي (ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ) کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، هن قسم جي ڪاررواين جو فيصلو وفاقي حڪومت پاران کنيل قدمن کانپوءِ ڪيو آهي. وفاقي حڪومت اهڙيون مختلف ويب سائيٽون بند ڪيون آهن جن تي ملڪ ۽ فوج خلاف مواد رکيو ويو آهي. سي ٽي ڊي جي عيوضي راجا عمر خطاب  چيو ته سوشل ميڊيا تي نظر رکڻ بعد اسان کي سوشل ميڊيا جي اهميت بابت معلوم ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن ڪم لاءِ اسان هڪ الڳ ماهرن جي ٽيم مقرر ڪئي آهي جيڪا سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي ڪم ڪندي ۽ايندڙ وقت ۾ ان ٽيم جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو ويندو. واضح رهي ته پاڪستان اندر سائيبر ڪرائيم جو قانون، ايڪٽ 2015 پاس ٿي چڪو آهي جنهن تحت حڪومت کي مڪمل اختيار آهي ته اها سائيبر ڪرائيم کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻي سگهي.