آمريڪا جي ڪمپني پاڪستان اندر 200 ملين ڊالرن جي سيڙپ ڪندي
آمريڪا جي خوراڪ واري شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپني ڪارگيل (Cargill) جي ٽيم وزيراعظم سان ملاقات ۾ چيو آهي ته ڪارگيل ڪمپني پاڪستان اندر 200 ملين ڊالرن جي سيڙپ ڪاري ڪندي. هن ڪمپني جي ٽيم پاران چيو ويو آهي ته اها ملڪ اندر عالمي سطح جي خوراڪ ۽ زرعي جنسن کي آڻي، پاڪستان ۾ سيڙپ ذريعي ملڪ جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ گهري ٿي. واضح رهي ته هيءَ ڪمپني زرعي تجارت ۽ سپلاءِ چين ۾ وسعت، کائڻ جي تيل، ڊيري، گوشت ۽ جانورن جي خوراڪ ۽ ان جي سيفٽي تي ڪم ڪندي آهي. ڪارگيل ڪمپني جي آفيسرن چيو ته هنن جي ڪمپني پوئين حڪومتن ۾ به سيڙپ ڪرڻ جي خواهشمند هئي پر ان وقت جي حڪومتن جي ڪرپشن بد انتظامي سبب ڪمپني نااميد ٿي وئي هئي ۽ سيڙپ ڪاري نه ڪري سگهي هئي. جڏهن ته موجوده حڪومت جي پاليسين سبب هن ڪمپني هڪ دفعو ٻيهر اهو فيصلو ڪيو آهي ته اها پاڪستان اندر ڪاروباري سيڙپ ڪندي.