ريخته ڪھاڻي: بملدا
ڪھاڻيڪار: گلزار
ان کي ”جوڳ اشنان“ جو ڏھاڙو سڏيندا آھن.
الله آباد ۾ تروينيءَ جي سنگم تي جتي گنگا، جمنا ۽ سرسوتي ملنديون آھن، چوندا آھن ان ڏھاڙي انھيءَ سنگم تي ڪير به وھنجي ته ان جا سڀ روڳ ختم ٿي ويندا آھن، سمورا ڏوھ گناھ ڌوپي ويندا آھن ۽ ان شخص جي عمر سؤ سال جي ٿي ويندي آھي.
مون بملدا کان پڇيو؛ ”ڇا، تون مڃيندو آھين؟“
بملدا مرڪي ڏنو؛ ”عقيدي جي ڳالھ آھي. ائين شاسترن ۾ لکيل آھي.“
ايسٽراناميءَ جي مطابق، ھيءُ ڏھاڙو ھر ٻارھين سال کان پوءِ ايندو آھي، جڏھن سج جي چوڌاري گھمندڙ نون جا نو ئي سيارا ھڪڙي سڌي قطار ۾ اچي ويندا آھن ۽ ان ڏھاڙي تي سج اڀرندو آھي ته سندس پھريون ڪِرڻو انھيءَ سنگم تي پوندو آھي. انھيءَ ھڪڙي ڏھاڙي جي لاءِ ھتي ڪمڀ جو ميلو لڳندو آھي، جنھن جي تياري مھينا، اڳي کان شروع ٿي ويندي آھي. ڇو جو ھتي ايندڙ ياترين جو ڳاڻيٽو، ڪروڙن تائين پڄي ويندو آھي. الله آباد کان وٺي پرياگ شھر تائين ڪلھو ڪلھي سان پيو گَسندو آھي. اوس پاس جي سوين ڳوٺن ۾ پير رکڻ جي جاءِ نه ملندي آھي. ان کي ”ڪمڀ-ڪَرڻ“ جو ميلو پڻ سڏيندا آھن. ميلو ته گھڻي ئي ڏينھن رھندو آھي، ليڪن آخري نو ڏھاڙا خاص ڳڻيا ويندا آھن، جنھن ۾ نائون ڏھاڙو ”جوڳ اشنان“ جو ھوندو آھي.
1952ع جي ڳالھ آھي ته ان ميلي ۾ ھڪڙو ”ڀاڄُڙ“(stampede) جو حادثو ٿيو ھو، جنھن ۾ لڳ ڀڳ لک کن ماڻھو ماريا ويا ھئا. ان حادثي جي صحيح سبب جي خبر پئجي نه سگھي. گھڻين انڪوائري ڪاميٽين، گھڻي ئي سبب معلوم ڪيا. ڪن ماڻھن جو چوڻ آھي ته ناگا ساڌوئن جا ھاٿي مڇرجي پيا ھئا، جنھنڪري ماڻھن ۾ ڀاڄڙ شروع ٿي. ان ڀاڄُڙ سان ھوم گارڊز ۽ ملٽريءَ جون جوڙيل ڪاٺين جون ڪچيون پُليون ڪري پيون. ماڻھو بدحواسيءَ جي حالت ۾ وٺي ڀڳا، ڊوڙيا، ڪريا، لتاڙيا ويا. ھزارين ٻيڙيون گنگا ۾ اونڌيون ٿيون، ٻڏي ويون. ڪمڀ ميلي جي تاريخ ۾ ان کان وڏو سانحو ڪڏھن نه ٿيو.
سمريش بسوءَ ان حادثي جي پس منظر ۾ ھڪڙو ناول لکيو ھو؛ ”امرت ڪمڀ جي ڳولا“ ۽ بمل راءِ، جنھن کي سڀئي بملدا ڪري سڏيندا آھيون، انھيءَ ناول تي فلم ٺاھي رھيو هو.
مان بملدا جو اسسٽنٽ ھئس. ڪڏھن ڪڏھن سندس فلم ۾ گانو به لکي وٺندو ھئس، پر پھريون ڀيرو ساڻس سندس فلم جو اسڪرپٽ لکي رھيو ھئس. بملدا کي شايد ڪنھن ھڪڙي ليکڪ جي ضرورت ھئي، جيڪو ڪنھن به وقت سندس واندڪائيءَ جي حساب سان ساڻس ويھي سگھي ۽ منظر داخل ڪندو وڃي. ٻيو سبب شايد اھو ھو، مان بنگالي ۽ ھندي، ٻئي ٻوليون ڄاڻندو ھئس. ناول بنگاليءَ ۾ ھو ۽ اسڪرپٽ ھنديءَ ۾ پئي لکيو ويو. پنھنجي واندڪائيءَ واري وقت ۾ ھو مسلسل انھيءَ ناول تي ڪم ڪندو رھندو ھو. ناول جي حاشين تي ايترا حوالا ۽ نوٽس درج ٿيل ھئا جو سندس ڪتاب ڏسي لڳندو ھو، ڄڻ ناول جي سٽن جي وچ ۾ ٻيو ناول لکيل ھجي. پنن ۾ ھنڌ ھنڌ تي لکيل نوٽس به ڪتاب جي صفحن تي پِنن سان ٽاڪيا ويا ھئا. ھڪڙو ته ائين ئي ناول وڏو ضخيم ھو، مٿئون انھن ٽنبيل ڪاڳرن مان لڳو پئي ڄڻ ڪتاب جو پيٽ آڦرجي پيو ھجي. ناول، ڄڻ پيٽ سان ھجي. جُلد ڇڄندو پئي ويو.
ھر ڪردار جو تفصيل ڪجھ اھڙي نموني سان حفظ ھئس، جو بملدا کي لڳندو ھو ڄڻ ڪمڀ سندس رڳن ۾ وھندو ھجي. ان کي ڪنھن سندس سسٽم ۾ نائي ڇڏيو آھي.
”اھو ناول توھان ڪڏھن پڙھيو؟“ مون ھڪڙي دفعي پڇيو ھئس.
”1955ع ۾، جڏھن پھريون ڀيرو قسط وار شايع ٿيڻ شروع ٿيو ھو.“
”ڪٿي؟“
”ڪلڪتي جي اخبار ھئي ”آنند بازار“. سمريش، تن ڏينھين، انھن جي اداري ۾ ڪم ڪندو ھو.“
”اوھان سڃاڻندا ھيئو سمريش کي؟“
”ھون!“ بملدا، گھڻو جھلي جھلي ڳالھ ڪندو ھو ۽ سندس ”ھون“ ته ڪمال جي ھوندي ھئي. ھڪ ”ھون“، ھزار مطلب. ان دفعي مون سمجھيو، ھو ڳالھ اڳتي وڌائڻ نه ٿو چاھي. عادتًا گھٽ-ڳالھائو ھو. ليڪن سگريٽ جو ھڪ ٻه ڪش ھڻڻ کان پوءِ پاڻ ئي ڳالھ وڌايائين. “Originally” سمريش، ناول پنھنجي نالي سان نه ڇاپيو ھو. ھڪڙي فرضي نالي سان ھو- ڪال ڪوٽ!“
”ڪال ڪوٽ!“ مون ورجايو.
”ھون!“ مان ٿورو ترسيس.
ھو وري چوڻ لڳو؛ ”ڏھن پندرھن قسطن کان پوءِ ناول ۾ وقفو اچي ويو ھو. مان ٿورو بي چين ٿي ويم. مون ”آنند بازار“ اخبار کي خط لکيو ته سمريش جو جواب آيو. خبر پئي ته.. ھن دفعي ھو کنگھندي، ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ سگريٽ اڇلڻ لاءِ بالڪونيءَ تائين ھليو ويو.
ناول ۾ پلاٽ نه ھو، ليڪن ان جا ڪردار ڏاڍا جاندار ھئا ۽ خاص طور تي اھو رائيٽر جنھن جي نظر سان اھا ڪھاڻي ٻڌائي وئي ھئي. ان جي ڊائريءَ جا حصا ورائي ورائي بملدا مون کان پڙھائيندو ھو. ناول جي منڍ ۾ ماڻھن سان کچاکچ ڀريل ھڪ ريل گاڏي ”پرياگ“ اسٽيشن کان نڪري الله آباد طرف رواني ٿيندي آھي. بس ٿورن منٽن جو ئي سفر باقي آهي، جو ماڻھو جوش ۾ اچي ڀڄن ڳائڻ شروع ڪندا آھن. ٽرين جي ڇت تي ويٺل ماڻھو ڇت وڄائي وڄائي نعرا ھڻڻ لڳندا آھن. ٽرين رڙھندي رڙھندي الله آباد جي پليٽ فارم ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ مسافرن جو ھجوم ائين ٻاھر نڪرڻ لاءِ وڌندو آھي جيئن ڪنھن بليڪ ھول مان نڪرندو ھجي… اھڙي گڙديءَ ۾ تپ دق جو ھڪڙو مريض جيڪو پنھنجو روڳ ڇڏرائڻ، سؤ سال جي عمر وٺڻ، جوڳ اشنان ڪرڻ وڃي رھيو ھو، سو ماڻھن جي پيرن ھيٺان لتاڙجي، مري ويو.
بملدا کي اعتراض ھو؛ ”اھو موت، سمريش جلدي ڪرايو آھي.“
وڏي احترام سان مون راءِ ڏنس؛ ”دادا! اھو اڪيلو موت ئي ناول جي انجام ڏانھن اشارو ٿو ڪري ۽ توازن به ڏئي ٿو.“
”ھون… ليڪن فلم جي لاءِ، ٿوري اُٻھر آهي! خير بعد ۾ ڏسي وٺنداسين. تون اڳتي ھل…“
اڳتي ھلندي ھلندي، انھيءَ اسڪرپٽ کي اڃا ٽي سال ٻيا لڳي ويا. اھا 1962ع جي ڳالھ ھئي. انھيءَ وچ ۾ بملدا ٻه فلمون ٻيون ٺاھيون. ”بندني“ ۽ ”ڪابلي والا“، ليڪن ”امرت ڪمڀ“ تي ڪم ھلندو رھيو. ننڍا ننڍا ڪجھ حصا، فلمائجندا به رھيا. خاص طور تي ”آئوٽ ڊور“ جا حصا. ميلي جا اھي حصا، جيڪي مصنوئي طور تي تخليق نه ٿا ڪري سگھجن، اسان تن جي شوٽنگ ٻين ميلن ۾ وڃي ڪندا ھئاسين. الله آباد ۾ سنگم تي، ٻيو ميلو به لڳندو ھو. ھر سال، مانگھ جو ميلو. 1962ع جي سياري ۾ اسان اھو فلمائڻ جون تياريون ڪرڻ لڳاسين، ڇو جو ان کان ٻه سال پوءِ ئي ”ڪمڀ ڪرڻ“ جو ميلو اچڻ وارو ھو.
مانگھ ميلي جون تياريون ڪندي ڪندي ئي، بملدا جي طبيعت ٿوري ڊانوانڊول ٿيڻ لڳي. ٿورا ڏھاڙا، بخار ۾ به آفيس ايندو رھيو. آفيس ۾ ويھڻ کان سواءِ کيس قرار نه ايندو ھو. بملدا جي لاءِ چيو ويندو ھو ته ان جو فلمن سان پرڻو ٿيل آھي. سندس وھاڻن منجھ فلمن جا ريل ڀري ڇڏيو ته ڏاڍو قرار سان سمھندو.
پوءِ ڪجھ ڏھاڙا آفيس نه آيو ته اسان کي ڳڻتي ٿي پئي. مان سندس گھر پھتس. مون سان گڏ اسان جو ڪئمرامين به ھو- ڪمل بوس. بملدا، ٻاھر ورانڊي ۾ ئي ويٺو ھو. اڳيان چانھ پئي ھئس ۽ چيسٽرفيلڊ سگريٽن جو پاڪيٽ. سدائين وانگر، سگريٽ آڱرين ۾ دکيس پئي.
اسان طبيعت پڇيس ته ورندي ڏنائين؛ ”مان الله آباد وڃي نه سگھندس. توھان وڃو ۽ وڃي ميلي جا شاٽز وٺي اچو.“ ۽ ان کان پوءِ ڪلاڪ تائين اسان کي شاٽز سمجھائيندو رھيو. شاٽز جا پاسا سمجھائيندو رھيو. ”ڪمڀ“ جي اسڪرپٽ تقريبًا زباني ياد ھئي کيس… شاٽز جي تفصيلن جي وچ ۾ سگريٽ جا ڪش به ھنيائين پئي، کنگھيو به پئي ۽ چانھ جي به سڙڪ سڙڪ ھئس.
ڪملدا، ھڪ ٻه ڀيرو بنگاليءَ ۾ چيس به ته توھان سگريٽ نه پيئو. گھٽ ڪري ڇڏيو. ليڪن ھر دفعي ”ھون“ چئي، اسڪرپٽ جي ڳالھ ڪرڻ لڳندو ھو.
الله آباد ويندي ايندي گھٽڪ بابوءَ کان خبر پئي ته بملدا کي ڪينسر ٿي وئي آھي.
”بملدا کي ڄاڻ آھي؟“
”نه!“
نِڙيءَ جي خبر ناھي ڪھڙي نَڙي يا پائيپ ٻڌايو ھو، گھٽڪ بابوءَ، ڪملدا چيو؛ ”ليڪن ان لاءِ ته سگريٽ گھڻو ھاڃيڪار آھي.“
”ھائو! مگر بمل مڃي ئي نه ٿو. کيس ڪيئن سمجھايان؟ چوانس ته تو کي ڪينسر آهي ته صبحاڻي مري ويندو. ھو ڏاڍو ڊڄڻو آھي.“ سڌيش گھٽڪ، اسان جو مئنيجر به ھو ۽ بملدا جو نيو ٿيٽرز جي زماني جو دوست به.
الله آباد ۾ شوٽنگ ڪندي عجيب قسم جي بد دليءَ جو احساس ٿيو. ڪم ته ٺيڪ ٿي رھيو ھو، ليڪن بي-چَسو. سدائينءَ وارو جوش نه. ڪملدا به چپ ھو، مان به. ڪا ڳالھ ھئي جيڪا اسان چوڻ چاھي پئي ليڪن ڳالھائي نه پئي سگھياسين. دماغ جي پٺيئون، بملدا جي ڪينسر وارو خوف ڇانيل ھو ۽ ذھن جي ڪنھن ھڪڙي سطح تي اھا ڳالھ چِٽجي رھي ھئي ته ھيءَ شوٽنگ بيڪار آھي. ھيءَ فلم ٺھي نه سگھندي. بملدا ھاڻي، گھڻا ڏينھن، جيئرو رھي نه سگھندو. ليڪن اھا ڳالھ واتئون اُڳرڻ مشڪل ھئي.
ڪملدا، ھڪڙي شام جو شوٽنگ تان موٽي اچي پڇيو؛ ”ھيءَ فلم ڇو ٿو ٺاھي، بملدا؟“
”مون ته پڇيو ھئس، ھڪڙو دفعو.“
”پوءِ؟… ڇا چيائين؟“
مون ان سٽنگ (گڏجاڻيءَ) جي ڳالھ ٻڌايس جڏھن بملدا چيو ھو؛ ”اھو جيڪو رائيٽر آھي نه، جنھن جي نظر سان اھا ڪھاڻي ٻڌائي وئي آھي، جيڪو امرت جي ڳولا ۾ ويو آھي، مون کي لڳي ٿو سو مان آھيان…“ ھن سگريٽ جي دونھن ۾ کنگھيو. چھرو ڳاڙھو لال ٿي ويس. وري جڏھن ساھ ۾ ساھ آيس ته چوڻ لڳو؛ ”مون کي به ان امرت جي ڳولا ھئي.“
ڪجھ سمجھندي، ڪجھ نه سمجھندي مون پڇيو ھئس؛ ”ڇا سچي پچي سؤ سال جي عمر ٿا چاھيو اوھان؟“
”ھون…“
ان ڏھاڙي، ڳالھ اتي ختم ٿي وئي ھئي. اڳئين ھڪڙي موقعي تي چوڻ لڳو؛ ”سؤ سال مان مراد، ڳاڻيٽي جا سؤ سال نه ھوندا آھن. ان جو مطلب آھي ماڻھو امر ٿي ويندو آھي، ان امرت سان.“
”اھو ڪھڙو امرت آھي…؟“ گھڻو دير، گھڻو دير تائين ڏٺو، بملدا. ھاڻي ٿو سوچيان ته لڳي ٿو، شايد ڄاڻ ھئس ته کيس ڪينسر آھي. چيائين؛ ”تھذيب، ثقافت! مان ھن ڌرتيءَ جي تھذيب جو حصو بڻجي وڃڻ ٿو چاھيان ته جيئن…“ چوڻ پئي چاھيائين؛ ”تان ته زندھ رھان، لافاني ٿي وڃان.“ پر چئي نه سگھيو.
بمبئيءَ واپس پھتاسين ته بملدا جي بيماري وڌي وئي ھئي ۽ اھو اَوِرچ فلمڪار، ھڪ ٻي فلم شروع ڪرڻ جو پروگرام رٿي ويٺو ھو، جنھن جو نالو ان وقت ”سھارا“ سوچيو ويو ھو.
”۽ امرت ڪمڀ؟“ مون پڇيس.
”اھا ته ٺھندي رھندي. 64ع ۾ ٻارھن سال پورا ٿيندا. ”ڪمڀ ڪرڻ“ جو ميلو وري لڳندو. تنھن کان پوءِ اھا فلم مڪمل ڪنداسين.“
64ع ۾ اڃا دير ھئي ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ بملدا وٽ گھڻو وقت ڪونھي. ”سھارا“ شروع ٿي. ٽي چار ڏھاڙا شوٽنگ ٿي ۽ ھڪ ڏينھن سيٽ ڇڏي جو بملدا ويو ته وري ڪڏھن اسٽوڊيو ڪو نه موٽيو. اچانڪ ڪينسر جي وڌڻ ۾ تيزي اچي وئي ۽ سندس سگريٽ ڇڏائجي ويا. ھو سمجھي ويو ته کيس ڪھڙي بيماري آھي. ڪن اسپتالن ۾ ٽيسٽون ٿيون. پوءِ علاج لاءِ لنڊن وٺي ويس. ليڪن اتئون به ستت مايوس ٿي موٽي آيو.
”مان پنھنجي گھر مرڻ ٿو چاھيان.“ ھن ڪنھن کي چيو. انھيءَ تڪليف ۽ ڀڄ ڊڪ ۾ سال کان وڌيڪ وقت ڳري ويو. آفيس گھڻو تڻو بند رھڻ لڳي. يونٽ ھڪڙي فلم شروع به ڪئي ”دو دني چار“ جي نالي سان ليڪن بس ائين ئي. بي تُڪي ڄڻ. ھڪڙو عجيب قسم جو ماحول ٿي ويو. سڀني کي خبر ھئي ته ڪنھن ڏھاڙي بملدا جي موت جي خبر اچي ويندي. اھو خوف به ھو ۽ انتظار پڻ! ھڪڙو عجيب بي بسيءَ جو احساس ھو.
ھڪڙي ڏھاڙي بملدا مون کي گھرايو ۽ پڇيائين؛ ”تون ”امرت ڪمڀ“ جي اسڪرپٽ تي ڪم ڪرين پيو يا نه؟“
مون کي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي ته کيس ورندي ڪھڙي ڏيان؟ ڏانھنس ڏسان ته روئڻ پئي آيو. جسماني طور بملدا پاءَ کن جو وڃي بچيو ھو. صوفي جي ھڪڙي ڪنڊ ۾، ڪُشن وانگر پيو ھو. کڻيس ته تريءَ تي اچي وڃي.
ناراض ٿي ويو؛ ”تو کي چيو ھو بلرام جو موت، گھڻو جلدي آھي. اھو منظر اتان ھٽائي، ميلي ۾ کڻي آءُ! جڏھن نون ڏينھن جي پوڄا شروع ٿيندي، ته پھرئين ڏينھن ان جو موت ٿو ٿئي.“
مان ماٺ ئي رھيس. ھو وري چوڻ لڳو؛ ”صبحاڻي کان اسان ڏھاڙي شام ڌاري اسڪرپٽ تي ئي ويھنداسين. ھن سال ’ڪمڀ ڪرڻ‘ جو ميلو آھي. ڊسمبر ۾ شروع ٿيندو.“
مون چيس؛ ”جي ھائو! 31 ڊسمبر کان نون ڏينھن جي پوڄا شروع ٿيندي. اشنان جوڳ جو ڏھاڙو جنوري 65ع ۾ ٿيندو.“
”ھون…“ چئي، چپ ٿي ويو.
منظر جي تبديليءَ کان پوءِ، مان ورندي ڏھاڙي تي وري پھتس. اسڪرپٽ اڃا تائين بملدا کي حفظ ھو. پنھنجو ڪتاب گھرايائين. جلد، ھاڻي ڇڄي پيو ھئس. پنا ڦاٽندا پئي ويا. ڪجھ ٻين منظرن جي ڳالھ ٻولھ ٿي ۽ وري ساڳيو بلرام….
”بلرام جو موت، اڃا به اڳتي کڻي وڃ. اھو به جلدي آھي.“
مون بحث به ڪيس پر سندس دل رکڻ خاطر.
”اصل ۾ رائيٽر ۽ شياما جي وڇڙڻ کان پوءِ اھو موت ڪراءِ! پوڄا جي پنجين ڏھاڙي! ۽ جڏھن ميلي ۾ شوٽنگ ڪنداسين ته ياد رکجانءِ ته….“
اسڪرپٽ فائينل ڪرڻ سان گڏوگڏ بملدا شوٽنگ جون تياريون ڪندو ھلندو ھو. گھٽڪ بابوءَ کي گھڻيون ھدايتون به ڏنيون وينديون ھيون، جيڪي ھو وڏي فرمانبرداريءَ سان درج به ڪندو ھلندو ھو.
ٻن ٽن ڏھاڙن کان پوءِ بلرام جو موت وري مٽيو. اسڪرپٽ جي منڍ کان ھٽي، ھاڻي اھو اسڪرپٽ جي پڇاڙيءَ واري سيڪوئنس تائين پھچي چڪو ھو. ليڪن بملدا کي ڪنھن به طرح جي تسلي نه ٿي. ٻن ٽن مھين جي بحثن ۾ بلرام ڪڏھن ٻه ڏھاڙا اڳي پيو مري، ڪڏھن چار پنج ڏينھن اڳتي جي حياتي مليو وڃيس. ليڪن آھستي آھستي اھو موت اڳتي کسڪندو پئي ويو. اچانڪ ئي ھڪ ڏينھن مان ويومانس ته خوش ٿي چيائين؛ ”ھاڻ صحيح ھنڌ مليو ان سين جو. ”جوڳ اشنان“ جو ڏھاڙو. صبح جو پرھ ڦٽندي ئي، جڏھن سج جو پھريون ڪِرڻو سنگم جي پاڻيءَ تي پوندو آھي، تڏھن….“ جوش ۾ ھو ٿورو کنگھيو. سندس سڄو بت سيٽجي ويو. ”تڏھن! تڏھن بلرام جو موت ٿيندو آھي. اھو پھريون موت، ڪلائيميڪس جي ”ڀاڄُڙ“(stampede) کي ٿورو توازن ڏيندو. بلرام، جوڳ اشنان واري ڏھاڙي تي مرندو.“
مون به حامي ڀري، گھٽڪ بابوءَ به. بملدا، وڏي جوش ۾ ھو؛ ”سڌيش! ھڪڙو سگريٽ ڏي!“
”ڇو؟… ڇا ٿيو؟.. اوچتو؟“
ٻنھي بنگاليءَ ۾ پئي ڳالھايو؛ ”اڙي! ڏي نه!“
”نه نه سگريٽ نه ملندو!“
”ڇو…. ان سان ڇا ٿيندو؟“
”چيو نه! منع آھي.. ڊاڪٽر منع ڪيو آھي.“
بملدا جي ڏرا ڏئي ويل اکين ۾، پوريل ڳوڙھا، نه ٻاھر نڪري سگھيا، نه اندر موٽي ويا. تُنرن تي پيا ڏڪندا رھيا. مان سھي نه سگھيس. بھانو ڪري اٿي آيس ۽ وري ڪڏھن نه ويس. مون کان ھاڻ سندس اھا حالت برداشت نه پئي ٿي. منھنجي حالت به سڀني جھڙي ٿي وئي ھئي. ھڪڙو خوف! ھڪڙو انتظار!
64ع ڏاڍو تيزيءَ سان ختم ٿي رھيو ھو ۽ بملدا به. سندس، بستري تان اٿڻ ويھڻ، بند ٿي ويو ھو. گھٽڪ بابو، ساڻس آخر تائين ساڻ رھيو. سڄي رات سندس ڪمري ۾ سمھندو ھو. ھڪ ڊگھي آرام ڪرسيءَ تي.
جنھن رات گذاري ويو، گھٽڪ بابوءَ ٻڌايو؛ ”مان کنگھ جو آواز ٻڌي اٿيس. ڏسان ته بمل پنھنجي بستري تي ويھي سگريٽ پي رھيو آھي. مون پڇيس، ”اھو ڇا ٿو ڪرين؟“ ته چٽائيءَ سان ورندي ڏنائين؛ ”سگريٽ پيو پيان.“ مون اٿڻ جي ڪوشش نه ڪئي. اتان ئي منع ڪئيمانس ته چيائين؛ ”ڇا ٿيندو؟ جڏھن نه پيئڻ سان ڪجھ نه ٿيو ته پيئڻ سان ڇا ٿيندو؟“ کيس وري کنگھ اُپڙي. مون وري چيس؛ ”بمل! بس ڪر! ڦٽي ڪرينس. نه پي!“
”ڇو؟ ڪو پھريون ڏينھن آھي؟ مان ته ڪيترن ڏھاڙن کان پيئندو آھيان. اڄ تنھنجي اک کلي آھي ته خار پيو کائين…“
بمل آرام سان سگريٽ پيتو ۽ سمھي پيو. سدائينءَ لاءِ. وري نه اٿيو.
مون کي صبح صبح جو خبر ملي ته ڄڻ ايترن ڏھاڙن کان سر مٿان ڊپ جي لڙڪندڙ تلوار ھٽي وئي ۽ جان ۾ ساھ پوندي ئي اکين مان ڳوڙھا ڳڙي پيا. اھا تاريخ ھئي 65ع جي اٺين جنوري. ۽ ان ڏينھن ھو ”جوڳ اشنان“ جو ڏھاڙو.
***