ڪهاڻي-گدرا
ڪهاڻيڪار: احمد نديم قاسمي
هو روئي روئي ٿڪجي سمهي رهيو، ننڊ ۾ خواب ڏٺائين ته آسمان جا تارا آهستي آهستي ننڍن ننڍن پيلن گدرن جي شڪل ۾ هيٺ ڪرن پيا هنج ۾ ڪري خودبخود ڪٽجي ڇلجي سندس وات ۾ پيا پون ۽ هُن جي ماءُ جنهن ڪالهه کان کيس گدرن لاءِ ٻه رپيا ڪونه ڏنا هئا سا پڻ دروازي کي ٽيڪ لڳائي کِلي رهي آهي. اوچتو سندس مٿي ۾ اچي هڪ گدرو لڳو هُو رڙ ڪري اُٿي ويٺو.
”امان گدرا؟“
”اڙي ڪا موت پوي تنهنجي دشمنن کي سڄو ڏينهن هڪڙي ئي رڙ اٿيئي، ڪٿان اها گدرن جي مُند آئي ٿورا ڏينهن اڳ ته مون توکي هڪ گدرو وٺي کارايو هو روز روز ڪٿان آڻيان؟ چپ ڪري سمهي رهو“
سڄي رات خواب ۾ گدرا ئي گدرا ڏسڻ ۾ آيس صبح ٿي اچي ماءُ جو پاسو ورتائين مسڪين آواز ۾ چوڻ لڳو، ”امان!“
”ڇا“
”امان گدرا وٺي ڏئي!!“
سندس سڳي ماءُ جون اکيون ماٽيجيءَ ماءُ وانگر چمڪڻ لڳيون، هن ڪاوڙ ۾ اهڙي ته ٿڦڙ ٺڪاءُ ڪرايس جو وڃي پري ڪريو. روئندي گهران نڪري ويو سوچڻ لڳو، ”آئون ڪيترو نه بدنصيب آهيان پيءُ به ڪونهي ته گهر ۾ پئسو به ڪونهي هڪڙي گدري لاءِ ڪيترو نه سڪان پيو هاڻي ته منهنجي ماءُ به منهنجي ڪونه رهي آهي، جڏهن سب چون ٿا ته الله تعاليٰ رزاق آهي ان کان ئي گهرڻ گهرجي ته پوءِ آئون الله کان ئي گهرندس. آسمان ڏي مٿو مٿي ڪري چوڻ لڳو، ”اي منهنجا پيارا خدا! آئون توکي ياد ڪريان ٿو ٽيون ڏينهن مون مولويءَ کان نماز جو سبق به ورتو آهي، مون کي ڪلمو به اچي ٿو، آئون تمام سٺو آهيان. تون به سٺو خدا آهين بس ايئن ڪر آئون اکيون بند ٿو ڪريان منهنجي اڳيان جام سارا پيلا گدرا رکي ڇڏ، وري ڪڏهن ڪونه گهرندس ۽ واعدو آهي سڄي رات ڪلمو به پڙهندس“ ايئن چئي هن اکيون بند ڪري ڇڏيون ٿوريءَ دير ۾ کيس ڪنهن جي اچڻ جو آواز محسوس ٿيو، سمجهيائين خدا گدرا کڻي پيو اچي. اکين اڳيان اڇي لباس ۾ خدا جو تصور اچي ويس اڃان گدرن جي خوشيءَ ۾ هو، جو ٺڪاءُ سان مٿي جو ٺونشو لڳس وڃي پري ڪريو، اکيون کولي ڏسي ته ڀر واري باغ جو مالهي بخشو بيٺو هو، ”اڙي! تون هتي ڇا پيو ڪرين ڇو منهنجي ٻنيءَ ۾ اکيون بند ڪري بيٺو آهين؟“
”آئون ته گدرن.!!“
اڙي گدري جا پٽ! ته اهو تون آهين جو هتان گدرا پٽي کڻي ٿو وڃين بيهه توکي سبق سيکاريان! بخشو رڙيون ڪري مٿس اُلرون ڪرڻ لڳو،
”پر آئون ته اڄ آيو آهيان“
بخشو هڪ نه ٻڌس ۽ ننڍڙي آصف کي سٽي ڇڏيائين.
هاڻي ته کيس خدا جي اميد به ٽٽي وئي ڏچڪا ڏئي روئڻ لڳو،
”هن دنيا ۾ ته نه ڪير منهنجو پيءُ آهي ۽ نه ئي ماءُ ۽ نه ئي خدا!“
اهو جيئن ٿي سوچيائين تيئن پئي وهلور ويو، سامهون سڄي ٻني پيلن گدرن سان ڀريل هئي ۽ هوا سان اها خوشبو سندس بکايل سرير ۾ باهه لڳائڻ لاءِ ڪافي هئي.
ماڻس به اِتي اچي پهتي جو بخشوءَ وڃي وٽس شڪايت ڪئي هئي هوءَ پڻ کيس ٻه ٿڦڙون هڻي پوءِ روئڻ لڳي ته تنهنجو پيءُ ڪيڏو نه ايماندار هو، سڄي ڳوٺ ۾ هاڪَ هئس ۽ هڪ تون آهين جو گدرا به چورائين پيو منهنجو ته نڪ ئي ڪٽائي ڇڏيو اٿيئي!!“
هن گهڻيئي چيو ته مون گِدرا ڪونه چورايا آهن، پر بخشو کانئس اڳ وڏا ڪوڙ گهڙي ماڻس کي بي عزتو ڪري آيو هو. ماءُ جي منهن ڏي ڏسندي سوچڻ لڳو ته مون ته گدرا چورايا به ڪونه ته به مون کي ڪوڙو ٿا چون ۽ امان جو نڪ به موجود آهي ته به چوي ٿي ته تو منهنجو نڪ ڪٽائي ڇڏيو. امان ۽ بخشو چاچا ايترا ڪوڙا ڇو آهن؟ وري به چپ ڪري ماءُ سان گڏ گهر آيو.
گهر پهچي پيار سان ماءُ کيس ڳڙ ۽ لوڻ مرچ سان ماني کارائيندي چوڻ لڳي، ”منهنجو ننڍڙو راڻو جڏهن وڏو ٿيندو تڏهن فوج ۾ ڀرتي ٿيندو“
”نه، آئون پوليس ۾ ويندس“ هن سڪل ماني ڳيهندي وراڻيو.
”هاها! بلڪل پوليس ۾ ئي وڃج وڏو سپاهي ٿيج جيڏانهن ويندين ماڻهو سلام ڪندا، موڪل تي گهر ايندين تڏهن منهنجي لاءِ سٺيون سٺيون شيون وٺي ايندين ريشمي ڪپڙا، مٺايون…“
”۽ گدرا….“
”هاها بلڪل گدرا به وٺي اچج!“ هو سوچڻ لڳو هاڻي ته بلڪل منهنجي سڳي ۽ مهربان ماءُ پئي لڳي ڇو نه آئون کيس هاڻي وري گدرا وٺي اچڻ لاءِ چوان، پر پوءِ هن جو اکيون سندس هٿن تي پيون جي صفا سُڪل ۽ بي جان پئي ڏسڻ ۾ آيا، ٿُڪ ريڙهي گدرن جي فرمائش دِل ۾ ئي سانڍي ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن هُو گهٽيءَ مان لنگهيو پئي جتي گِدرن جون ڪافي کلون پيون هيون سندس نظر هيٺ هئي تيستائين آواز تي مڙي ڏٺائين منشي کيس سڏي رهيو هو. هُن جيڏا ٻيا به ڪيترا ڇوڪرا هن جي پاسي ۾ موجود هئا، سڀني کي چيائين هر هڪ کي ٻه ٻه روپيا ڏيندس منهنجي واڙي تي بُهه لٿي آهي، سڀ ڇوڪرا وڃي ان کي لتاڙيو. هُن به دِل سان ها ڪئي کيس اهو ئي خيال آيو ته بُهه لتاڙي ٻن روپين جا گدرا وٺي کائيندس، ٻين ڇوڪرن سان گڏ بُهه تي لتون ڏيڻ لڳي ويو، ڇوڪرن جي لاءِ ڪم جو ڪم هو ته ڄڻ راند جي راند شام تائين بُهه به ڪافي ويٺل ٿي وئي ۽ ڇوڪرا به ساڻا ٿي اچي منشيءَ وٽ بيٺا. منشيءَ جيئن ئي پئسا ڏنا. آصف ڊوڙندو چاچي شامونءَ وٽ ويو پري کان رڙ ڪيائين، ”چاچا شامون وڏو گدرو ڪڍي رک مون وٽ پئسا آهن“، ويجهو پهتو چاچي اڳ ۾ ئي چونڊ ڪري هن لاءِ گدرو ڪڍي رکيو هو. هُو ايترو ته خوش ٿيو ڄڻ سڄيءَ دنيا جي دولت ملي هجيس سڄي ڏينهن جي بُهه لتاڙڻ جو ٿڪ اکين، ڪنن ۽ نڪ ۾ پيل مٽي سڀ وسري ويس، وڏو گدرو کڻي ڊوڙندو گهر پهتو.
”امان! گدرو!! خوشيءَ وچان وڏي رڙ ڪيائين
ماڻس هِن راڳ تي اڳ ۾ ئي سڙي ويٺي هئي سو ڪمري مان ڪاوڙجي چوندي آئي، ”پڻيهين ڏئي ويو هو مون کي گدرا جو تو گدرو گدرو ڪرڻ شروع ڪيو آهي!“ هن جي هٿ ۾ گدرو ڏسي سندس زبان بيهي رهي،.
”ڪٿان آيو؟ ڪنهن ڏنو؟“
ڇوڪري سڄي ڪٿا ٻڌايس ته چوڻ لڳي،
”پئسا ئي مليا هئا ته گهر کڻي اچين ها ته آچار وٺون ها ٻه ٽي ڏينهن ماني ته کائون ها.. پر خير تنهنجو شوق هو… شڪر تنهنجي مَنَ جي باهه ته ٿڌي ٿي… وڃ ڇُري کڻي اچ چلهي جي ڀر ۾ پئي آهي، آصف ڊوڙندو ٽپ ڏيندو ڇُري کڻي آيو. ماءُ ٿالهيءَ ۾ گدرو رکي بسم الله پڙهي ڇُري گدري جي پيٽ ۾ داخل ڪئي آصف پڻ ٽي دفعا بسم الله پڙهي گدرو ٻه اڌ ٿيو. ايتري ته بانس پکڙجي وئي جو ٻنهي کڻي نَڪَ تي هٿ رکَيو پاڻيءَ جيان گدري جو سڄو ڳِر وهي هليو ۽ اندر ڪيڙا پئي هليا. چاچي شامونءَ ٺڳي ڪري کيس سڙيل گدرو ڏنو هو، جنهن کي پوڙهيءَ ٻڪريءَ به کائڻ پسند ڪونه ڪيو، ٺڪاءُ ماڻس جون پنجيئي آڱريون آصف جي ڳل تي ڇپجي ويون ۽ هُو ڌڪو کائيندو وڃي پنهنجي ڇڳل کٽ تي ڪريو، ٻئي ڏينهن مٿس بخار جا مَچَ هئا. بخشوءَ جي ٻنيءَ جا پيلا پيلا گدرا سندس خوابن ۾ نچڻ لڳا، رڙيون ڪري تڙپي ٽٽل کٽ تان هيٺ ڪري پيو.
***