بلاگنئون

جرمنيءَ ۾ پاڪستاني سفارتخاني مٿان افغانين جو حملو

تازي خبرن موجب يورپي يونين جي ملڪن ۾ آبادي جي مناسبت سان وڏي ملڪ جرمني کي دنيا جي سڌريل ملڪن مان سمجھيو وڃي ٿو. ان ملڪ جي وڏن شھرن جھڙوڪ: ھينبرگ، ميونخ، ڪولون، اسٽٽگارڊ، ليپزگ، ڊزلڊورف شامل آھن جن ۾ فرينڪفرٽ به خاص اھميت وارو شھر آھي. ان شھر ۾ موجود پاڪستاني قونصليٽ مٿان 21 جولاءِ 2024ع تي چند افغاني شر پسند نوجوانن جيڪي وڳوڙي ذھن رکندڙ هئا طرفان حملو ڪري ڀڃ ڊاھ ڪندي اتي لڳل پاڪستان جو جھنڊو لاھي ان جي بيحرمتي ڪئي وئي. جرمني جي سڌريل شھر ۾ ھن قسم جي وڳوڙ ۽ پاڪستاني جھنڊي سان بيحرمتي ڪرڻ وارا فوٽيجز ۽ وڊيوز وائرل ٿيڻ تي دنيا جي ڪيترن ملڪن جي عوام توڙي حڪومتن سميت خاص طور پاڪستاني عوام سان گڏوگڏ حڪومت پاران سخت لفظن جي مذمت جو سلسلو جاري ٿي ويو آھي. سوشل ميڊيا ۾ ھن قسم جي غير مھذب داداگيري واري واقعي جي نندا ڪئي پئي وڃي.
دنيا جي سڌريل ملڪن طرفان قونصليٽ ته عوام جي ڏکن سکن ۽ تڪليفن جي حل لاءِ قائم ڪيا ويندا آھن ان لاءِ نه جو مٿانهن حملا ڪيا وڃن. ھن افسوسناڪ ڪارروائي تي افغانين کي معلوم ھجڻ گهرجي ته پاڪستاني حڪومتن ان وقت جڏھن “آمريڪا- افغان جنگ” افغانستان مٿان آمريڪي فوج جا حملا ٿي رھيا ھئا تڏھن ھجرت لاءِ نڪتل افغانين جي اخلاقي سياسي انساني مدد ۾ اڳڀرو رھندي ھزارن جي تعداد ۾ ھجرت ڪري ايندڙن جي سھائتا ۾ اسلامي ڀائپي جون سموريون ذميواريون نڀائيندي سندن سار لھندي کين رھايو ۽ ترسايو. اڄ به “سنڌ صوبي” ۾ ڪيترا افغاني رھائش پذير آھن جن بابت مطالبا ٿيندا رھن ٿا ته ھاڻ سندن ملڪ جون حالتون بھتر آھن، تنھنڪري کين واپس پنهنجي وطن روانو ڪيو وڃي. ھن ڏس ۾ ڪجھ ڪوششون ٿيون، پر پوءِ سياسي وابستگي ۽ مفاد پرستي سبب سنڌ مان افغانين جي نيڪالي وارو سلسو جاري نه ٿي سگھيو. جڏھن ته “پنجاب مان ڪيترائي افغاني پنهنجي وطن موڪليا ويا!”
جيتوڻيڪ پاڪستان جون خود اھڙيون مالي/معاشي، جاگرافيائي ئي سياسي سماجي حالتون رھيون آھن جو وڌيڪ عرصي تائين اھڙو بار کڻڻ تمام مشڪل عمل ھو پوءِ به اسلامي ڀائر سمجھندي، پاڙيسري، انساني ۽ اخلاقي قدرن ۽ بھتر لاڳاپن جو خيال رکندي سندن ڏکي وقت ۾ مدد ڪئي وئي.ھن وقت به صوبي سنڌ جي ڪيترن ننڍن وڏن شھر ۾ نه فقط افغاني ٻارين ٻچين رھن ٿا، پر ڪاروبار روزگار وغيره ۾ به سندن عمل دخل وڌيڪ ڏسجي ٿو، جيڪو سنڌ جي عوام کي سخت ناپسند لڳي ٿو.
فرينڪفرٽ ۾ ٿيل ڪارروائي بعد سنڌ واسين جو ٿي سگھي ٿو ته اھو مطالبو ٻيھر زور وٺندو ته “افغانين کي نيڪالي ڏيو.” جرمني جي شھر ۾ افغانين جي ھڪ مخصوص گروپ جي پاڪستاني سفارتخاني مٿان يلغار ڪنھن به حالت ۾ برداشت جوڳي نٿي سمجھي وڃي، جنھن تي “افغانستان حڪومت” کي پنھنجو موقف چٽو ڪري بيان ڏيڻ گهرجي. ان سميت افغاني وڳوڙين جا پاڪستان جي شھر اندر خوني حملن سبب خوف حراس ۽ دھشتگردي جي ذمري ۾ اچي چڪا آھن جن جو بهرحال تدارڪ ٿيڻ گهرجي. پاڪستاني قونصليٽ تي افغانين جي حملي جو جرمني حڪومت کي خود سخت نوٽيس وٺندي جيڪي جيڪي ملوث آھن تن کي گرفتار ڪري سزائون ڏيڻ سميت کين جرمني مان خاص ڪري دنيا جي ملڪن مان سندن اچڻ تي بندشون لاڳو ڪيون وڃن.
ڇو جو منجھائن اھو خوف ٿيڻ لڳو آھي ته ھي ڪنھن به وقت خوني حملا يا فساد ڪرائي سگھن ٿا. جرمني ۾ افغانين پاران ھن افسوسناڪ ڪارروائي تي گڏيل قومن جي اداري سميت خود جرمن حڪومت کي قدم کڻڻ جي اپيل ڪندي ملوث قانون ٽوڙيندڙن خلاف سخت قدم کڻي سندن گرفتاريون ڪري سزائون ڏيڻ کانپوءِ ھر ملڪ ۾ سندن اچڻ تي بندش لاڳو ڪئي وڃي.