بلاگنئون

ادب ۾ عقيدتمنديءَ جو عذاب

مولانا عبيدالله سنڌي چيو ھو ته اڄ جو وڏي ۾ وڏو بت “دولت” آھي جنھن جي پوڄا ڪئي ٿي وڃي. پوڄا ۽ عقيدتمندي صرف ڪنھن مذھب جي حوالي سان نٿي ٿئي. زندگيءَ جي ڪنھن به شعبي ۾ عقيدت ٿي سگھي ٿي ۽ ٿئي ٿي. زندگيءَ جي شعبن ۾ عقيدت منديءَ ۾ بجاءِ ھوش حواس جي ماڻھو جذبات يا مفادي بنياد تي سوچيندو آھي. مفادن جي بنياد تي عقيدت مندي ظاھر ڪندڙ اصل ۾ عقيدت مند نه ھوندو آھي، پر ھو ڏيک اھو ڏيندو آھي ته ھو فلاڻي يا فلاڻي جو سڀ کان وڏو عقيدتمند آهي ۽ ان حوالي سان وڌ کان وڌ فائدي وٺڻ جي ڪندو آهي. ان کي ئي عقل سمجھندو آھي ته پنھنجا مفاد محفوظ رکجن. اھو ٻاھرين ڏيک ۾ ائين ڪندو جيئن ھڪ عقيدتمند ڪندو آھي، يعني جنھن سان ھو عقيدت رکندو ان جي ھر ڳالھ کي پنھنجي ڪنھن به ڳالھ کان وڌيڪ اھميت ڏيندو. ھن جي ھر حڪم کي مڃندو. پنھنجي ھر رشتي ھر ضرورت کان وڌيڪ ھن جي منشا کي مٿانھون رکندو ۽ سندس ڳڻ پيو ڳڻائيندو، پر مفادن پوري ٿيڻ يا اميد نه هجڻ ڪري هو اهو عقيدتمندي جو پوش لاهي ڦٽو ڪندو. ها اهو ته ٿي سگهي ٿو ته مفادن جي اميد ۾ وري وڃي ڪنهن ٻئي جو عقيدتمند ٿئي ۽ ان لاءِ ڪي قصا گهڙي. ھن ترقي يافته دور ۾ سائنس، علم ۽ ٽيڪنالوجي زندگيءَ جي مڙني شعبن ۾ آسانيون پيدا ڪيون آهن. ان سماج ۾ به اسان ڏسون ٿا ته عقيدت منديءَ ۾ ماڻھو ڪيئن چريائپ وارا ڪم ڪن ٿا ۽ انھن تي ڳنڍ ٻڌي بيھن ٿا. ڪنھن به علمي، عقلي ۽ عام فھم ڳالھ کي به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھن، بلڪه ڪوشش ۾ ھوندا آھن ته سندن پنھنجا پراوا ٻيا به سوچ، عقل ۽ شعور جي بر خلاف، جنھن جا ھو عقيدتمند ٿي گذارين ٿا. اهي ماڻهو علمي طور ثابت ٿيل ڳالھين جي سخت مخالفت ڪندا آهن، ان جي باوجود ته انھن علمن وسيلي ٿيل ايجادن ۽ مشينريءَ کي آمدني لاءِ، صحت لاءِ، آرام لاءِ ۽ آمدرفت جي ذريعن لاءِ استعمال به ڪندا آهن.

برابر عقيدتمندي سازشن تحت ڪرائي به ويندي آھي، پر ان لاءِ ڪنھن نه ڪنھن نظريي خاص طور ڪنھن مذھب جو سھارو ورتو ويندو آھي. پروپيگنڊا وسيلي مفادن جو آسرو ڏنو ويندو آھي، پوءِ جيڪو جتي ڦاسي، جي ھن جھان لاءِ ڦاٿو ته هن لاءِ ھي جھان ۽ جنھن جو ھو عقيدتمند آھي ئي سڀ ڪجھ آهي، جي ٻئي جھان لاءِ ڦاٿو ته هي جهان هن لاءِ ڪنھن ڪم جو نه آھي، پوءِ ھن جھان جي پرواھ ڇو ڪري، ڀلي ھي جھان ابتو ئي سبتو ٿئي.

عقيدي کان علاوه اھا عقيدتمندي سياست ۾ به رھي آھي، نظرين سان وفاداريءَ ۾ به رھي آھي، ڀلي اھي نطريا علم، دليل ۽ ثبوتن جي ڳالھ ڪندا ھجن، پر سندن طريقيڪار عقيدتمندي وارو ئي ڏٺو ويو آهي.

اھو ئي عقيدتمنديءَ جو رويو اسان وٽ يعني برصغير بلڪه ايشيا جي اندر ادب جي دنيا جي اندر حد کان وڌيڪ رھيو آھي، جنھن کي مان “ادبي عقيدتمندي” سڏيان ٿو.

خاص طور اوائلي شاعرن جي جيڪي وري گادي نشين به آھن. اوائلي دور ۾ نه صرف اظھار جو وڻندڙ ۽ تفريحي ذريعو شاعري ھئي بلڪه ان کي ذھانت جو درجو ڏنو ويندو ھو ۽ بادشاھ ۽ وقت جا حڪمران انهن کي درٻار ۾ عزت ۾ مراعتون ڏيندا هئا. ساڳئي وقت انهن جي شاعريءَ کي الھام به چيو ويندو ھو. حڪمرانن جي پٺڀرائي ۽ الھامي شاعر سڏجڻ ڪري ڪنهن کي همت نه هئي جو انهن تي آڱر کڻي ۽ اهو عقيدتمندي جو تسلسل بنا ڪنهن سوچ، فڪر ۽ ويچار جي هلندو ٿو اچي. جيئن ته اھا عقيدتمندي گھڻي ڀاڱي مذھبي حيثيت يا حصو رکندي ھئي ان ڪري اھا عقيدت جو درجو وٺندي رهي خاص طور جتي خانقاھون، درگاھون شروع ٿي وينديون ھيون، ڇو ته اتي ٻين مفادن سان گڏ عام ماڻھوءَ کي ماني ۽ پاڻي به ملي ويندو ھو، اھي ئي پھتل ٻانھا سڏبا ھئا ۽ گھڻي ڀاڱي پنهنجي پر ۾ شاعري ڪندا ھئا، جنھن منجھان عقيدتمند نه صرف ڪاني ڪرامتون ظاھر ڪندا ھئا، پر فال به ڪڍندا ھئا. اھي نه صرف انھن مريدن ۽ انھن جي اولادن لاءِ عقيدت جا بت ٿي ويا، پر اڄ جي دور ۾ سندن گاديون عقيدتمندن جي زور تي روحاني ۽ سياسي  طاقتون ٿي اقتدار جا ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويا آھن.

جيستائين ادبي عقيدتمنديءَ جي ڳالھ آھي ته ڪلھ ۽ اڄ جو پاڻ کي باشعور سمجھندڙ، اديب جيڪو ترقي پسند، قوم پرست، لبرل، دانشور به سمجھيو ويندو ھجي اھو به ان مرض ۾ ورتل نظر ايندو. ويتر جي انھن مان ڪنھن شاعر تي صوفي ھجڻ جو ٺپو لڳي وڃي، جيڪو گھڻي ڀاڱي انھن تي لڳل ھوندو آھي، گاديءَ واري ته ھر شاعري تي لڳل ھوندو آھي ته پوءِ نه اھي سائنسي علمن جا پاڻ کي وارث سڏائيندڙ، ان بزرگ شاعر جي شاعري مان عجيب عجيب معنائون پيا پيش ڪندا. ھنن جي اھا عقيدتمندي اصل ۾ مفادن جي ور چڙھيل ھوندي آھي.

ڀلا، وجوديت، ماڊرن ازم، پوسٽ ماڊرن ازم، عوام دوستي، انساني حقن ۽ عقيدن جي مخالفت تي لکندڙن ۽ ڳالھائيندڙن ڪڏھن ڪنھن اھڙي شاعر جي شاعريءَ جو پوسٽ مارٽم ڪيو آھي؟! گھٽ ۾ گھٽ منهنجي نطر مان ته اھڙو ڪو مواد نه گذريو آھي جنھن ۾ شاعريءَ جي قدرن، بين الاقوامي طور ڄاڻايل خوبين، سندن شاعري (فڪر) جو ان وقت جي حالتن ۽ اڄ جي حالتن تي ڪھڙو اثر ٿيو جي حوالي سان ڪنهن جائزو ورتو هجي. اھو ته پري رھيو، پر ادب جي عام وصف، “ادب وقت جو آئينو آھي” جنھن ۾ ڏسي انھن ڳالھين کي به پرکي وٺبو آھي جيڪي عام طور سمجھ ۾ ناھن اينديون. يوناني فلسلفو جيڪو فلسفي جا بنياد وجھندڙ آھي اھو ادب خاص طور شاعري لاءِ چوي ٿو ته ان مان ان وقت جي ماضي ۽ ان وقت جي تاريخ، انساني نفسيات، ڏک سک ۽ رھڻ سھڻ کي آسانيءَ سان ڏسي سگھجي ٿو جيڪو تاريخي ڳالھين کان وڌيڪ سچو ھوندو آھي.

ڇا اسان وٽ ان حوالي سان ڪو ڪم ٿيو آھي؟ ڇا ڪنھن به اھڙي شاعر جيڪو پنھنجي گاديءَ جي بنياد تي معتبر  آھي، جتي ميلا لڳن ٿا ماڻھو يعني عقيدتمند حاضريون ۽ نذرانا ڀرين ٿا جيڪي انھن جي شاعريءَ کي الھامي ٿيل شاعري سمجھن ٿا ۽ چون ٿا ڇا اسان جي دانشور ۽ نقاد سڏجندڙ ان شاعريءَ جو علمي، ادبي ۽ حقيقي تجزيو ڪيو آھي؟ جي نه ته پوءِ اھا عقيدتمندي نه آھي ته ڇا آھي؟ ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون رکندڙ اڃان تائين ورجائيندا ٿا اچن ته لطيف چيو ھو ته سچل ڪُني جو ڍڪڻ لاھيندو (جنهن جو ڪوبه ثبوت يا تاريخي حوالو نه آهي) اھا سندس پيشن گوئي، سندس شاعريءَ جي ڪرامت ٻڌائي وڃي ٿي. فلاڻي فقير جي ڦوڪ سان کوڙ ڪامل شاعر ٿي ويا. ماموئي فقير پنھنجون کٽون کڻي اڏرندا ۽ شاعري ڪندا آيا وغيره وغيره.

انھن جي باري ۾ انھن جي شاعريءَ جي باري ۾ جيڪو ڪجھ چيو وڃي ٿو اھو سڀ سچ آھي، اھو سڀ ٺيڪ آھي ۽ ان تي ڳالھائڻ ۽ لکڻ ڪفر آھي. ان کي آمنا صدقنا عقيدتمندي نه آهي ته ڇاهي؟ عقيدتمنديءَ کي ٻيا ڪھڙا پر ٿيندا آھن! ھا ھڪڙي ٻي ڳالھ ٿي سگھي ٿي ته ھنن ويچارن کي پاڻ کي ئي ڪا خبر نه ھجي ته ادب ڇا آھي، شاعري ڇا آھي، ھو جيڪي ٺلهي خيال کي ”تخيل“ پيا لکن، اھي ڪھڙو تنقيدي تجزيو ڪندا.

اھا روش عقيدتمنديءَ جي جنھن جي ڪري انھن جي شاعريءَ کي الھامي سمجھي ان جو تنقيدي جائزي وٺڻ کي ڪفر، گناھ ۽ بي ادبي سمجھيو ۽ ڄاڻايو وڃي ٿو، اھا روش ۽ رويو خود انھن جي تخليق جي مرجھائڻ ۽ موت جو سبب بڻي آھي. سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته اھو رويو صرف شاعري ۽ شاعرن لاءِ ڇو ٿو ملي، جڏھن ته ادب جون ٻيون به کوڙ صنفون آھن، جن ۾ ڪمال جون تخليقون جنم وٺنديون رهن ٿيون جھڙوڪ؛ ڊراما، ناول، ڪالم، آتم ڪٿائون وغيره، جن کي ماڻھن مان به ڏٺو آھي ۽ ساراھيو به آھي، پر انھن لاءِ عقيدتمندي وارو رجحان نٿو لڀي.

جيستائين مان سمجھان ٿو ته شاعريءَ ۾ جيئن ته جمالياتي احساس ۽ مبالغا آرائي وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ ھن جو فني سٽاءَ اھڙو ٿئي ٿو جو ماڻھو جي لطيف جذبن ۽ خيالن کي ويجھي کان ڇھي ٿو. اتفاق سان جيڪڏھن ڪي بيت ڪي سٽون اھڙيون ترتيب وٺن ٿيون جنھن مان ڪي ماڻھو پنھنجي لاءِ نمائندگي سمجھي ڪا ڪرامت سمجھي وٺن ٿا، حالانڪه ھر ماڻھو ان مان پنھنجي پنھنجي معنيٰ ڪڍي ٿو. ائين ھن جي عقيدت جو تاڃي پيٽو ڦھلجندو رھي ٿو ۽ جي اھڙي شاعر جي ڪا نسلي گادي آھي ته ھن جي عقيدت جي دنيا مضبوط ٿيندي رھي ٿي، جي نسلي گادي نه اٿس ته ان جو بنياد پئجي وڃي ٿو. اھڙي ماحول ۾ جتي عام ماڻهوءَ جو ڪو والي وارث نه آھي، طبقاتي جبر عروج تي آھي، اسپتال ۾، ٿاڻي تي، ڪورٽ ۾ انصاف بجاءِ غريب ماڻھو کي ڪاسائي ملن ٿا، بک، بيروزگاري ۽ ذلت جي زندگيءَ ۾ غريب ماڻھو جي اھڙن گادين ۽ گادي نشينن سان عقيدتمندي ته سمجھ ۾ اچي ٿي، پر پاڻ کي سقراط، بقراط، دنيا جو ڏاھو، ھر علم جو ماھر سمجهندڙ اھڙي ئي عقيدتمنديءَ جي اظھار ۾ اھڙن شاعرن لاءِ ٻڙڪ به ٻاھر نٿو ڪڍي، الٽو انھن جون تعريفون ڪري عام ماڻھن تي انهن جون حرفتون ۽ ڪوڙڪيون وڌيڪ مضبوط ٿو ڪري، ان کان وڌيڪ ذھن جو ڏيوالپڻو ۽ ذلت ٻي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي.

ڪٺيس ڪويڄن، تن طبيب نه گڏيا،

ڏيئي ڏنب ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيون- (شاھ)