مولانا عبيدالله سنڌي چيو ھو ته اڄ جو وڏي ۾ وڏو بت “دولت” آھي جنھن جي پوڄا ڪئي ٿي وڃي. پوڄا ۽ عقيدتمندي صرف ڪنھن مذھب جي حوالي سان نٿي ٿئي. زندگيءَ جي ڪنھن به شعبي ۾ عقيدت ٿي سگھي ٿي ۽ ٿئي ٿي. زندگيءَ جي شعبن ۾ عقيدت منديءَ ۾ بجاءِ ھوش حواس جي ماڻھو جذبات يا مفادي بنياد تي سوچيندو آھي. مفادن جي بنياد تي عقيدت مندي ظاھر ڪندڙ اصل ۾ عقيدت مند نه ھوندو آھي، پر ھو ڏيک اھو ڏيندو آھي ته ھو فلاڻي يا فلاڻي جو سڀ کان وڏو عقيدتمند آهي ۽ ان حوالي سان وڌ کان وڌ فائدي وٺڻ جي ڪندو آهي. ان کي ئي عقل سمجھندو آھي ته پنھنجا مفاد محفوظ رکجن. اھو ٻاھرين ڏيک ۾ ائين ڪندو جيئن ھڪ عقيدتمند ڪندو آھي، يعني جنھن سان ھو عقيدت رکندو ان جي ھر ڳالھ کي پنھنجي ڪنھن به ڳالھ کان وڌيڪ اھميت ڏيندو. ھن جي ھر حڪم کي مڃندو. پنھنجي ھر رشتي ھر ضرورت کان وڌيڪ ھن جي منشا کي مٿانھون رکندو ۽ سندس ڳڻ پيو ڳڻائيندو، پر مفادن پوري ٿيڻ يا اميد نه هجڻ ڪري هو اهو عقيدتمندي جو پوش لاهي ڦٽو ڪندو. ها اهو ته ٿي سگهي ٿو ته مفادن جي اميد ۾ وري وڃي ڪنهن ٻئي جو عقيدتمند ٿئي ۽ ان لاءِ ڪي قصا گهڙي. ھن ترقي يافته دور ۾ سائنس، علم ۽ ٽيڪنالوجي زندگيءَ جي مڙني شعبن ۾ آسانيون پيدا ڪيون آهن. ان سماج ۾ به اسان ڏسون ٿا ته عقيدت منديءَ ۾ ماڻھو ڪيئن چريائپ وارا ڪم ڪن ٿا ۽ انھن تي ڳنڍ ٻڌي بيھن ٿا. ڪنھن به علمي، عقلي ۽ عام فھم ڳالھ کي به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھن، بلڪه ڪوشش ۾ ھوندا آھن ته سندن پنھنجا پراوا ٻيا به سوچ، عقل ۽ شعور جي بر خلاف، جنھن جا ھو عقيدتمند ٿي گذارين ٿا. اهي ماڻهو علمي طور ثابت ٿيل ڳالھين جي سخت مخالفت ڪندا آهن، ان جي باوجود ته انھن علمن وسيلي ٿيل ايجادن ۽ مشينريءَ کي آمدني لاءِ، صحت لاءِ، آرام لاءِ ۽ آمدرفت جي ذريعن لاءِ استعمال به ڪندا آهن.