حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ٻنهي طرفن کان ڪاميٽيون ٺاهيون ويون آهن. ڪنهن به سياسي ۽ جمهوري نظام ۾ ڳالهيون ئي مسئلن جو حل آهن. سرڪار ۽ حزبِ اختلاف ۾ اهي مذاڪرات گهڻو اڳ ٿيڻ کپندا هئا، پر سڀ ڄاڻن ٿا ته پاڪستان تحريڪِ انصاف جي هڪ پارٽي جي طور ۽ ان جي باني جي شخصيت جي طور هٺ ڌرمي جي ڪري اهي مذاڪرات نه ٿي سگهيا هئا. سڀ ڄاڻن ٿا ته اسانجي ملڪ کي مالي ۽ معاشي ترقي گهرجي ۽ سياسي استحڪام به گهرجي. ڪنهن به ملڪ جو سياسي درجه حرارت ان جي ترقيءَ جي سڀني پئمانن کي لوڏي ڇڏي ٿو ۽ بين الاقوامي دنيا ۾ به انهيءَ ملڪ جو تاثر متاثر ٿئي ٿو.
اسان وٽ جيئن ته سياسي ڌريون جڏهن اقتدار ۾ نه ٿيون هجن، تڏهن هو ٻيهر اقتدار جي حصول لاءِ هر ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن. پوءِ اهي سوشل ميڊيا تي حڪومت خلاف مهمون ۽ 9 مئي جهڙا واقعا ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن. ملڪ جي سموري سياسي تاريخ ۾ ائين ڪڏهن به ڪونه ٿيو آهي، جيئن گذريل ٻن ٽن سالن ۾ ٿيو آهي. هڪ سياسي جماعت اقتدار کان محروم ٿي پنهنجو بدلو ملڪي استحڪام ۽ ملڪ جي ماڻهن کان وٺندي اهو سوچيندي عجب لڳي ٿو. جيئن ته هاڻ مذاڪرات ٿي رهيا آهن ته اقتداري ڌر ۽ حزبِ اختلاف لازمي آهي ته پنهنجي روين تي غور ڪندي، ڇاڪاڻ جو پاڪستان 25 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ آهي. انهيءَ جي زراعتي ترقي، صنعتي ترقي، تعليم ۽ صحت تمام اهم آهن. آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي مشتمل آهي، انهيءَ ڪري اسان وٽ سڀني کان مٿي جيڪو مسئلو آهي، اهو روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. هڪ اهڙي حڪومت جيڪا ملڪ کي سياسي استحڪام ڏئي ۽ مستحڪم مالي ۽ معاشي نظام ڏئي، اها هن وقت ملڪ جي ضرورت آهي. سياسي ڌرين ۾ ڳالهيون جمهوري نظام ۾ تمام ضروري هجن ٿيون، پر هيستائين سياسي ڌرين ۾ اتفاق نه هجڻ جي ڪري مذاڪرات نه ٿي سگهيا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف گهڻي وقت کان وٺي احتجاجي تحريڪ هلائيندي رهي آهي. هن اهو سمجهيو هو ته پنهنجي مقبوليت جي زور تي اها ملڪ جي نظام کي هلڻ نه ڏيندي. انهيءَ ڪري ان جي طويل احتجاجي مهم، ڌرڻا ۽ لانگ مارچ جاري هئا، پر جيئن ته اهي ڌرڻا ۽ لانگ مارچ ناڪام ٿيا آهن، تڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف مجبور ٿي آهي ته اها اقتداري ڌر ۾ ويٺل پارٽين سان ڳالهائي. سياسي جماعتن ۾ مذاڪرات سنجيدگيءَ سان ٿيڻ گهرجن ته جيئن ملڪي سياست جو وڌندڙ درجه حرارت گهٽ ڪري سگهجي. هتي اسين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي ڪوششن جي تحسين ڪريون ٿا. جنهن مذاڪرات عمل جي شروع ٿيڻ جي دعوت ڏني ۽ ڳالهين لاءِ قومي اسيمبلي جي چيمبر جي پيشڪش ڪئي. هيستائين 23 ڊسمبر کان مذاڪرات جو عمل باقاعده شروع ٿي چڪو آهي، جنهن جي ٻي گڏجاڻي 2 جنوري، 2025 تي رکي وئي آهي. جيڪڏهن سڀ سياسي جماعتون پنهنجي موقف ۾ نرمي آڻي مسئلي کي حل ڪرڻ چاهين ته ڪري سگهن ٿيون. تحريڪ انصاف لاءِ 9 مئي جا واقعا وڏو مسئلو آهن ۽ اهو پارٽي ۽ ان جي ليڊر جي لاءِ آزمائش جون گهڙيون آهن، ڏسون ٿا ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جو سربراهه ملڪ ۽ ان جي عوام لاءِ ڪيترو سمجهوتو ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو انهيءَ جماعت لاءِ وڏا مسئلا آهن. 26هين آئيني ترميم به ان جو مسئلو آهي. 8 فيبروري 2024 جون چونڊون به انهن لاءِ مسئلو آهن ۽ 9 مئي سياسي تاريخ جي وڏي غلطي آهي. جيئن ته ڳالهيون ٿي رهيون آهن، دنيا ۾ ڪيترا به وڏا بين الاقوامي مسئلا آهن، انهيءَ تي لاڳاپيل ملڪ جي حڪمرانن ڳالهيون ڪري انهن کي حل ڪيو آهي.
ائين اسان جي ملڪ ۾ به ڳالهيون شروع ٿيون آهن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ڳالهين جي ميز تي آئي آهي، اها ملڪ جي سياسي تاريخ جي اهم پيش رفت آهي. حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ ڳالهيون پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيون، جنهن جي سربراهي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ڪئي. مذاڪرات ۾ حڪومت ۽ حزب اختلاف جا اهم رهنما شامل هئا. اسپيڪر قومي اسيمبلي جي اها ڳالهه اهم آهي ته ڳالهين جي عمل کي کلي دل سان ڪيو وڃي. هن اهو چيو ته مذاڪرات جو عمل سٺو سنئوڻ آهي ۽ اهو عمل جمهوريت جو حسن آهي. حڪومت ۽ اپوزيشن ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اميد رکجي ٿي ته ڳالهين جو نتيجو ملڪ جي لاءِ بهتري جي صورت ۾ نڪرندو.