پراڻي وقت جي ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ غريب هاري رهندو هو، جنهن جا ٽي پٽ علي محمد، علي نواز ۽ علي رضا هئا. علي محمد سڀني کان ننڍو، دادلو ۽ سست پر نيڪ طبيعت جو هو. جڏهن ته علي رضا ۽ علي نواز چست ۽ هوشيار هئڻ سان گڏ، پر مَنَ جا ڪجهه ميرا پڻ هئا. هڪ ڏينهن هاريءَ پنهنجي کري ۾ گاهه جي ڀرين ۾ کوٽ ڏٺي وڏي پٽ کي گهرائي چيائين، “ڪو ماڻهو پنهنجو گاهه چورائي رهيو آهي. منهنجي مرضي آهي ته تون رات جو هتي چوڪي ڏي ته خبر پوي اهو چور ڪير آهي؟” علي نواز ٺپ جواب ڏنس سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ کانپوءِ مون کان ڪوبه اوجاڳو نه ٿيندو ساڳيءَ ريت علي رضا به جواب ڏيندي پيءُ کي صلاح ڏني ته اهو ڪم علي محمد کي چئجي جيڪو سڄو ڏينهن واندو ويٺو آهي ۽ ڪوبه ڪم نٿو ڪري گهٽ ۾ گهٽ رات جو جاڳي سامان جي حفاظت ته ڪري. ان ريت علي محمد رات جو چوڪيداريءَ تي لڳو کيس ڪو ڪم ته ڪرڻ لاءِ هو ڪونه، سو آسمان ۾ تارا ڳڻڻ لڳو. اوچتو اڌ رات جو هن گهوڙيءَ جو آواز ٻڌو ٿوريءَ دير ۾ ڏٺائين ته هڪ اڇي رنگ جي سهڻي گهوڙي آهستي آهستي اچي رهي آهي. هُو وڻ پٺيان لڪي بيٺو گهوڙي گاهه وٽ پهچي گاهه چرڻ لڳي. علي محمد به هڪدم ٽپ ڏيئي سندس پٺيءَ تي چڙهي ويهي رهيو. گهوڙيءَ کيس ڪيرائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، پر علي محمد به صفا ان جي پٺيءَ کي چهٽي مضبوطيءَ سان پڪڙي ويٺو رهيو.
نيٺ گهوڙيءَ چيس، “جيڪڏهن تون مون کي ٽي ڏينهن ڪنهن حفاظت واري هنڌ تي رکين ۽ منهنجي کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪرين ته پوءِ آئون توکي هڪ قيمتي ۽ ناياب تحفو ڏينديس” عليءَ کي ته ڪنهن ڪڏهن ڪجهه ڪو نه ڏنو هو، هُو تحفي جو ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ گهوڙيءَ کي پري هڪ آرامده پر ويرانيءَ واري جاءِ تي ڇڏي آيو کيس کاڌو پاڻي ڏيڻ ويندو هو. ٽي ڏينهن ڏٺائين ته گهوڙيءَ ٽي ٻچا ڏنا آهن ٻه وڏا هئا هڪ بلڪل ننڍڙو گهوڙو هو. گهوڙيءَ کيس چيو ته “آئون تنهنجي ٿورائتي آهيان منهنجو خيال ڪيو اٿئي هاڻي هن مان ٻه وڏا ٻچا بادشاهه کي وڪڻي ڇڏجانءِ باقي ننڍو گهوڙو تنهنجو تحفو آهي” علي ننڍڙي گهوڙي کي هنج ۾ کڻي ان جي ماءُ جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. ٿوريءَ دير کانپوءِ ڪنڌ کنيائين ته هن جي حيرت جي حَدَ ئي نه رهي جو اها گهوڙي اتي موجود نه هئي. علي انهيءَ کانپوءِ انهن گهوڙن کي داڻو پاڻي ڏيڻ لاءِ اتي ايندو رهندو هو.
هڪ ڏينهن سندس ڀاءُ علي رضا انهيءَ جڳهه تي اتفاق سان آيو ۽ گهوڙا ڏسي کيس لالچ ٿي ته اهي وڃي ميلي ۾ بادشاهه جي ماڻهوءَ کي وڪڻي اچي ٻئي ڏينهن پنهنجي ڀاءُ علي نواز کي وٺي آيو ۽ ٻئي ٻه صحمتند گهوڙا کڻي روانا ٿي ويا، علي جيئن ئي پنهنجي گهوڙن لاءِ داڻو پاڻي کڻي پهتو ته ڏسي ٻه وڏا گهوڙا موجود ئي ڪونهن پريشان ٿي ويو. ننڍڙو گهوڙ جنهن کي هُو “جاني” سڏڻ لڳو هو سندس ويجهو اچي چوڻ لڳو ته: “منهنجي پٺيءَ تي سوار ٿي توکي اُتي پهچايان جتي تنهنجا ٻئي ڀائر گهوڙن کي وٺي ويا آهن.” جاني! تون ڳالهيون به ڪندو آهين؟ “گهوڙي وراڻيو اڳ ۾ ڪڏهن ضرورت محسوس نه ڪيم، پر هاڻي وقت ڪونهي جلدي هل” علي محمد مٿس سوار ٿيو ته ننڍڙو گهوڙو ڄڻ هوا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو علي محمد ڳوٺ جو هو کيس جانورن جي سڃاڻپ هئي. هن گهوڙي جو غير معمولي نمونو ڏسي ورتو، سمجهيائين ته مٿس ڪا الاهي نعمت ٿي آهي. علي محمد گهوڙيءَ سان اڳيان ويو ته سندس ڀائر سامهون کان پئي آيا کيس ڏسي لڄي ٿيا ۽ چوڻ لڳا ته، “اسين ته انهن گهوڙن تي سوار ٿي فقط ميلو ڏسڻ پئي وياسين” علي محمد چيو “تمام سٺو هلو آئون به هلان ٿو. جڏهن اتي پهتا تڏهن بادشاهه جي اصطبل جو وڏو منشي اُتي موجود هو انهيءَ کي اهي گهوڙا خوبصورتي ۽ بيهڪ ۾ گهڻا پسند آيا. بادشاهه کي اطلاع ڪيو ويو هن روبرو اچي گهوڙا ڏسي هڪدم خريد ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو کين ٻه ٿيلهيون اشرفين جون ڏيئي گهوڙا وٺي ڇڏيا. جڏهن بادشاهه جي ماڻهوءَ انهن گهوڙن کي اصطبل ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن گهوڙا هڪڙو به قدم نه کڻن وڏي منشيءَ چيو ته، “آئون سمجهان ٿو هي گهوڙا پنهنجي مالڪ کانسواءِ ڪونه ويندا” اهو ٻڌي بادشاهه علي محمد کي پاڻ وٽ گهوڙن جي اصطبل ۾ نوڪري ڏني. هو ته خوشيءَ ۾ ڦاٽي پيو اشرفين جون ٿيلهيون ڀائرن سان پنهنجي پيءُ کي موڪليائين ۽ خود بادشاهه سان گڏ گهوڙن جي سنڀال لاءِ محل ڏي هليو، جتي پاسي ۾ کيس رهڻ لاءِ ننڍو گهر ڏنو ويو. ننڍو “جاني” گهوڙو هر وقت ساڻس گڏ رهندو هو.
اصطبل جو منشي، علي محمد تي بادشاهه جون ڪيل نوازشون ڏسي سڙي رک پيو ٿيندو هو. هڪ ڏينهن کيس اٽڪل سُجهي بادشاهه کي چيائين، “علي محمد کان سون جهڙي رنگ جو هرڻ گهرايو.” علي محمد پهرين بادشاهه کي جواب ڏنو، پر پوءِ سندس ڪاوڙ ڪرڻ جي ڪري وڃي گهوڙي جانيءَ سان ڳالهه ڪيائين هن کيس سڀ ڏس پتو ڏنو ۽ گڏ هليو. هُو ٻئي سون ورني رنگ جو هرڻ کڻي حاضر ٿيا. بادشاهه گهڻو خوش ٿيو ۽ منشي وڌيڪ پريشان رهڻ لڳو هڪ ڏينهن وري ٻيو راڳ کنيائين ته، “علي محمد چوي ٿو ته آئون جيڪڏهن چاهيان ته ڏکڻ پاسي پري علائقي ۾ هڪ حسين ترين شهزادي آهي ان کي بادشاهه لاءِ کڻي اچان” بادشاهه علي محمد کي چيو ته “اها شهزادي حاصل ڪر” جڏهن علي محمد قسم کنيا “آئون هڪ سادو سودو ماڻهو آهيان. مون کي ڪنهن به شهزاديءَ بابت ڪابه خبر ڪونهي”، منشيءَ جي ڪوڙ کي بادشاهه سچ سمجهي کيس سزا ڏيڻ چاهي هو روئيندو “جانيءَ” وٽ ويو جنهن اهو مسئلو پڻ حل ڪيس. ٻئي گڏجي ڏکڻ پاسي سمنڊ ڪناري ويا جتي ٻيڙيءَ ۾ شهزادي گهمڻ آئي هئي ۽ جانيءَ جي چوڻ تي علي محمد پاسي کان خيمو لڳائي سون ۽ چانديءَ جي ٿانون ۾ بهترين کاڌو رکي ڇڏيو، خود لڪي ويٺو. شهزاديءَ کي ڏاڍي بک لڳي هئي. هن جيئن ئي کائڻ شروع ڪيو ته علي محمد کيس کنڀي گهوڙي تي وڌو ۽ جادوئي گهوڙو ٿوري وقت ۾ بادشاهه جي درٻار ۾ پهچي ويو. بادشاهه علي محمد مان گهڻو خوش ٿيو. شهزاديءَ کي مان ۽ شان سان رکيو ويو. بادشاهه هڪ ڏينهن شهزاديءَ کي شاديءَ جي پيشڪش ڪئي ۽ هوءَ انهيءَ لاءِ بلڪل تيار نه ٿي. علي محمد سان سڄي ڳالهه ڪيائين هن چيس ته “شهزادي! تون پريشان نه ٿي آئون جانيءَ کان پڇان ٿو هُو ضرور ڪا اٽڪل ٻڌائيندو” ننڍي گهوڙي سڄي ڳالهه ٻڌي چيو ته “مسئلو ته ڏکيو آهي، پر هاڻي جيڪا آئون صلاح ڏيان ٿو ان تي عمل ڪجو ۽ پوءِ انهن کي آهستي سان سڀ ڪجهه سمجهائي ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن شهزادي بادشاهه جي سامهون جڏهن حاضر ٿي تڏهن چيائين ته، “بادشاهه سلامت توهان فرمايو آهي ته منهنجي دل جوان آهي، پر منهنجي خواهش آهي ته جيترو توهان جو دل جوان آهي اوترا توهين پاڻ جوان نظر اچو ته پوءِ آئون توهان سان شادي ڪريان” بادشاهه حيران ٿي ويو ته هن انوکيءَ شرط جو ڇا ڪجي؟ ڏک ۽ ڪاوڙ سان چيائين “ڀلا ماڻهو ٻيهر جوان ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟”