ڪراچي ِيچ لَگزري هوٽل ۾ سي ايس ايس ايسپائرينٽس جي ڪيريئر ڪائونسلنگ جي لاءِ هڪ عاليشان پروگرام ارينج ڪيو ويو آهي. هڪ پاسي عربي (سنڌي) سمنڊ جو نظارو آهي ته ٻئي پاسي ويسٽرن ڪلچر وانگر شارٽ اسڪرٽس ۾ ملبوس عورتون هيڏي هوڏي گهمي ڦري رهيون آهن. لڳي ئي نٿو ته ڪو هي ڪراچي آهي… هوٽل جي ڏيک ويک ۽ صفائي سٿرائيءَ مان ايئن پيو لڳي ڄڻ ته هي قرض وٺندڙ نه پر قرض ڏيندڙ ملڪ جو هڪ عاليشان هوٽل هجي. آڊيٽوريم هال ۾ ايل. اِي. ڊي لائٽس جا نور پرور تَجلا نظر اچي رهيا آهن. هال ۾ مهانگيون ترين ڪرسيون فِٽ ٿيل آهن. خوبصورت اسٽيج ڪنهن سيج وانگر سينگاريل آهي… هرِکُ اڇي ۽ شيشي جي گلاس مان ٺهيل ڊائيس جيڪا بند وسڪيءَ جي بوتل جيان لڳي رهي آهي. هال ۾ موجود هر شيءِ مان اهو قطعي نه لڳي رهيو آهي ته ڪو هي ملڪ ڪنهن جو قرضي آهي ۽ هن ملڪ جون اڌ عورتون ڪو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا وڏي پِيهه مان گذري پننديون آھن… بلڪه ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ ڪنهن خوددار قوم جو هڪ خوبصورت آڊيٽوريم آهي…
سڄو آڊيٽوريم هال آهستي آهستي سي. ايس. ايس ايسپائرينٽ سان ڀرجي ويو…! هڪ خوبصورت ڇوڪري پنهنجي وارن کي وَراڪو ڏيئي بند وسڪيءَ جي بوتل جيان ٺهيل ڊائيس ته پنهنجي سافٽ ووڪل پچ سان ڳالهايو…
With your oceans of clapping… Now I would like to call the man who has made record to pass the CSS exam at the youngest age. The one and only Mr….. Abdul Kareeeeeeeeeem……! Again.! Need your clapping to warmly welcome daaaaaaaa.. Mr Abdul Kareem…
هن پاڻ کي پاڻيءَ جي پاتال ۾ ڦاٿل ڀانئيو…! 2010 ۾ هو جڏهن اٺن سالن جو هو ته هن جو شهر ڪي اين شاهه ٻڏي ويو هو… نه بلڪه هن جي شهر کي هٿ سان ٻوڙيو ويو هو. ٽوڙي بند نه ٽٽو هو.. ڄڻ هنن جي اکين مان ڳوڙهن جو سمنڊ ٽٽو هو. پٺيءَ اُگهاڙي هو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ لاءِ اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري رهيو هو. بابا… بابا… بابا.. بابا…. امان… امان… امان… امان امان…
هن جي ڪنن ۾ اڃان به اهي رڙيون ۽ ڪوڪون پڙاڏو بڻجي ٻڌڻ ۾ پئي آيون… هن شيشي جي بند وسڪيءَ جي بوتل جهڙي ڊائيس تي مائڪ کي هٿ سان ٿورو سيٽ ڪيو…! سي. ايس. ايس جا سڀ ايسپائرينٽ هن ڏانهن واجھائي رهيا هئا ۽ هن جو ليڪچر ٻڌڻ لاءِ آتا هئا…
اهو داستان مان ڪٿان شروع ڪيان، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي… ها باقي اها ڪاري رات مون کي اڄ به ياد آهي جنهن رات تي اسان جو سڄو شهر ٻوڙيو ويو. مٿان مينهن ته پاسن کان ٻوڏ جو پاڻي اسان جي شهر تي ڪنهن وَحشي حملي ڪندڙ وانگر ڪاهي پيو… جيئن پراڻي دور ۾ ٻاهرئين حملي ڪندڙن کي ڪجهه غدار ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل هوندي هئي ايئن ٻوڏ جي پاڻيءَ جي ڪاهه ۾ به ڪجهه ٻاهريون ته ڪجهه اندريون قوتون ملوث هيون…! ڪاري رات ۾ اسان جو گهر ٻڏي ويو…! پاڻي ٻوڙ ٻوڙان ڪندي اسان جي سڄي گهر کي ٻوڙي ويو… ان ٻوڙ ٻوڙان دوران منهنجو هٿ هڪ چُونئري تي پئجي ويو جنهن تي تَري مان ٻاهر نڪتس… پر منهنجي هڪ ننڍڙي ڀيڻ، امان ۽ بابا ڪونه نڪري سگهيا…! هو ٻڏي ويا…!
جڏھن اسان جو سڀ ڪجھه ٻڏي ويو ته ٻين ٻڏي ويل ماڻهن سان گڏجي مان به پيرن اگهاڙو ۽ پٺيءَ اگهاڙو سڄي جسم تي مَڇرن جي چڪن سان سُڄيل جسم کڻي نڪتس… منهن تي مڇرن جا ايترا ته چَڪ لڳل هئا جو منهن منهن نه لڳي رهيو هو ڄڻ ڊانڀرُ هجي…
اسان جي ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻهو ٻڏل شهر کان روئي موڪلائي ڪراچيءَ جي لاءِ نڪتا. هنن کي خبر هئي ته هنن جو شهر ڪنهن ٻوڙايو آهي..! هنن دانهون به گهڻيون ڪيون هيون، پر هاڻي دانهن ورنائڻ وارو ڪوبه نه رهيو آهي جيڪو هنن جي ڏُکن، دردن ۽ تڪليفن جو درمان بڻجي..!
منهنجو باقي شهر ۾ ڪوبه ڪونه بچيو… مان به هنن سان ڪراچيءَ لاءِ نڪرڻ لاءِ تيار ٿيس. ڪيترائي گهر ڪجهه ڏينهن ڀڳل ٽٽل خيمن ۾ رهڻ کانپوءِ نيٺ لڏي رهيا هئا. لَڏَ کڻڻ ۾ ڪيتريون ئي مزدا گاڏيون ڪِرائي تي ڪيون ويون. هونئن چوندا آهن ته ٻار لڏَپلاڻ ۾ خوش، پر مان هن لڏَ ۾ مايوس هئس.. مان به هنن سان گڏ لڏي رهيو هئس…!
مزدا گاڏيءَ ۾ ٻين ٻارن کان الڳ ٿلڳ مان پنهنجي سوچ ۾ گم هئس…! اسان جي مزدا گاڏي جڏهن سيوهڻ شريف پهتي ته سڀ ماني کائڻ لاءِ هيٺ لٿا! پٺيءَ ۽ پيرن اگهاڙو مان به لٿس…! هيٺ لهڻ سان منهنجي نظر اسڪولي يونيفارم پاتل ٻارن تي پئي جن کي صاف سٿرو يونيفارم پاتل، هٿ ۾ واٽر ڪولر جي بوتل ۽ پيرن ۾ بوٽَ پاتل هئا…! مان هنن کي ڏِسي هنن جي خوبصورت دنيا ۾ گُم سم ٿي ويس… جيئن مان هنن کي حيرت مان ڏسي رهيو هئس تيئن هو به مون کي اڌ اگهاڙو ڏسي حيرت کائي رهيا هئا.
مون کي نوان ڪپڙا ۽ بوٽ ڏاڍا وڻندا آهن. منهنجي دل سٽَ کاڌي ته جيڪر انهن مان ڪنهن هڪ کان ڪپڙا ۽ بوٽ کَسي ڀڄان…! پر مان اتي ايئن نه ڪري سگهيس… اسان جا حال هيڻا ڏسي هوٽل جا بيرا تڪڙا تڪڙا اسان ڏانھن آيا…! هنن کي اهو اُلڪو ورائي ويو ته ڪو اسان پينو فقير ته ناهيون! اسان جي ڪاڪي الهورائي چيو اسان پينو فقير ناهيون… اسان ماني کائينداسين ۽ توهان کي پئسا ڏينداسين…! جنهن تي بيري چيو پهرين پئسا ڏيو يا ڏيکاريو ته توهان وٽ آهن! پوءِ ئي اسان توهان کي ماني ڏينداسين…! جنهن تي ڪاڪي هنن کي پئسا ڏيکاريا… پوءِ ئي هنن اسان کي ماني آڻي ڏني…! جيڪا بک ۾ پاهه هئڻ جي ڪري اسان مينهن واچ ڪري کاڌي…
اسان ڏکيا سکيا جيئن جو تيئن ڪراچي پهتاسين…! ڪراچي جيڪا سنڌ ۾ آهي، پر پالي سڄي سينٽرل ايشيا کي ٿي…! ڪراچي جيڪا سنڌ ۾ آهي، پر هن اسان سنڌين جي آجيان نه ڪئي. اسان کي پنهنجي آغوش نه بخشي… پر اسان ڪراچيءَ جي ٻاهران ڪئمپن ۾ رهڻ لڳاسين. مينهن ۽ ٻوڏ جا ستايل ۽ تڙيل ڪئمپن ۾ دربدر زندگي بسر ڪرڻ لڳاسين.
هڪ ڏينهن اسان جي ڪئمپ ڏسڻ هڪ نامُور اسڪول جي وين ڀَرجي آئي. هن وين ۾ هنن سان گڏ اسڪولي ٻار به هئا. منهنجيءَ اَک کي گلڙن جهڙا ٻار ته ڪونه نظر آيا، پر انهن جا يونيفارم ۽ بوٽ ضرور نظر آيا. مان ٻوڏ جو ستايل، مڇرن جو کاڌل، سڄي جسم تي مَلي سان چچريل ڦاٽل ڪپڙن ۾ ملبوس هنن کي حسرت ڀريل نيڻن سان تَڪيندو رهيس…! ان ڏينهن مون کان رهيو نه ٿيو.. ٿيو ڇا جو مون هڪ ٻار کي هيٺ ڪيرائي هن جو بوٽ لاٿو ۽ واٽر ڪولر کسي وٺي ڀڳس! پويان رڙيون ۽ هوڪرا ٿي ويا وٺوس وٺوس…! مان هنن کان اک لڪائي پنهنجي پر ۾ هڪ محفوظ ڪنڊ ۾ ويهي رهيس…! بوٽ پائي خوشيءَ ۾ گِد گِد ٿيڻ لڳس…!
مٿان هو سڀ ٻارَ، انهن جا استادَ ۽ پرنسپال به اچي پهتا، پرنسپال سيبتو ۽ سياڻو ماڻهو هو! هن مون سان پيار ۾ ڳالهايو…
تنهنجو نالو ڇا آهي؟
مون چيو ڪَرو…!
نه سڄو نالو ٻڌائي…؟
ڪرو ڪي اينِ شاهي…!
نه اڃان به صحيح ٻڌائي…
منهنجو نالو عبدالڪريم آهي…!
عبدالڪريم توکي هي بوٽ، واٽر ڪولر ۽ يونيفارم کپي…؟
مون هٻڪندي ها ڪئي…!
ته پوءِ توکي اسان سان گڏ هلڻو پوندو ۽ اسان جي بورڊنگ اسڪول ۾ اسان سان گڏ رهڻو پوندو… تنهنجا والدين ڪٿي آهن…؟
ايئن ڪاڪو الهورايو به اتي اچي پهتو…! مون ان ڏانهن اشارو ڪيو!
هنن ڪاڪي الهورائي سان ڳالهايو… ڪاڪي الهورائي هنن کي چيو هي ڇورو ٻار آهي هن کي ڀلي توهان وٺي وڃي پڙهايوس…! ايئن مان ڀلن ڪپڙن ۽ بوٽن جي لاءِ نازي جرمنيءَ جھڙي ڪنهن ڪنسٽريشن ڪئمپ مان ٻاهر نڪتس…!
بعد ۾ مان بورڊنگ اسڪول ۾ سٺن ڪپڙن بوٽن جي ڪري رهيس ۽ تمام گهڻي محنت ڪري پڙهيس. اڄ مان ينگيسٽ سي. ايس. پي ٿيو آهيان…! اڄ هتي مان توھان جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪري رهيو آهيان…! مون کي هتي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هاڻي مان به انهيءَ سسٽم جو حصو بڻجي ويندس جن گڏجي سڏجي منهنجو شهر ڪي اين شاهه ٻوڙيو هو..! ايئن ڪيترا ڪَرو ڪي اين شاهي جهڙا ٻار هن سسٽم جو حصو ٿيڻ لاءِ آتا آهن، پر اهي اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن، باقي اٽو سڄو ٻوڏ ۾ ٻڏي ٿو پيو…! يعني هزارن مان هڪڙو ڪو اچي هنن سان گڏ عياشيءَ واري زندگي گذارڻ ۾ شامل ٿئي ٿو، باقي ڪروڙين ماڻھو لوڙهين ٿا…!
ڪَرو ڪي اين شاهيءَ جو هي ليڪچر ٻڌي سڀني سي. ايس. ايس ايسپائرينٽ پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو..!
ڪرو ڪي اينِ شاهي وري هڪ ڀيرو ڳالهايو مان هڪڙو… ۽ ڪيترا ٻيا به هڪ هڪ ٿي نيٺ هن نظام جو حصو ٿيندا رهندا..! هي نظام ايئن هلندو رهندو…!