بلاگخاص

وڏو خرچ ٿي ويو مائي جي چڪر ۾

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

(حصو ٻيو)

وڏو خرچ ٿي ويو مائي جي چڪر ۾

الطاف شيخ

1612 ۾ جڏهن شاهه جهان 20 سالن جو ٿيو ته هن جي ارجمند بانو بيگم سان شادي ٿي. ٻنهي جو هڪ ٻئي سان پيار مشهور آهي. ارجمند بانو سياست ۾ بيحد متحرڪ رهي ۽ مڙس کي هر ڪم ۾ صلاح ڏيندي رهي. هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن مڙس کي اهو به چيو ته ٻين ڇورين سان شادي ته ڪئي اٿئي، پر متان انهن مان ٻار پيدا ڪيا اٿئي ۽ شهزادو خرم (شاهجهان) به پنهنجي هن زال (جنهن کي پيار مان ممتاز محل سڏيندو هو) جو Most Obedient Servant ٿي رهيو.. يا گهٽ ۾ گهٽ پوز اهو ئي ڏيندو رهيو. کيس ممتاز محل مان چوڏهن ٻار ٿيا جن مان ست ته ٻالڪپڻي ۾ ئي گذاري ويا. ظاهر آهي انهن ڏينهن ۾ نه هيون سٺيون اسپتالون، نه هيون ويڪسين ۽ نه نرسون ۽ ڊاڪٽرياڻيون. اهڙن ڪم لاءِ به هنن حاڪمن جو فرض هو ته هُو اسڪول ۽ اسپتالون کولين… جيئن نه فقط عوام جو، پر سندس به فائدو ٿي سگهي. گهر ۾ ٻارن جي ديک ڀال لاءِ رکيل آيائن جي فوج جو زور فقط ان تي هوندو هو ته ٻارن جي منهن ۾ مکڻ جا گولا وجھجن ۽ اکين ۾ ڏوين جهڙين سرميدانين سان سرمو وجھجي. بهرحال ٻين زالن مان ٻار نه پيدا ڪرڻ جي ڪوشش جي باوجود شاهجهان کي ٻين زالن مان هڪ هڪ ٻار ضرور ٿيو، پر هن کي ممتاز محل سڀ ۾ پياري هئي ۽ تن ڏينهن ۾ زال سال گهڻي پيار جو بئراميٽر يا ٿرماميٽر ان مان پيدا ٿيل ٻارن جو ”تعداد“ هوندو هو.

ممتاز محل 20 سالن جي هئي ته سندس شاهجهان سان شادي ٿي. وفات وقت سندس 40 سال عمر هئي…. يعني سراسري هڪ سال پنجن مهينن ۾ في  ٻار ڄڻڻ جي حساب سان هن چوڏهن ٻارن کي جنم ڏنو ۽ سندس موت به ويم دوران ٿيو. سندس آخري ٻار گوهر بيگم هو جنهن کي 1632 ۾ برهانپور شهر ۾ جنم ڏيڻ وقت Post-Partum هئمريج سندس موت جو سبب بڻيو. هن ويم ۾ ممتاز محل کي تمام گهڻو خون آيو ۽ چون ٿا ته 30 ڪلاڪ کن ويم جا سخت سور هليا. ڪجهه تاريخ نويس لکن ٿا ته سندس ڌيءَ جهان آرا ماءُ جي هيءَ حالت ڏسي ايڏو ته پريشان ٿي وئي جو هن شاهي خزاني مان هيرا ۽ پٿر ڪڍرائي غريبن ۾ ورهائڻ شروع ڪري ڏنا ته من ڪنهن جي دعا رسي ۽ ماءُ چاق ٿي وڃي. شهنشاهه شاهجهان جي به غم ۾ اهڙي حالت ٿي جو چُري پُري نه پيو سگهي ۽ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو.

اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳتي هلي شاهه جهان ٻه ٻيون به شاديون ڪيون…. هڪ جو نالو اڪبر آبادي محل هو ۽ ٻيءَ جو قنڌاري محل جن لاءِ ان وقت جي لکيل احوال بابت اهي شاديون فقط ”سياسي نوعيت“ جون هيون.. يعني فقط راجائن ۽ نوابن کي خوش ڪرڻ لاءِ باقي زال مڙس وارن تعلقاتن کان شاهجهان صاحب پاڻ کي پري ٿي رکيو. بهرحال سندس محبوب زال ممتاز محل جي مري وڃڻ تي في الحال شاهجهان روئي روئي ڪم ڇڏائي ڇڏيا. اکين جو نور به جھڪو ٿي ويس. سندس ياد ۾ تاج محل ٺهرائي خزانو خالي ڪري ڇڏيائين…

پنهنجي سوئيڊن واري سفر نامي ”ڏيهه پرڏيهه جو سفر“ ۾ اتي جي هڪ بادشاهه گستا ورس اڊولفس جو احوال لکيو اٿم ته اڄ کان 383 سال اڳ جڏهن هندستان جي هن عظيم الشان شهنشاهه شاهجهان جي پياري زالَ 32-1631ع ۾ ڊليوري دوران مري وئي هئي.. ٺيڪ ان ئي سال سئيڊن جي هن بادشاهه گستاورس جي زال پڻ ٻار ڄڻيندي فوت ٿي وئي. سئيڊن  جي شهنشاهه کي به پنهنجي راڻي ايتري ئي پياري هئي. هو به هيڪر ته غم ۾  غرق ٿي ويو، پر پوءِ جلد ئي پاڻ سنڀالي پنهنجي زال جي موت تي غور ڪيائين ۽ جنهن وقت هندستان ۾ شاهجهان تاج محل ٺهرائي رهيو هو، گستاورس ملڪ جي هر ڳوٺ مان ٻه ٻه چست ۽ ذهين ڇوڪريون گاديءَ واري شهر اسٽا ڪهوم ۾ گهرائي کين دائيءَ جي ڪم جي ٽريننگ ڏياري واپس ڳوٺ موڪليو ته هو اتي هر محلي مان هڪ هڪ ڇوڪريءَ کي ڄاڻ ۽ سکيا ڏين جيئن اڄ کانپوءِ ڪابه عورت اڻ ڄاڻائيءَ سبب ويم دوران نه مري. اهڙن بادشاهن ڪري اهي ملڪ اڄ تائين خوش حال آهن. عوام کي هر سک آهي جو حاڪمن کي پنهنجي لئه ۽ شان شوڪت جو اظهار ڪرڻ بدران عوام جي ڀلائي ۽ بهبود جو فڪر آهي.. ٿي سگهي ٿو ڪيترا سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ پاسي جا ٽوئرسٽ تاج محل ڏسڻ ۽ گائيڊ طرفان ممتاز محل ۽ شاهجهان جي پيارَ جو قصو ٻڌي سوچيندا هجن ته ڪهڙو گڏهه بادشاهه هو جنهن تاج محل تي ويهي خزانا خالي ڪيا، پر عوام جي ڀلي لاءِ نه اسپتال نه دوا درمل جو بندوبست ڪيائين…. ان تان مون کي اهو به ياد آيو ته عمران خان کڻي سٺو سياستدان نه هجي، پر سٺو انسان آهي جو هن جي ماءُ شوڪت خانم بيگم جو ڪئنسر بيماري جي ڪري موت ٿيو ته هن يڪدم ملڪ جي غريبن لاءِ ڪئنسر اسپتال کولي، اهڙي طرح جنرل ضياءُ پنهنجي پياري درويش ڌيءَ زين جي حالت ڏسي ان قسم جا اسڪول کوليا جن ۾ ذهني طرح ڪمزور ٻار پڙهي سگهن. ٻي ڳالهه ته ڪجهه به هجي انڊيا جي آدمشماري ۽ غربت گهڻي هجڻ جي باوجود انڊيا جي حڪومت کي عوام جي تعليم ۽ صحت جو ڪافي الڪو آهي. توهان کي انڊيا ۾ جِتي ڪٿي ننڍيون وڏيون، ماڊرن ۽ خيراتي اعليٰ قسم جون اسپتالون نظر اينديون جن ۾ علاج لاءِ نه فقط مڪاني غريب ماڻهو، پر امير عرب ۽ يورپ ۾ رهندڙ انڊين ۽ گورا به اچن ٿا. اهڙي طرح انڊيا جي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ اسڪول آهن جن جي اعليٰ تعليمي نظام، سخت ڊسيپلين ۽ امن امان جي بهتر صورت ڪري نه فقط مڪاني ماڻهو، پر ٻاهرين ملڪن جا ٻار به پڙهن ٿا جن لاءِ اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هر روز رهائش جي هاسٽلن جو تعداد وڌندو وڃي.

ان جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ ۾.. خاص ڪري سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم جي نظام جو ڄڻ خانو خراب ٿيو پيو آهي. غريب عوام هر نئين حڪومت ۽ پنهنجي سياسي نمائندن مان اميدون رکي ٿو ته ڪرسي تي وهندڙ اهي با اختيار ماڻهو لڳل ڪرپشن ۽ تباهي جي اڏوهي کان ملڪ کي بچائين، پر اهي ئي محافظ ڌاڙيل بڻجيو ملڪ جي حالت خراب ڪريو ڇڏين.

هم بچاتي ره گئي ديمڪ سي اپنا گهر مگر

ڪرسيون ڪي چند  ڪيڙي ملڪ سارا کا گئي!!

پر سائين گهري نظر رکڻ وارا اهو به چون ٿا ته شهنشاهه شاهجهان وڏو ڊرامي باز هو… ڇا جو پيار ڇا جي محبت.. ان بابت اهو چيو ويندو آهي ته جيڪي ماڻهو شاهجهان کي ممتاز جو سچو عاشق سمجھن ٿا، ڇا انهن کي اها خبر آهي ته:

  • ممتاز محل شاهجهان جي چوٿين زال هئي ۽ ان بعد هن ٽن ٻين سان به شادي ڪئي.
  • شاهجهان ممتاز جي پهرين مڙس کي ماري پوءِ ان سان شادي ڪئي هئي.
  • ممتاز جو موت چوڏهين ٻار جي ڊليوري ۾ ٿيو.
  • شاهجهان ممتاز جي مرڻ بعد هن جي ڀيڻ سان شادي ڪئي.

اڄ ڪلهه موبائيل فون تي شاههجهان ۽ سندس پيار بابت ڪيترائي مزاحيه SMS هلن پيا. جن نه پڙهيا آهن انهن جي دلچسپي لاءِ هِتي ٻه ٽي لکان ٿو.

  • شاهه جهان بادشاهه پنهنجي پياري محبوبا جي ياد ۾ ٺهرايل تاج محل جي هڪ هڪ دري، دروازي، مينار ۽ ڀت کي وڏي حسرت مان ڏٺو ۽ پوءِ ٿڌو ساههُ کڻي چيو:

”وڏو خرچ ٿي ويو رن جي چڪر ۾!“

چون ٿا ته تاج محل ٺهرائڻ تي شاهه جهان سرڪاري خزانو خالي ڪري ڇڏيو. ان تي ايڏو ته خرچ آيو جو جيڪڏهن اهو ناڻو صحيح طرح بزنس، ڪارخانن يا ائگريڪلچر ۾ لڳايو وڃي ها ته مغل خاندانن جون ست ڇا سئو پيڙهيون خوشحال هجن ها. شايد ان ڳالهه جي ترجماني هي SMS ڪري ٿو:

ديک ڪر تاج محل شاهجهان ڪي پوتي بولي،

آج هماري ڀي بينڪ بيلنس هوتي اگر دادا ڇڇوري نا هوتي.

هڪ ٻيو SMS جيڪو تاج محل ۽ ممتاز جي سلسلي ۾ ڪنهن همراهه جو فرياد آهي جيڪو هن مختلف دورن ۾ رڪارڊ ڪرايو آهي جڏهن هو ڪنوارو هو ۽ پنهنجي محبوبا جي ڳولا ۾ هو، پوءِ ملڻ بعد هن جو عاشق هو ۽ پوءِ شاديءَ بعد:

ڪنوارو: ”تقدير آهي، پر قسمت نٿي کُلي، تاج محل ٺاهڻ چاهيان ٿو پر ممتاز نٿي ملي“

عاشق: ”تقدير آهي، پر قسمت نٿي کلي، ممتاز ملي وئي آ، پر شادي نٿي ڪري.“

شادي بعد: ”تقديرَ آهي، پر قسمت نٿي کلي، ”تاج محل ٺاهڻ چاهيان ٿو، پر ممتاز نٿي مري.“ … (پورو ٿيو)…