بلاگنئون

سائينداد ساند: اڃان ياد آهن، گهڻيون تنهنجون ڳالهيون

ليکڪ: مشتاق ٽانوري
جيئن دنيا جو تخليقي تصور، عورت جي موجودگي کانسواءِ اڻپورو آهي. بلڪل ايئن علم ۽ ادب جي دنيا، شاعريءَ جي تصور کانسواءِ اڻپوري آهي. شاعري جي جھان ۾ سنڌي شاعري لطيف سائين، شيخ اياز، نارائڻ شيام، استاد بخاري، تاجل بيوس ۽ ٻين ڏات ڌڻين جي تخليقي سگھه سبب ڪنڌ کڻي بيٺل آھي. سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙيون کوڙ ساريون نيون صنفون متعارف ٿيون آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي روپ طور ضم ٿيون آهن. انهن ۾ غزل واري صنف پڻ شامل آهي. غزل کي جيتوڻيڪ فارسي ادب جو مک محرڪ سمجهيو وڃي ٿو، پر حسن جي سورن ماڻ، ماپن سان سرجندڙ غزل واري هن صنف سنڌي شاعريءَ ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. غزل جهڙي نازڪ ادبي صنف جو ذڪر، ٿر جي وارياسين ڀٽن سان تعلق رکندڙ سائينداد ساند جي ذڪر کانسواءِ اڌورو آھي.
جديد سنڌي شاعري ۾ غزل جو سھڻو شاعر ۽ استاد، سائينداد ساند 1960ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي مٺي تعلقي جي ڳوٺ متاري ساند ۾ محمد حسن ساند جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ نئون ڪوٽ هاءِ اسڪول مان 1976ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ 1985ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان حاصل ڪري، عملي زندگيءَ جو آغاز ليڪچـرار طـور 1986ع ۾ ڪـيـائيـن.سائينداد ساند ٻه دفعا گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺي جو پرنسپال ۽ هڪ دفعو ڊگري ڪاليج ڏيپلو جي پرنسيپال جي عهدي تي رهي چڪو آهي ۽ هن مختلف وقتن تي تعليم ۽ تدريس جي عمل ۾ ڪاليج جي هزارين شاگردن کي علم سان روشناس ڪرائي 28 فيبروري 2017ع تي رٽائرمينٽ ورتي.
سائينداد ساند غزل سميت شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعري مختلف اخبارن توڙي علمي ۽ ادبي رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي. سندس شاعريءَ ۾ عوامي رنگ وڌيڪ نمايان آهي، اهوئي سبب آهي، جو هن جي شاعري ڪيترن فنڪارن ۽ فنڪارائن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. سائينداد ساند جا گيت ۽ غزل عوام جي دلين جي ترجماني ڪن ٿا. پنهنجي مزاج ۾ انتھائي گھڻو نفيس ۽ حساس طبعيت رکندڙ ھي اھو شخص آهي جنهن جي شاعري عام لوڪن جا ماڻهو به فوزيا سومرو، صادق فقير، الھڏنو جوڻيجو، ڪريم فقير، رجب فقير، رفيق فقير ۽ ٻين جي آواز ۾ وڏي دلچسپي سان ٻڌن ٿا ۽ سنڌ جو پڙھيل لکيل طبقو پڻ ھن جي شاعري جو مداح رھيو آهي. سائينداد سنڌ جي علمي ادبي لڏي ۾ ھڪ غير تڪراري ماڻھو رھيو. ھو پنھنجي شخصيت جي جوھر ۾ ھڪ خوددار شاعر من موجي ماڻھو ھو. ھن جي شاعري ۾ ھڪ وسيع انسپائيريشن ھئي. ھو سنڌي ٻوليءَ جو پختو شاعر ھو، کيس شاعري جي ھر صنف تي چڱو خاصو دسترس حاصل ھو. ھڪ نقاد جي حيثيت سان سنڌي شاعري جي ھر صنف تي خوبصورتي سان ڳالهائي سگهي پيو. کيس خبر ھئي ته سنڌي شاعري جي جدت جا رنگ ڪھڙا آهن ۽ ھن وقت سنڌي شاعري جو معيار ڪھڙي موڙ تي بيٺل آهي. سائينداد ساند جي شاعري جا اڪثر گيت ۽ غزل موسيقي جي رڌم جي تسلسل ۾ آهن اهو ئي سبب آهي جو سندس گيتن کي سرن جي آلاپ ۾ سموئڻ ڪنهن فنڪار لاءِ ايترو مشڪل ڪونهي.سائينداد ساند سنڌي ٻولي جو سگهارو شاعر ھو.
سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا “ڳوڙهن ڳالهـايــو” “سنڌ ڪُروکيتر جيان” “دل جي تاريخ” ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. ان کان سواءِ سندس نثري خيالن ۽ انٽرويوئن تي مشتمل ڪتاب “خيالن جا پکي” پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
ٿر واسي پروفيسر سائينداد ساند کي آنڊي جي تڪليف سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي آنڊي جي آپريشن بعد سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي. ماءُ ٻولين جي عالمي ڏھاڙي 21 فيبروري 2024ع تي سنڌي ٻوليءَ جو سٻاجهو شاعر سائينداد ساند ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
الائي ڇو اسان کي وڻيون تنهنجون ڳالهيون
جتي ڀي وياسين ڳڻيون تنهنجون ڳالهيون
اڃان زندگي مان ٿڪا ڪونه آهيون
اڃان ياد آهن، گهڻيون تنهنجون ڳالهيون