بلاگنئون

ڌرتي ماءُ جو عالمي ڏهاڙو ۽ گڏيل قومن واري اداري جو ڪردار

ڌرتي ڇا آھي؟ ڌرتي نظام شمسيءَ ۾ موجود ھڪ سيارو آھي جيڪو فاصليوار ترتيب ۾ سج کان ٽئين نمبر تي موجود آھي. ماپ جي لحاظ کان ڌرتي نظام شمسي ۾ پنجين نمبر تي وڏو سيارو آھي. ھن واحد سياري جي خوبصورتي اھا آھي ته ھن تي الله پاڪ پنھنجي جوڙيل خوبصورت مخلوق، انسان کي آباد ڪري سندس ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ جانور، پکي، وڻ، ٻوٽا، معدنيات، ھوا ۽ پاڻيءَ جو پڻ بندوبست ڪيو. انسان کي اھو سمجھايو ويو ته ان نعمت کي صاف سٿرو رکي جيئن ھو الله پاڪ طرفان عطا ڪيل نعمتن جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگھي. ڪئناڊا جي ھڪ فلاسفر “ھربرٽ مارشل مِڪ لوھان” جي چواڻي “ھن ڌرتيءَ تي ڪوبه مسافر نه آھي، اسان سڀ عملو آھيون.” جنھن جو مطلب آهي ته ھن ڌرتيءَ تي رھندڙ سڀني انسانن جي اھا ذميواري آهي ته ھو ڌرتيءَ جي سارسنڀال ڪن ۽ ھن کي گدلاڻ کان بچائين، پر ائين نه پيو ٿئي. آباديءَ ۾ بي تحاشا واڌ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ضرورتن جي حاصلات ھن ڌرتيءَ کي تمام گهڻو نقصان پهچائي رھي آھي. فيڪٽرين ۽ ٽرانسپورٽ مان خارج ٿيندڙ نقصانڪار دونھون، ٻيلن جي واڍي، پلاسٽڪ جو بيجا استعمال، پاڻ کي معتبر ثابت ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ جنگيون ۽ اھڙن ٻين عملن سان ھن ڌرتيءَ کي تمام گھڻو نقصان رسيو آهي ۽ لڳاتار رسي رھيو آھي. چيو ويندو آهي ته ترقي خاموشيءَ  سان نه ٿيندي آھي، ان لاءِ سڀني حصيدارن کي گڏ ٿيڻو پوندو آهي. ڌرتي کي بچائڻ لاءِ آلودگي گهٽائڻ، وسيلن، جن ۾ ڪوئلو، گيس، تيل ۽ ٻيون معدنيات وغيره شامل آهن، جي حفاظت ڪرڻ ۽ ماحولياتي نظام جي حفاظت لاءِ اجتماعي ڪارروائين جي اشد ضرورت آهي. اهم ڪارروائين ۾ سخت ۽ پاڻياٺي فضلي، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ٻين گرين هائوس گيسن جي اخراج کي گهٽائڻ ۽ ٻيلن کي بچائڻ شامل آهي.

ڌرتيءَ جي رھائشين کي ڌرتيءَ جي تباهيءَ کان بچاءُ متعلق آگاھي ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي ماحولياتي اداري 22 اپريل کي ڌرتي ماءُ جي ڏھاڙي طور ملھائڻ جو اعلان ڪيو. ھن ڏينھن ملھائڻ جو مقصد ڌرتيءَ جي رهواسين کي ڌرتي ماءُ جي اھميت کان آگاهه ڪرڻ آهي، پر موجوده وچ اوڀر جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اھو محسوس ٿئي ٿو ته گڏيل قومن جا اعلان شايد صرف اعلان ئي آھن. ڇا جنگيون جن ۾ موتمار ھٿيارن جي استعمال سان گڏ فيڪٽرين، پلين، انساني آبادين، تيل جي کوھن ۽ ٻين وسيلن کي تباھه ڪيو پيو وڃي، ڌرتيءَ لاءِ فائديمند آھن؟ ڇا تيل جي کوھن ۽ ريفائنرين کي لڳل باھين جي نتيجي ۾ نڪرندڙ زھريلو دونهون جيڪو ساهه جي نالين ذريعي جاندارن جي جسم ۾ داخل ٿئي ٿو ڌرتي ۽ ان تي رھندڙن لاءِ فائديمند آهي؟ ھوا جنھن جون ڪي به سرحدون نه آھن ۽ جنھن کي پکڙجڻ کان ڪوبه روڪي نٿو سگھي. ڇا اھا ڪنھن مخصوص ملڪ يا علائقي تي اثر انداز ٿئي ٿي؟  يقينن ھنن سوالن جو جواب “نه” آھي. جنگين دوران خارج ٿيندڙ زھريلا گئس نه صرف سڌي طرح انسان تي اثر انداز ٿين ٿا، پر ان سڌي طرح اھي زمين جي مٽيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ ملي ڌرتيءَ جي ماحولياتي نظام تي تمام خراب اثر وجھن ٿيون. اھا خرابي بعد ۾ موسمياتي تبديلين کي جنم ڏئي ٿي. اھڙين حالتن ۾ گڏيل قومن واري اداري طرفان ملھائجندڙ ڌرتي ماءُ جو عالمي ڏھاڙو ڇا ڌرتي ماءُ سان انصاف ڪري ٿو؟ اسان جو يقين آهي ته اسان فطرت، ٻوٽن ۽ پنهنجي زمينن جا محافظ آهيون ۽ اجتماعي ۽ انفرادي ذميواري اسان مان هر هڪ تي آهي. اسان جي ڌرتي کي ترقي ڪرڻ لاءِ اسان جي مدد جي ضرورت آهي. عالمي ڌرتي ڏھاڙي جون سرگرميون واھن، دريائن ۽ سمنڊن جي صفائي کان وٺي ناگوار ٻوٽن کي هٽائڻ توانائيءَ جو استعمال گھٽائڻ، نوان وڻ ۽ ٻوٽا لڳائڻ ۽ جنگيون روڪرائڻ تائين ٿي سگهن ٿيون. عوام تائين ماحوليات متعلق آگاھي پھچائڻ پنھنجي جاءِ تي صحيح، پر گڏيل قومن واري اداري کي ھن ڏس ۾ سخت ۽ اثرائتا اپاءُ وٺڻا پوندا. ڌرتيءَ کي گدلاڻ کان بچائڻ ۽ موسمياتي تبديليءَ کي روڪڻ لاءِ انفرادي طور ھيٺ ڏنل طريقا استعمال ڪري سگھجن ٿا.

(1) ويجھن جاين تائين پھچڻ لاءِ پنڌ يا سائيڪل جو استعمال ڪيو وڃي. ھن عمل سان ھڪ طرف صحت تي سٺا اثر پوندا ته ٻئي طرف گرين هائوس گيسن جي اخراج تي قابو پائڻ ۾ مدد ملندي. وڏي پنڌ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو استعمال پڻ ھن مد ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو. (2) خريداري ڪرڻ لاءِ شاپنگ بيگز جو استعمال ڪرڻ بجاءِ ٻيھر استعمال وارين ٽوڪرين جو استعمال ڪيو وڃي ۽ اھڙو سامان خريد ڪيو وڃي جنھن تي پلاسٽڪ جي پيڪنگ نه هجي يا گھٽ ۾ گھٽ ھجي. ھڪ ڀيرو استعمال ڪرڻ وارن پلاسٽڪ جي ٿانون جي استعمال کان پاسو ڪجي. (3) بجلي ۽ پاڻيءَ جو استعمال گهٽ ۾ گھٽ ڪجي. وھنجڻ، ٿانو ۽ ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ بالٽي يا ٽب جو استعمال ڪجي. جتي جر مٺو ھجي اتي ٽيوب ويل يا بجليءَ جي پمپ بجاءِ ھٿ واري نلڪي جو استعمال ڪجي. زرعي زمينن کي سيراب ڪرڻ لاءِ ڦوھارا يا ڊرپ ايريگيشن سسٽم جو استعمال پاڻيءَ کي ضايع ٿيڻ کان بچائين ٿا. (4) کاڌي ۾ سبزين ۽ مڇين جو استعمال پڻ ماحول دوست ثابت ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ جو گوشت جي گھڻي استعمال سان جانورن جي پيداوار وڌائڻي پوي ٿي جيڪي ٻوٽن ۽ فصلن لاءِ بعض اوقات نقصان جو سبب بڻجن ٿا. (5) سج جي روشنيءَ جو وڌ ۾ وڌ استعمال ڪيو وڃي. گھرن، آفيسن ۽ مارڪيٽن وغيره جي تعمير اھڙي نموني ڪئي وڃي جيئن ڏينھن جي وقت اھي روشن ۽ ھوادار ھجن ۽ انھن ۾ بجليءَ جو استعمال گھٽ ۾ گھٽ ٿئي. وڏن شھرن ۾ ڪاروباري مرڪز سج لٿي کانپوءِ بند ڪيا وڃن. (6) گھرن ۾ ٻارن سان ماحوليات متعلق ڳالھايو وڃي ۽ حڪومتي سطح تي عوامي آگاھيءَ لاءِ اسڪولن ۾ ماحوليات متعلق مضمون پرائمريءَ جي ليول کان نصاب ۾ شامل ڪيا وڃن. پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا پڻ ھن ڏس ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن.