نئون

جهاز ۾ تبديل ٿيندڙ ٻيڙي تيار

آمريڪا جي اعليٰ تعليم جي اداري ايم آءِ ٽي جي ماهرن پاران هڪ اهڙي ٻيڙي تيار ڪئي وئي آهي جيڪا هڪ ننڍي جهاز ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿي. هن ٻيڙي جي تياري ۾ بايو ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو آهي ۽ هن کي الباٽروس پکي جي انداز ۾ تيار ڪيو ويو آهي. هن پکي جا پر 12 فوٽن تائين پکڙجي ويندا آهن، جنهن سبب اهو وڏي اڏام ڀري سگهندو آهي. هيءَ ٻيڙي عام ٻيڙي کان 10 ڀيرا وڌيڪ تيزي سان هلي سگهي ٿي. هن ٻيڙي جي سائيز ٽي ميٽر آهي، هي  ٻيڙي هڪ ننڍي جهاز (گلائيڊر) وانگر اڏامي سگهي ٿي. هن جي اڏام تمام اوچي ته نه آهي پر ان هوندي به ان ۾ جهاز جو مزو وٺي سگهجي ٿو. ايم آءِ ٽي جي ماهرن چيو آهي ته هن ٻيڙي کي سمنڊ اندر موسمياتي تحقيق ۾ ڪم آندو ويندو.