بلاگنئون

عورتن تي ٿيندڙ گهريلو تشدد ھڪ ڏکوئيندڙ حقيقت

عورتن تي ٿيندڙ وحشياڻو تشدد اسانجي معاشري جي ڏکوئيندڙ حقيقت آھي. عالمي سطح تي مردن جي مقابلي ۾عورتون وڌيڪ ۽ شديد گھريلو تشدد جو شڪار ٿين ٿيون. ورلڊ ھيلٿ آرگنائزيشن (WHO) مطابق 3 مان 1 ھڪ عورت گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڀيرو ضرور پنھنجي زندگي ۾ گھريلو تشدد جو شڪار ٿئي ٿي. ملڪ اندر موجود عورتن جي حقن لاءِ اسمبلين مان پاس ٿيل قانون جن ۾:

The Domestic violence (Prevention and protection Act 2013) Sindh Commission on the status of women Act 2015, Anti sexual Harassment Law (Protection against Harassment of Women at wok-place Act 2010,Amendment in Criminal Procedure Code (PPC).(Third Amendment) Act 2011, Anti Women Practices (Criminal law) Act, 2008 ۽Sindh Child Marriage Restraint Act 2013

شامل آھن. انھن جي ھجڻ باوجود خاص طور سنڌ ۾ ۽ ٻين صوبن ۾ به عورتون وحشياڻي گھريلو تشدد کان محفوظ نه آھن.گھريلو تشدد گھڻو ڪري گھريلو ماحول ۾ جھڙوڪر شادي شدہ زندگي ۾ زال پنھنجي مڙس ھٿان، يا عورت ڪنھن به اھڙي ئي قسم جي ڪنھن ويجھي تعلق جي ڪري تشدد جو نشانو ٿئي ٿي. گھريلو تشدد ۾ جسماني، نفسياتي، معاشي تشدد ۽ سوشل نيٽ ورڪنگ ذريعي هيسائڻ ۽ ڌمڪائڻ شامل آھن. تشدد ڪنھن انسان جو ٻئي انسان، يا ڪنھن به ساهه واري کي يا پنھنجي پاڻ کي پنھنجي جسماني زور ۽ طاقت کي استعمال ڪري ڄاڻي واڻي اھڙو نقصان ڏيڻ. جنھن جي نتيجي ۾ ھو زخمي ٿئي، مري وڃي يا سندس ذهني صحت کي ڪو نقصان پھچي چئبو آھي. ھن ۾ ڌڪا ڏيڻ، چمڙي کي ننھن سان رھڙڻ، ڌڪ ھڻڻ، ساڙڻ، ھٿيارن جو استعمال ڪرڻ، انھي کان علاہ ٻيا به ڪيترائي طريقا ٿي سگھن ٿا. گھريلو تشدد ڪيترن ئي طريقن سان ٿي سگھي ٿو، جنھن ۾ جسماني، جنسي، زباني، جذباتي ۽ معاشي تشدد شامل آھن. ڪيترن ملڪن ۾ جڏھن عورت جي پنھنجي گھرواري سان بيوفائي ثابت ٿئي ته اھڙي صورت ۾ گھريلو تشدد کي قانوني ۽ جائز قرار ڏنو ويندو آھي. پاڪستان ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد ۾ پوئين ٽن سالن ۾ واڌارو رھيو آهي. روزانه ايڪسپريس ٽربيون مطابق 20 آڪٽوبر 2022 ۾ 63،367 کان وڌيڪ جنس جي بنياد تي ٿيل تشدد متعلق ڪيس داخل ٿيا آهن، جن ۾ 3،987 عورتن کي قتل ڪيو ويو ۽ 10،500 عورتون جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿيون. فقط 2019 ۾ ئي ،25،389 واقعا عورتن سان ٿيندڙ تشدد تي مشتمل ھئا. جڏھن ته 2020 ۾ جسماني تشدد ۽ جنسي ڏاڍائي جا 23،789 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا. ساڳئي ريت 2021 ۾ 14،189 ڪيس عورتن سان ٿيندڙ مختلف قسمن جي تشدد تي مشتمل ھئا. انگن ۽ اکرن مطابق 3،987 عورتون 2019 کان 2021 تائين مختلف سببن ۽ طريقن سان قتل ڪيون ويون. جڏھن ته 10،500 عورتن جي جنسي ڏاڍائي جا واقعا پوليس آفيس ۾ درج ڪيا ويا ھئا. ساڳئي وقت 643 اجتماعي جنسي ڏاڍائي جا واقعا ٿيا ۽ 5،171 عورتن کي مختلف طريقن سان جسماني اذيت ۾ مبتلا ڪرڻ جا ڪيس درج ٿيا. عزت جي نالي تي 1025 عورتن کي زنده رھڻ جي حق کان محروم ڪيو ويو، جڏھن ته 103 عورتن جي منھن تي تيزاب ھاري ڄڻ کين زندہ درگور ڪيو ويو. 38 عورتن جي ساھ جي تند گيس جي چلھي ڦاٽڻ سبب ٽٽي پئي. گئس جي چلھي ڦاٽي پوڻ سان فقط عورت جي حياتي جو ئي ڏيئو ئي ڇو ٿو اجھامي ۽ بعد ۾ انھي کي خودڪشي يا خودسوزي جو نالو ڇو ٿو ڏنو وڃي. معلوم نه ٿي سگھيو آھي. جڏھن ته 2 آڪٽوبر 2022 تي اخبار The New International ۾ ڇپيل ارشد يوسفزئي جي آرٽيڪل (Gender-based violence-under reported in Country) ۾ وار اگينسٽ ريپ جي تازي رپورٽ جو حوالو ڏيندي مصنف ڄاڻايو آھي ته عورتن سان ٿيندڙ سنگين ڏوھ جھڙوڪر، جنسي طور ھيسائڻ، جنس جي بنياد تي ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي، گھريلو تشدد، ڪم جي جاءِ تي جنسي ھيسائڻ، نابالغ جي شادي، تيزاب جي حملي ۽ عزت جي نالي تي قتل ڪرڻ) (ڪاروڪاري) جھڙن ڏوھن کي پاڪستان ۾ گھٽ رپورٽ ڪيو ٿو وڃي. Global Gender Gap Index 2022 مطابق 146 اھڙن ملڪن مان جن ۾ عورتون معاشي مجبورري تحت يا ڪن ٻين سببن جي ڪري پنھنجي مٿان ٿيندڙ ظلم خلاف رپورٽ نه ٿيون داخل ڪرائن. تن ملڪن ۾ پاڪستان 145 نمبر تي آھي.

پوليس آفيس ۾ داخل ڪرايل رپورٽس مطابق گذريل سال 2022 ۾ 5،279 جنسي ڏاڍائي جا واقعا ٿيا. عورت ۽ ٻارن مٿان ٿيندڙ تشدد ۾ اضافو رھيو. انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جي اندازي مطابق تقريبن 1،000 عورتون گذريل سال عزت جي نالي تي زندہ رھڻ جي حق کان محروم ڪيون ويون. جڏھن ته ھيومن رائٽس ورلڊ واچ جي جاري ڪيل رپورٽ 2022 تحت پاڪستان ۾ 18 سيڪڙو ڇوڪرين جي شادي ارڙھن سالن جي عمر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ڪرائي ٿي وڃي ۽ 4 سيڪڙو ڇوڪرين جي 15 سالن جي ٿيڻ کان اڳ ٿئي ٿي. جنوري 2022 کان جولاءِ 2022 تائين ڪراچي پوليس وٽ فقط 49 سيڪڙو ڪيسن جي داخلا ٿي. انھي حقيقت ۾ ٿيندڙ واقعن جي تعداد ۽ پوليس وٽ داخل ٿيندڙ واقعن جي انگن اکرن ۾ تفاوت جي پٺيان ڪيترائي سبب آھن. جن ۾ عدالت طرفان غير منصفاڻي انداز ۾ ڏنل فيصلا، پوليس آفيسرز جا زندہ بچي ويندڙ عورتن ۽ سندن گھروارن سان حوصلو خطا ڪندڙ رويا، سست ۽ ڊگھيون عدالت جون سست ۽ ڊگهيون ٻڌڻيون، سماجي دٻاءَ ۽ ڌمڪيون، ماڻھن جا طعنه مھڻا، شرمندگي، خوف، سماجي بدنامي شامل آھن. نياڻين کي تعليم ڏياري، کين سندن حقن لاءِ آگاھي ڏئي، پنھجن پٽن کي اھو سمجھائي ته عورت ھر رشتي ۾ قابل احترام آھي. ملڪ ۾ موجود عورتن جي حقن ۽ تحفظن جي قانونن تي پابندي سان عمل درآمد ئي پاڪستان ۾ عورتن تي وڌندڙ گھريلو تشدد کي گھٽائي سگھي ٿو.

***