پاڪستان هن سال موسمياتي تبديليءَ جي اثرن سبب سخت متاثر ٿيو آهي ۽ ملڪ کي معمول کان 15 سيڪڙو وڌيڪ برساتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. پاڪستان انهن ملڪن مان آهي، جيڪي موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تمام گهٽ تيار آهن. تازو ڊان اخبار جي رپورٽ موجب، برطانيا جي امپيريل ڪاليج جي گرانٿم انسٽيٽيوٽ سان لاڳاپيل ورلڊ ويدر اٽريبيوشن گروپ جي 18 سائنسدانن ۽ محققن تي ٻڌل هڪ گروپ واضح ڪيو ته هيءَ غير معمولي صورتحال انساني سرگرمين جو نتيجو آهي، جنهن موسمياتي بحران کي وڌيڪ وڌايو آهي. هي گروپ پاڪستان، برطانيا، فرانس ۽ نيدرلينڊز جي يونيورسٽين ۽ موسميات جي ادارن سان لاڳاپيل ماهرن تي مشتمل هو. انهن جو چوڻ هو ته موجوده ٻوڏون عام کان وڌيڪ شديد برساتن سبب آيون ۽ ان غير معمولي موسم جي ذميواري انساني سرگرمين تي عائد ٿئي ٿي. هيءَ مون سون جي شدت اختيار ڪندڙ موسم آهي، ڇو ته پاڪستان ۾ مون سون جون برساتون عام طور تي جون جي آخر ۾ شروع ٿينديون آهن ۽ سيپٽمبر تائين جاري رهنديون آهن. هيءَ موسم سالياني برساتن جو 70 کان 80 سيڪڙو حصو آڻي ٿي، پر گهڻو ڪري تباهه ڪندڙ ٻوڏن جو سبب پڻ بڻجي ٿي. جيئن ته مون سون جون برساتون آبي ذخيرن لاءِ ضروري آهن، پر گذريل ڪجهه سالن ۾ انهن جي شدت خطري جي حد تائين وڌي وئي آهي. امپيريل ڪاليج لنڊن جي سينٽر فار انوائرومينٽل پاليسي سان لاڳاپيل ڊاڪٽر مريم ذڪريا جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ مون سون هاڻي ايتري سخت ٿي چڪي آهي جو معمولي تيز برساتون به وڌيڪ جاني نقصان جو سبب بڻجي رهيون آهن. هن وضاحت ڪئي ته رپورٽ ۾ تجزيو ڪيل برساتون “رڪارڊ ٽوڙ” نه هيون، پر اهي هڪ وسيع رجحان جو حصو آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته موسمياتي تبديلي ٻوڏن کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي رهي آهي. اتر پاڪستان ۾ ٻوڏ جون تباهيون تمام گهڻو متاثر ڪندڙ رهيون آهن. ڇو ته شدت اختيار ڪندڙ مون سون جي برساتن کانپوءِ آيل ٻوڏن، خاص طور تي ملڪ جي اترين علائقن کي سخت متاثر ڪيو. ڪيترن ئي ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، ٻوڏ جي پاڻي رستن کي ٻوڙي ڇڏيو، گهر ڊهي پيا ۽ فصل تباهه ٿي ويا. رپورٽ موجب سڄي ملڪ ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا. تاريخي برساتن جي ڊيٽا مان معلوم ٿيو ته اتر پاڪستان ۾ تازيون برساتون ٻين سالن جي مقابلي ۾ ايتريون غير معمولي نه هيون، پر موجوده ماحول، جتي عالمي گرمي 1.3 ڊگري سينٽي گريڊ وڌي چڪي آهي، ائين ٿيندڙ 30 ڏينهن واري شديد برسات هر پنجن سالن بعد متوقع آهي. رپورٽ موجب جيڪڏهن انسان فوسل فيول ساڙي ماحول کي گرم نه ڪري ها ته برسات جي شدت گهڻي گهٽ ٿئي ها. موسميات جي ڊيٽا ۽ موسمي ماڊلن کي ملائيندي تجزيو ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿيو ته موسمياتي تبديلي مون سون جي برساتن کي لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو وڌيڪ شديد بڻايو آهي. فوسل فيول کان نجات لاءِ بين الاقوامي امداد جي ضرورت ٿئي ٿي. پاڪستان، جيڪو تاريخي ڪاربان اخراج جو رڳو 0.5 سيڪڙو ذميوار آهي، موسمي اثرن جي تياريءَ جي عالمي فهرست ۾ 152 هين نمبر تي آهي۔ اهو نمبر، پاڪستان لاءِ گرمي، ڏڪار ۽ ٻوڏن جي اثرن کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ٿو.