بلاگنئون

خدا، قانون ۽ انسانيت جو شروعاتي معاهدو!

جڏهن انسان جهنگن کان نڪري قبيلا ٺاهڻ لڳو ته ڳالھه صرف شڪارين جي گوشت ورهائڻ جي نه هئي، بلڪه اهو هڪ معاهدو، هڪ واعدو هو ته اسان هڪٻئي سان گڏ رهي سگهون ٿا، بنا ڪنهن ڊپ جي، بنا ڪنهن دوکي جي، ڪو ته گهربو هو ته جيڪو ڏسي ته ڪير ڪوڙ بڪي رهيو آهي، ڪير لڪي ڪري چوري ڪري رهيو آهي. انهيءَ ضرورت اسان کي خدا جو تصور ڏنو، هڪ اهڙي هستي جو جيڪا هر وقت موجود هجي، سو ان قسم جي تصور قبيلن کي ڳنڍي رکيو، ماڻهن اهي ڪم ڇڏي ڏنا، جيڪي قبيلي کي ٽوڙي پئي سگهيا. ائين خدا جو تصور يا چئجي ته مذهب اسان جو پهريون سماجي نظام بڻجي ويو.

پوءِ وقت بدليو، ساڍا ٽي هزار سال اڳ بابل ۾ حمورابيءَ  قانون لکيا،  جيڪي قانون خدا جي نالي تي هئا، جن جو مقصد اهوئي هو يعني انصاف: جيڪڏهن اسان ڪنهن جو هٿ وڍيو ته اسان جو به هٿ وڍيو ويندو، اهي اصول پوءِ تورات ۾ ويا، پوءِ عيسائيت ۽ اسلام تائين پهتا. مذهب اصل ۾ هڪ قانون هو، ليڪن اهو قانون جيڪو عدالت کان وڌيڪ ضمير سان نافذ ٿيندو هو ۽ انهيءَ کي ڪنهن جج جي نه بلڪه دل جي پروڙ گهربل هئي.

پوءِ بادشاهتون ٺهيون، رياستون آيون، خدا جي جڳھه عدالت وٺي ڇڏي، دوزخ جي جڳھه جيل، ليڪن سوچ ساڳئي ئي رهي. جيئن خدا تي سوال اٿارڻ گناھ هو، ائين ئي قانون تي سوال اٿارڻ ڏوھ بڻجي ويو. ٻنهي گهريو، نه ڪي سمجهيو، ٻنهي چيو ته بس ڪنڌ نوايو، مگر پڇو نه.

هر مذهب ٻئي مذهب کي ڪوڙو سڏي ٿو، ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هرهڪ پنهنجو پاڻ کي مڪمل سچ سمجهي ٿو، ليڪن اصل مسئلو سچائي جي دعويٰ نه بلڪه اهو آهي ته ان جي دعويٰ اسان کي سوچڻ کان روڪيو ڇڏي، اسان نظم و ضبط جي لاءِ مذهب ٺاهيو هو، ليڪن اهو پاڻ هڪ بوجھه بڻجي ويو. اسان وساري ويٺاسين ته مذهب جو اصل مقصد انسان کي انسان بڻائي رکڻ هو.

جيڪڏهن اسان مذهب کي ان جي اصل روح سان سمجهون ته اهو ڪجهه رسمن يا عبادتن جو نالو ناهي، بلڪه اهو هڪ واعدو آهي، هڪ سماجي رشتو، يعني اهو ته اسان هڪٻئي جي جيئڻ واري حق کي مڃينداسين، چاهي اوهان خدا تي يقين رکو يا نه رکو، جيڪڏهن اوهان ٻين کي جيئڻ ڏيو، ظلم کان بچيو ۽ پنهنجي موجودگي سان دنيا کي بهتر بڻايو ته اوهان ان واعدي جو حصو آهيو، چاهي اوهان جو تعلق مسجد سان هجي، مندر سان، يا دل جي آواز سان، اصل ڳالھه آهي انسان جي عزت ۽ احترام.

انسان عقيدي سان نه بلڪه عمل سان بڻبو آهي ۽ اهو تڏهن ئي بڻجي ٿو، جڏهن ٻين کي انسان سمجهي، جڏهن پنهنجي سچائي کي ٻين تي نه مڙهي، جڏهن اختلاف کي زندگي جو حصو مڃي، اهوئي اهڙو سفر آهي، جنهن اسان کي غارن کان شهرن تائين پهچايو.

خدا، قانون، اخلاق اهي سڀ هڪ ئي سوال جا جواب آهن، انسان کي انسان ڪيئن رکيو وڃي؟ جيستائين اهو سوال اسان جي دلين ۾ زنده آهي، اسان انسان رهنداسين، چاهي اسان ڪنهن مذهب کي مڃيون يا نه مڃيون، اصل عبادت ته اهائي آهي، ٻين انسانن جي حرمت کي مڃڻ.

مذهب، فسلفو، خدا، قانون، اخلاق سڀئي انهيءَ سوال جي چوڌاري گهمن ٿا ته انسان کي حيوان کان ڪهڙي شيءَ ممتاز بڻائي ٿي؟

جيڪڏهن اسان جو جواب رحم، انصاف، فهم ۽ برداشت آهي ته اسان جو رستو درست آهي، چاهي اهو مندر کان هجي، يا عدالت کان، قرآن کان هجي يا آئين کان يا محض هڪ خاموش اندرين ضمير جي آواز کان.

صرف پوڄا سان انسان نٿا ٺهن، نه صرف نرڙن جي نشانن سان، بلڪه انسان اهو آهي، جيڪو ٻئي انسان کي انسان سمجهي ۽ اهوئي اهڙو مذهب آهي، جنهن جي تبليغ ڪنهن پيغمبر کان اڳ ضمير ڪئي هئي.