ايڊيٽوريلنئون

اقليتن جي حقن جو تحفظ ۽ مساوي موقعن جي فراهمي

اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ايوان صدر اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته مساوات، آزادي ۽ وقار تي ٻڌل معاشري جي تشڪيل لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هن اهو به چيو ته ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقليتي برادري جي اهم ڪردار جو هو ذاتي طور معترف آهي. اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ مساوي موقعن جي فراهمي سماجي هم آهنگي لاءِ ضروري آهي.

سنڌ حڪومت صوبي ۾ اقليتن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ اهڙو صوبو آهي، جنهن ۾ سنڌي هندو وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. ملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ اقليتن جي ايتري آبادي ناهي، جيتري سنڌ ۾ آهي. سال 2025 ۾ اقليتي برادري پنهنجي اڪثريتي مسلم آبادي سان پرامن زندگي گذاري رهي آهي. صوبي ۽ ملڪ جي صنعتي زرعي شعبن  ۽ واپار ۾ اهي سڀ گڏ ڪم ڪري رهيا آهن.

پريا ڪماري جي اغوا جو واقعو سال 2021 جو آهي. پوين سالن ۾ جبري مذهبي تبديلي ۽ اغوا جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. انهيءَ ڏوهه کي سولائيءَ سان نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، پر هاڻ صاف نظر اچي رهيو آهي ته وفاقي سرڪار ۽ صوبن جون سرڪارون اقليتن لاءِ زندگيءَ کي بهتر ڪرڻ جو عمل ۽ ارادو ڪري چڪيون آهن. پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ جيئن ته اقليتن سان ڏٺو وائٺو ظلم سڄي دنيا ڏسي رهي آهي. مودي سرڪار جي انتظام هيٺ مسلمان ۽ عيسائي ٻئي درجي جي شهري جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن.

اسان جي ملڪ ۾ جيڪڏهن اسان جي رهنمائن اهو فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ جي سماج ۾ هم آهنگي آڻجي، ڇو ته سڀ ماڻهو برابر جا شهري آهن. اهو تحسين جوڳو قدم آهي. صدر آصف علي زرداري جو ايوان صدر ۾ خطاب انهيءَ پاليسي کي واضح ڪري ٿو. پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته معاشري ۾ ڪنهن به قسم جي تشدد، انتهاپسندي ۽ استحصال جي گنجائش نه آهي.

قومي وحدت ۽ سالميت جو تحفظ يقيني بنائڻ لاءِ پرعزم آهيون. اها ڳالهه اقليتي برادري جي نمائندن جي سامهون ڪئي وئي آهي. انساني وقار ۽ سماجي هم آهنگي جي طرف پاڪستان جو اهو سفر خوش آئند آهي. ملڪ ۾ مختلف عقيدن تي مشتمل اقليتي ماڻهو 75 لک کان مٿي آهن. رياستي پاليسي جيڪڏهن انهن لاءِ زندگيءَ جو پروقار رستو ڳوليو آهي ته پوءِ آصف علي زرداري صاحب ٺيڪ ٿو چوي ته اقليتن جو ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي.

هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته اسانجي وفاقي ۽ صوبائي سرڪارن کي پنهنجي انهيءَ پروگرام ته اقليتن کي اڪثريت سان گڏ وٺي احتياط سان هلائڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو اسانجي ملڪ ۾ اهڙا گروهه به آهن جيڪي عقيدي جي تبديلي ۽ جبري شادين جي سلسلي ۾ سرگرم رهيا آهن. اقليتي برادري کي طاقتور ماڻهو سافٽ ٽارگيٽ سمجهن ٿا. ماضيءَ ۾ انهن جو اغوا، چوريون ۽ ڌاڙا عام ڳالهه هئا ۽ اهي انهن کي ڦٻندا به رهيا هئا. سال 2025 ۾ اقليتي برادري سان اهڙو ڪو وڏو اڻوڻندڙ واقعو نه ٿيو آهي، جنهن کي عام جرم جي واردات کان الڳ ڪري ڏسجي ۽ اهو ڏسڻ ۾ اچي ته اهو سڀ اقليتي برادري سان ٿي رهيو آهي.

ايوان صدر ۾ جڏهن اقليتي برادري جا نمائندا موجود هئا، انهن جي سامهون ملڪ جي صدر آصف علي زرداري چيو ته اقليت جي حقن جي تحفظ ۽ مساوي موقعن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهيون. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ اقليتن جي ڀرپور نمائندگي آهي ۽ آئين پاڪستان جي تحت سڀئي اقليتي برادريون پاڪستان ۾ محفوظ آهن ۽ هڪ جهڙا حق رکن ٿيون.

تعليمي ميدان ۾ اقليتي طبقي لاءِ اسڪالرشپ جا بهترين موقعا پيدا ڪيا ويا آهن. انهن لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ الڳ ڪوٽا آهي. ملڪ جي آزاديءَ جي سالگرهه ويجهي آهي، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ملڪ جي قيام وقت پنهنجي خطاب ۾ اهو چيو هو ته پاڪستان ۾ رهندڙ هر شهري جا حق برابر آهن.  صدر پاڪستان جو هن تقريب ۾ اقليتن جي حقن بابت ورجاءُ ۽ انهن کي قومي ڌارا ۾ کڻي هلڻ جي ڳالهه ڪرڻ حقيت ۾ ان پاڪستان جي ڳالهه آهي، جنهن بابت قائداعظم محمد علي جناح قوم کي آگاهه ڪيو هو.