14 آگسٽ “جشنِ آزادي” جو ڏينهن آهي، جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ هن ڀيري وڏي شان، مان جوش، جذبي ۽ عيد جي خوشي جيان ملهايو پيو وڃي. هر ٻار، نوجوان توڻي بزرگ جي دل ملڪ سان محبت جي اظهار ۾ خوشي ۽ مسرت سان سرشار آهي. ياد اٿم ته منهنجي ٻاراڻي وهيءَ ۾ پيارو وطن ڪجهه سالن کان وجود ۾ آيل هو. اسڪولن ۾ شاگردن کي پاڪستان زنده باد جو نعرو زبان تي هوندو هو. ريڊيو جي نشريات ختم ٿيڻ کانپوءِ قومي ترانو وڄايو ويندو هو ته ان کي شوق سان مڪمل ٻڌندا هئاسين. اسڪول ۾ صبح جو اسيمبليءَ ۾ قومي ترانو ترنم سان پڙهندا هئاسين. سادگي جي سونهن، سچائيءَ جي سُرهاڻ هئي. هڪٻئي لاءِ پيار، محبت، ڀائيچارو، احساس جي موجودگي ۽ لڳ لاڳاپي جو ماحول هو. ان وقت ملڪ ۾ مفلسي ۽ غريبي هئي. آهستي سان ملڪ جون معاشي حالتون ٺيڪ ٿيڻ لڳيون. روزگار جا وسيلا پيدا ڪرڻ لاءِ صنعتي ترقياتي ڪارپوريشن قائم ٿي. ڪارخانا لڳا جنهن سان صنعتن ۾ پيداوار وڌي.
زرعي ترقياتي ڪارپوريشن جي قائم ٿيڻ سان زرعي پيداوار ۾ اُپت آئي ۽ نيون زرعي جنسون پڻ متعارف ٿيون. مفلسي ۽ تنگ دستي ختم ٿيڻ لڳي. ڳوٺ سڌار اسڪيمن تحت ٻهراڙي جي ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ٿي. بنيادي جمهوريت جي سرشتي سان اسٽريٽ لائيٽنگ، صفائي، صحت مرڪز، تعليم تربيت ۽ هنري تعليم طرف لاڙو وڌيو. جنهن سان افرادي قوت ۾ اضافو ٿيو ۽ وڻج واپار ۾ پڻ چڱو اضافو ٿيو. سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جو معيار بلند ٿيو، جتي تقرير، تحرير، ڊرامه ڪلچر، سائنسي ۽ ثقافتي تقريبن ڪرائڻ سبب غير نصابي سرگرمين مان خاطر خواهه نتيجا مليا، جنهن جي نتيجي ۾ نامور شاگرد پيدا ٿيا، جن ملڪ جو نالو روشن ڪيو. اڄ سال 2025 ۾ پاڪستان جي آزادي کي خير سان 78 سال ٿي ويا آهن. ملڪ اسان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، پر ملڪ به اسان کان ڪجهه سٺو ڪم ڪرڻ جي تقاضا ڪري ٿو.
اهو ضرور ٿيو آهي ته ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي آهي، پر ملڪ جي آدمشماري به انتها درجي تائين پهچي چڪي آهي. جنهن سبب معاشي مسئلا به وڌيا آهن، پر اها ويڌن سڄي دنيا سان آهي. ترقي ڪندڙ ملڪن جي باشندن تعليم، صحت، زراعت ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ (سروسز) ۾ پاڻ موکايو آهي. جڏهن ته اسان جي ملڪ جي هر شعبي ۾ بدعنواني، رشوت خوري، ڪوڙ، دغا، دوکو، شين ۾ ملاوٽ، ڪيترين ئي وبائن کي ڦهلايو آهي. اسان پنهنجن ادارن کي سنڀالي نه سگهيا آهيون، نه وري انهن کي پنهنجو سمجهون ٿا. هر ڳالهه سرڪار تي ۽ ان جي ڪارندن جي طرف سمجهون ٿا. سرڪاري آفيسرن جي لاپرواهي ۽ ڏوڪڙ ڪلچر ڏانهن دلچسپي ڪيترين ئي خرابين کي جنم ڏنو آهي، پر بحيثيت قوم اسان پنهنجي ملڪ سان ڪيتري انسانيت، همدردي ۽ ايمانداري ڪئي آهي؟ پبلڪ سيڪٽر ۾ صنعتون برپا ڪيون ويون، ان ۾ مزدور يونين توڻي آفيسرن، ايسوسئيشنن، افسوسناڪ ۽ ڏک ڏيندڙ حرڪتون ڪيون آهن، جنهن سبب ادارا بي حال، بي وس، لاچار ۽ معذور ٿي چڪا آهن. ان جو مثال پاڪستان اسٽيل مل، پورٽ قاسم، ايئرلائينز، ريلوي، پاڪستان پوسٽ وغيره اسان جي آڏو آهن. جڏهن محترم ادارن، محترم عهدن جي ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي عزت نه ڪبي ۽ انهن کي سندن تقدس واري درجي تان ڪيرائڻ جي ڪوشش ٿيندي، تڏهن اهوئي ٿيندو جيڪو اڄ اسين ڏسي رهيا آهيون. مقدس ۽ محترم ادارن ۾ ويٺل ماڻهن خود پنهنجن ادارن کي تباهه ڪرڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آهي. ادارو معنيٰ اداري جي ساک، جيڪڏهن ساک ئي باقي نه رهندي ته پوءِ اداري جي اهميت ۽ تقدس ڪهڙي معنيٰ ٿو رکي. اسان پاڻ تي تنقيدي نظر وجهڻ کان ڪيٻايون ٿا. ميرٽ بدران ٻيا طريقا ڳوليون ٿا. نوڪري وٺڻ لاءِ بي تحاشا ڏوڪڙ ڏيڻ جي آڇ ڪريون ٿا ۽ نوڪري ڏيڻ وارا ادارا به قيمت مقرر ڪيو ويٺا آهن. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي روزاني حاضري، استادن جي بي حسي ۽ بي خيالي ۽ غير دلچسپي تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگي، امتحانن وٺڻ جو طريقيڪار، خطرناڪ صورتحال تائين وڃي پهتو آهي ته ٻئي طرف اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي غيرحاضري، عدم دلچسپي، مريضن کي ذاتي اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ جو ڏس به اسان کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيو آهي.
دوائن جي فراهمي ته وري الڳ ڳالهه آهي. خانگي اسڪولن جي ديده دليري بابت ڪو انهن کان پڇڻ وارو ڪونهي ته اوهان وٽ پروفيشنل ٽيچر ڪٿي آهن؟ ليبارٽرين ۾ پريڪٽيڪل ڪيئن پيا ٿين؟ سنڌي سبجيڪٽ جو ٽيچر ڪٿي آهي، اگر آهي به ته ان جي ڪهڙي ڊگري آهي ۽ ڇا ٿو پڙهائي، ڇا اسان جو ٻار ميٽرڪ ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌي يا اردو اخبار رواني سان پڙهي سگهي ٿو. درخواست يا عريضي نويسي ته اڃان پوءِ جي ڳالهه آهي، پر اهو شايد اسان وساري ڇڏيو آهي ته جيئڻ جو موقعو ان کي ملندو آهي، جيڪو پاڻ کي جيئڻ جي قابل بڻائيندو آهي. سڀ کان اول جيستائين قومي جذبو پيدا نه ٿيندو، تيستائين ڪجهه به نه ٿيندو. جيڪڏهن جذبو آهي ته ملڪ جي خدمت به ٿي سگهي ٿي، پر بنيادي نقطو جيڪو آهي انهيءَ کي پيدا ڪرڻ لاءِ به هڪ جذبو کپي، تعليم کپي، فهم کپي ۽ ملڪ لاءِ محبت کپي. اهي نقطا ڪير پيدا ڪندو؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجي نظر صحيح هجي ۽ هر ڳالهه جي لاءِ انصاف جي ڳولا هجي، انسانيت اگر پيدا ٿي وڃي ته هر جذبو پاڻ پيدا ٿي پوندو. انسانيت جهڙي نعمت جنهن قوم وٽ آهي ته اها مالامال آهي.