بلاگنئون

فِطرتَ جي نظام ۾ ڇڻيل پن به ضايع نٿو ٿئي

زندگي جو سڀ کان وڏو سبق فطرت اسان کي خاموشيءَ سان سيکاريندي رهي ٿي. انسان گوڙ ڪري ٿو، ڳالهيون ڪري ٿو، نعرا هڻي ٿو، تقريرون ڪري ٿو؛ پر فطرت بنا ڪنهن آواز جي انقلاب آڻي ٿي. وڻن مان ڪريل سڪل پن، جيڪي عام نظر ۾ بيڪار سمجهيا وڃن ٿا، فطرت جي نظام ۾ وري مٽي بڻجي نون گلن جي خوراڪ بڻجن ٿا. اها ئي حقيقت انسان جي زندگيءَ سان به لاڳو ٿئي ٿي. فطرت جو قانون آهي ته ڪابه شيءِ ضايع نٿي ٿئي، جيڪو ڪجهه ٽُٽي ٿو، سو ٻيهر جُڙي ٿو؛ جيڪو ڪري ٿو، سو وري اڀري ٿو. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي:  “زمين ۾ ايمان وارن لاءِ نشانيون آهن”-الذاريات: 20.

يعني فطرت پاڻ هڪ کليل ڪتاب آهي، شرط رڳو اهو آهي ته پڙهڻ واري اک هجي. اسان جي سماج ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجي ناڪامين، غربت، محرومين ۽ رد ٿيل لمحن کي آخري انجام سمجهي ويهي رهن ٿا. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اهي ئي لمحا مستقبل جي تعمير جا بنياد بڻجن ٿا. مشهور مفڪر خليل جبران چوي ٿو: “تڪليفن مان ئي مضبوط ترين روح جنم وٺن ٿا، دنيا جون عظيم شخصيتون اهي ئي آهن جن جي وجود تي زندگيءَ جي سختين جا نشان موجود آهن.”

 فطرت اسان کي سيکاري ٿي ته خزان کانسواءِ بهار ممڪن ناهي. وڻ جڏهن پنهنجا پن وڃائي ٿو، تڏهن ئي نوان پن پوکڻ جي سگهه پيدا ڪري ٿو. انسان به جڏهن پراڻيون سوچون، منفي خيال ۽ مايوسيون ڇڏي ٿو، تڏهن ئي نئين زندگيءَ جو آغاز ٿئي ٿو.

افلاطون چيو هو: “هر ڪنهن سان مهرباني سان پيش اچو ڇاڪاڻ ته هر اهو شخص جنهن سان توهان ملو ٿا اهو ڪنهن نه ڪنهن سخت جنگ ۾ مصروف آهي.”

هن قول مان اسان کي اها سکيا ملي ٿي ته هر انسان اندروني طور ڪنهن نه ڪنهن تڪليف مان گذري رهيو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو فطرت به ڪڏهن ڪنهن شيءِ کي مڪمل ختم نٿي ڪري، بلڪه ان کي ٻي شڪل ڏئي نئون مقصد عطا ڪري ٿي. اڄ جي جديد دور ۾ انسان ترقيءَ جي نالي ۾ فطرت کان پري ٿيندو پيو وڃي. بجري ۽ پٿر جا شهر، مصنوعي زندگي، موبائيل اسڪرين ۽ مصنوعي خوشيون، انهن سڀني انسان کي پنهنجي اصل بنيادن کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ ذهني دٻاءُ، ڊپريشن، بيچيني ۽ خودغرضي وڌندي پئي وڃي.

علامه اقبال چيو هو:

قدرت ڪي مقاصد ڪي ڪرتا هي نگهباني

يا بنده صحرائي يا مردِ ڪهستاني

فطرت جا راز اهي ئي سمجهن ٿا، جيڪي سادگيءَ سان زندگي گذارين ٿا.

اسان جيڪڏهن پنهنجي ڳوٺاڻن علائقن ڏانهن نظر ڦيرايون ته ڏسون ٿا ته اتي اڃان به ماڻهو وڻن سان ڳالهائين ٿا، درياءَ کي پيءُ سمجهن ٿا، ڌرتيءَ کي ماءُ سمجهن ٿا، پر شهرن ۾ فطرت صرف پارڪن تائين محدود ٿي وئي آهي.

فطرت جو پيغام واضح آهي ته هر زوال کانپوءِ عروج آهي، هر اونداهيءَ کانپوءِ روشني آهي. سڪل پن به جڏهن زمين جي مٽيءَ ۾ ملي وڃي ٿو ته اهو نئين حياتيءَ جو سبب بڻجي ٿو. ساڳي طرح انسان جون ناڪاميون به مستقبل جي ڪاميابين جو ٻج بڻجي سگهن ٿيون، شرط صرف صبر، محنت ۽ يقين آهي.

حضرت علي رضه فرمايو: “مشڪلات انسان کي ختم ڪرڻ لاءِ نه، بلڪه انسان کي ٺاهڻ لاءِ اينديون آهن.” هي قول اسان کي سيکاري ٿو ته ڏک، تڪليف ۽ محرومي ڪا سزا ناهي، پر تربيت آهي. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين فطرت سان ٻيهر رشتو جوڙيون، پنهنجن ٻارن کي وڻ پوکڻ سيکاريون ۽ فطرت جي ننڍين وارتائن تي غور ڪرڻ سيکاريون، دريائن سان محبت سيکاريون ۽ زندگيءَ جي سادگي کي ٻيهر قبول ڪريون. ڇو ته جيڪا قوم فطرت کان وڇڙي وڃي ٿي، سا آخرڪار پنهنجي سڃاڻپ به وڃائي ويهندي آهي.

فطرت اسان کي سيکاري ٿي ته بيڪار ڪجهه به ناهي. ٽٽل پن، ڀُڳل خواب، رد ٿيل ماڻهو سڀ ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن قيمتي بڻجي سگهن ٿا. شرط صرف اهو آهي ته اسين پاڻ کي وقت جي ضرورتن کي سمجهي فيصلا ڪريون، قدرت جي نظام تي غور ڪريون ۽ پنهنجي ناڪامين مان ڪاميابيون پيدا ڪرڻ جو جتن ڪريون ۽ ڪڏهن به اميد جو دامن نه ڇڏيون.