انساني سماج ۾ ناانصافي موجود آهي، پر جيڪڏهن انهيءَ جي پويان عملن ۽ روين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي ته اڪثر انساني استحصال، بي حسي ۽ ظلمن جي داستان جا راز وائکا ٿيندا. ظاهر ۾ سماج پوتر نظر اچي ٿو، پر حقيقت ۾ ڪيترن ئي انساني المين جو ذميوار ثابت ٿئي ٿو.
اولاد، رزق ۽ عورت بابت غلط عقيدا:
سماج ۾ ڪجهه اهڙا رواجي جملا عام آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ بي ضرر لڳن ٿا، پر حقيقت ۾ انهن جي پويان وڏو ظلم لڪل آهي، جيئن: ٻار پنهنجي نصيب جو رزق کڻي ايندو آهي، رزق عورت جي بخت سان سلهاڙيل آهي. اهڙن عقيدن جو بنياد انڌي عقيدت تي آهي، جيڪي والدين کي پنهنجي ذميوارين کان فرار جو جواز ڏين ٿا. جڏهن رزق ۽ تقدير جي سڄي ذميواري ٻار يا عورت تي مڙهي ويندي ته پوءِ والدين ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان نه سوچيندا ته اولاد جي پالنا، تعليم، صحت ۽ نفسياتي سلامتي سندن بنيادي فرض آهي.
معاشي زوال ۽ انساني لاڳاپا:
معاشي طور زبون ٿيڻ واري حالت ۾، نه رڳو سماج، پر گهر به لاتعلق ٿي وڃي ٿو. اهڙين حالتن ۾ ماءُ پيءُ، ڀائر ڀيڻ يا دوست فون تائين کڻڻ کان لنوائين ٿا. ان کي ذهني سازشن (Manipulation) جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. روايتي طور تي ماءُ پيءُ بابت ٻڌايل فضيلتون، اڄ صرف سوشل امپريشن جي حد تائين محدود ٿي ويون آهن، حقيقت ۾ ڪيترائي والدين پنهنجي مفادن جا سوداگر ثابت ٿين ٿا. ڪجهه گهراڻن ۾ ماءُ پيءُ کي مڪمل اجاراداري حاصل هوندي آهي. اهي “ڪُل” هوندا آهن، جڏهن ته اولاد صرف “جز”!. جن ٻارن وٽ مالي سهارو ڏيڻ جي سگهه نه هوندي آهي، تن کي گهڻو ڪري نظرانداز ڪيو ويندو آهي. انهن جي انساني حقن تي سوديبازي ڪئي ويندي آهي ۽ سندن حصي جو پيار ٻين تي نڇاور ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح والدين طرفان ناانصافي جاري رهي ٿي.
گھر جي اصل تصوير:
گهر، جيڪو انساني پناهه گاھه هجڻ گھرجي، حقيقت ۾ گهڻن لاءِ اذيت خانو، سازشي ڪوٺي ۽ نفسياتي تشدد جي تربيت گاھه بڻيل آهي. جيڪڏهن والدين پنهنجي اولاد جي تربيت، فڪر ۽ تحفظ لاءِ سنجيده نه آهن ته ان جي نتيجن جا ذميوار به اهي پاڻ آهن. ساڳي طرح “حُميره” جي قتل جي ذميواري ڪنهن تي رکجي؟ اسانجي سماج جو غير انساني، ظالماڻو ۽ بيحس رويو هڪ اهڙي درندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو، جنهن تي رڳو افسوس ڪرڻ ڪافي ناهي. رياست کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن جن جي نتيجي ۾ اها ڳالهه يقيني ٿي سگهي ته مستقبل ۾ اهڙا واقعا نه ٿين. اهڙن ڏوهن تي سخت سزا ضروري آهي ۽ سماج ۾ رهندڙ اسين سڀ ماڻهو به پنهنجي ذميداري کي محسوس ڪري سماج کي بهتر بڻايون. اسان سڀني کي پنهنجي ذميوارين کان منهن موڙڻ جو ڪو به حق ناهي.