خاصنئون

 قطر پاڪستان جي 5 ايئرپورٽن کي جديد بنائڻ جي پيشڪش ڪري ڇڏي

قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني گذريل مهيني پاڪستان جي دوري دوران وزيراعظم پاڪستان سان ملاقات ۾ اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو هو. خبرن موجب قطر پاڪستان جي پنجن وڏن ايئرپورٽن ۾ مالي، ٽيڪنيڪي تعاون ڪندو. وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ اهم اجلاس گهرائي ورتو آهي جنهن ۾ هوا بازي جو وفاقي وزير به شرڪت ڪندو. هن اجلاس ۾ ايئرپورٽن کي آئوٽ سروس ڪرڻ واري معاملي تي فيصلو ڪيو ويندو. ياد رهي ته قطر جو امير 22 جون تي پاڪستان جي ٻن ڏينهن واري دوري تي آيو هو. هن دوري تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون هيون. دوري جي ٻئي ڏينهن تي قطر جي امير جي هدايت تي قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ 3 ارب ڊالرن جي سيڙپ جو اعلان ڪيو هو جيڪو ڊپازٽ ڊائريڪٽر انويسٽمينٽ جي صورت ۾ هوندو.