آءِ جي سنڌ جي هدايت تي پ پ اسيمبلي ميمبرن جي سيڪيورٽي واپس
حڪومتي، سياسي ۽ ٻين شخصيتن جي سيڪيورٽي تي متعين ٿيل پوليس اهلڪارن کي آءِ جي سنڌ جي حڪم تي واپس گهرايو ويو. خبر موجب پيپلز پارٽي جي جن ميمبرن کان سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي انهن ۾ سعيد غني ۽ شهلا رضا به شامل آهن. پوليس ترجمان مطابق ٻنهي ميمبرن جي سيڪيورٽي تي ٻڌيل پوليس اهلڪار ۽ موبائل گاڏيون واپس هيڊڪوارٽر گهرايون ويون آهن. پوليس مطابق انهن ميمبرن ۽ ٻين شخصيتن کي مليل سيڪيورٽي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي ڏني وئي هئي. ٻئي طرف سعيد غني جو چوڻ آهي ته هن پوليس کان ڪابه سيڪيورٽي نه گهري هئي. پوليس پاڻ سيڪيورٽي ڏني هئي هاڻي واپس گهرائي ورتي آهي.

